Editor's pickMain Slideثقافت

سنڌ ۾ ڀڳت ڪبير جو 629ھون جنم ڏينھن ملھايو ويو  

نور شاهه ڀٽ ۾ ڀڳت ڪبير جي 629هين جنم جينتي جون سالياني تقريبون روحاني جوش ۽ مذھبي هم آهنگيءَ سان پڄاڻيءَ تي پھتيون. سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن مان هزارين مريد، عقيدتمند ۽ روحاني پانڌيئڙا شريڪ ٿيا.

ڀڳت ڪبير جي حقيقي عقيدت جو اظهار رڳو ميلن ۽ تقريبن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر سندس فڪر کي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: گادي نشين موهن لال

سکر/ ڪنڌرا

سکر ۽ روهڙي ڀرسان تاريخي ۽ روحاني مرڪز نور شاهه ڀٽ ۾ جڳ مشهور صوفي سنت ڀڳت ڪبير (1398-1518) جي 629هين جنم جينتي جي موقعي تي منعقد ٿيل ٽن ڏينهن واريون سالياني روحاني ۽ ثقافتي تقريبون اڄ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات عقيدت، امن ۽ انساني ڀائيچاري جي لازوال فضا ۾ پڄاڻي تي پهتيون.

انهن تقريبن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن مان آيل هزارين مريدن، عقيدتمندن ۽ روحاني پانڌيئڙن ڀرپور جذبي سان شرڪت ڪئي. سڄي ميلي دوران درٻار جو ماحول ڀڳت ڪبير جي آفاقي فڪر، محبت، برابري ۽ انسان دوستيءَ جي پيغام سان سرشار رهيو، جتي علمي گفتگو، روحاني بيانن ۽ ڀڳتي موسيقيءَ جو سلسلو لڳاتار جاري رهيو.

تقريبن جو باقاعده افتتاح ڪبير پنٿ جي چوٿين گادي نشين سائين موهن لال صاحب مکي دريانو مل، مکي بابو هرداس، ضلعي ڪائونسلر اميت ڪمار ۽ مختلف پنچائتن جي ٻين نمائندن سان گڏ سنت ڪبير جي روحاني جوت روشن ڪري ڪيو. ان موقعي تي عالمن ۽ فڪر وارن ڀڳت ڪبير جي تعليمات کي انساني شعور جي بيداري، رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ جو روشن مينار قرار ڏنو.

تقريب جي هڪ اهم ۽ اثرائتي گهڙيءَ ۾ گادي نشين سائين موهن لال خطاب ڪندي چيو ته ڀڳت ڪبير ڪنهن هڪ مذهب، قوم يا سرحد جو نمائندو نه هو، پر هو سچ، محبت، برابري ۽ انسانيت جو آفاقي آواز هو، جنهن جو پيغام اڄ به انسانيت کي امن، برداشت ۽ باهمي احترام ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ڀڳت ڪبير جي حقيقي عقيدت جو اظهار رڳو ميلن ۽ تقريبن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر سندس فڪر کي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نفرت، تعصب ۽ متڀيد کي رد ڪري محبت، خدمت، عاجزي ۽ انسان دوستيءَ کي اپنائڻ ئي هن پيغام جو اصل روح آهي. هن زور ڀريو ته نور شاهه ڀٽ درٻار ڀڳت ڪبير جي فڪر مطابق بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسان دوستيءَ جي مشن کي اڳتي وڌائيندي رهندي.

ياد رهي ته نور شاهه ڀٽ جي هن ڪبير پنٿ درٻار جو بنياد 1942ع ۾ سائين خوشحال رام صاحب وڌو، جن ڀارت جي شهر ڪاشي (وارانسي) ۾ موجود ڀڳت ڪبير جي مرڪزي درٻار جي گادي نشين آچاريه رام ولاس کان باضابطه نام ۽ اجازت حاصل ڪرڻ بعد هن روحاني سلسلي جو آغاز ڪيو. وقت سان گڏ هي مرڪز سنڌ کان وڌي پنجاب جي سرائيڪي وسيب تائين عقيدتمندن جي هڪ وسيع روحاني تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو.

سائين خوشحال رام جي 1971ع ۾ وفات بعد سندن فرزند سائين امولک رام گادي نشين ٿيو، جڏهن ته 1996ع ۾ سندس لاڏاڻي بعد سائين ٽهل رام ٽئين گادي نشين طور ذميواريون سنڀاليون. 2010ع کان سائين موهن لال صاحب چوٿين گادي نشين طور هن روحاني روايت کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. موهن لال، 21 آگسٽ 1984ع تي جنم ورتو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان بي ايس سي جي ڊگري رکندڙ آھي. ھُو روزانو درٻار تي ايندڙ عقيدتمندن جي خدمت سان گڏ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مريدن سان رابطن جو سلسلو به جاري رکندا آهي. هو ڀڳت ڪبير جي فڪر ۽ ادب لاءِ هڪ جامع لائبريري قائم ڪرڻ جو خواب پڻ رکي ٿو، جنهن لاءِ ناياب ڪتاب گڏ ڪيا پيا وڃن.

هن درٻار تي هر سال ٻه وڏا روحاني ميلا منعقد ٿين ٿا: هڪ ڀڳت ڪبير جي جنم جينتي جي موقعي تي جون-جولاءِ ۾، جڏهن ته ٻيو مارچ ۾ درٻار جي باني سائين خوشحال رام جي ورسيءَ طور ملهايو وڃي ٿو. انهن موقعن تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند، شاعر، سگهڙ ۽ فنڪار گڏ ٿي ڀڳتي راڳ، فڪري گفتگو ۽ ثقافتي اظهار وسيلي هن آفاقي پيغام کي زنده رکندا آهن.

هن سال جي تقريبن جي پڄاڻيءَ واري نشست خاص طور تي پراثر ۽ روحاني ماحول سان ڀرپور رهي، جتي گڏيل دعا ذريعي پاڪستان جي امن، اتحاد ۽ خوشحاليءَ لاءِ هٿ کنيا ويا. دعا ۾ ملڪ مان نفرت، جنگ، تڪرار ۽ فرقيواريت جي پاڇن جي خاتمي جي التجا ڪئي وئي.

آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ڀڳت ڪبير جي آفاقي پيغام محبت، انسانيت ۽ پرامن گڏيل زندگيءَ جي ڀرپور توثيق ڪندي اهو عزم ورجايو ته هن فڪر کي رڳو رسمن تائين محدود نه رکيو ويندو، پر ان کي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائي ايندڙ نسلن تائين پهچايو ويندو، جيئن سماج ۾ امن، برداشت ۽ هم آهنگيءَ جو سلسلو هميشه قائم رهي.

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button