Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ھنگامي حالتن ۾ علاج جي ڪا بہ سھولت ڪانھي

لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، گمبٽ ۽ نوابشاھ سميت پنج ميڊيڪل ڪاليج ۽ انھن سان لاڳاپيل وڏيون اسپتالون آھن پر اُتي بہ مڪمل سھولتون نہ آھن جنھنڪري  ھردم ايمرجنسيءَ ۾ مريضن کي ڪراچيءَ موڪلڻو پوي ٿو

ڊاڪٽرمحمد اسماعيل ماڪو سکر سنڌ

سنڌ جي ٻھراڙين ۾ صحت جون سھولتون مھيا ڪرڻ ھڪ مڪمل مختلف طبي شعبو آھي ڇو جو اتي محدود وسيلن ۾ معياري سھولتون ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي. اچو تہ جائزو وٺون تہ ٻھراڙين ۾ ڪنھن ھنگامي صورتحال ۾  ڪھڙيون شيون کپن ٿيون؟

پھريون تہ، بحراڙين ۾ ڪھڙي قسم جا واقعا ٿين ٿا ۽ انھن ۾ ماڻھو ڪھڙي قسم  جي صورتحال ۾ ھوندو آھي. مثال طور ڪو حادثو ،ڪو پوليس مقابلو ، ڪو دھشتگردي واقعو…. جنھن ۾ ھڏا ڀڄڻ، جنھن ۾ ڪرنگھي جي ھڏي ۽ مٿي جا ھڏا  به ڀڄي پون ٿا .. رت  جووھڻ، شريانن مشڪن جو زخمي ٿيڻ…. پيٽ   ۾ اندروني طور جيري ،بڪي، تري، لبلبي، آنڊن ۽ مثانووغيره ۽ عورتن ۾ ٻچينداڻي شديد زخمي ٿيڻ ،سيني ۾ زخم ،ڦڦڙ ڦڦڙن جي جِھلي، سيني جي ھڏي ۽ دل جا زخم ٿين ٿا. مٿي جا کليل زخم ۽ گھرا زخم .. جتان رت وھي.. تنتن جو زخمي ٿيڻ يا ٽٽي پوڻ. ايئن خصين  ۽ ٻاھرين جنسي عضون جا زخم.

فائيل فوٽو

افسوس جو اسان وٽ ٻھراڙيء ۾ اھڙا سينٽر اسپتالون ۽ ٽراما سينٽر نہ آھن جتي سڀ معياري سھولتون يعني علاج ۽ تشخيص جون  سھولتون موجود ھجن. اسان وٽ لاڙڪاڻو سکر، خيرپور، گمبٽ ۽ نوابشاھ سميت پنج ميڊيڪل ڪاليج ۽ انھن سان لاڳاپيل وڏيون اسپتالون آھن … جتي بہ مڪمل سھولتون نہ آھن تنھن ڪري  ھردم ايمرجنسيءَ ۾ مريضن کي ڪراچيءَ موڪلڻو پوي ٿو .. لاڙڪاڻي ۾ ڇاتي  يا سيني کي کولي ڪري آپريشن جون سهولتون نہ آھن.. باقي اتي پيٽ، ھڏن ۽ دماغ جا آپريشن ٿين ٿا .. سکر جي سول اسپتال ۾ ھڏن ۽ پيٽ جا آپريشن ٿين پيا.. سيني ۽ دماغ جا نہ.  

 اسان ان مسئلي کي سکر جي ليول تائين بحث ۾ آڻيون ٿا .جيئن ھڪ ڊي ايس پي جوڙو زخمي ٿي پيو. ايئر ايمبولنس گھرائي وئي ۽ ڊاڪٽر فضا جعفري بہ آئي.. الله جو شڪر جو ڊي ايس پي پارس بکراڻي کي ڪراچي منتقل نہ ڪيو ويو.. بقول ڊاڪٽر فضا جعفري جي، گولي سيني مان آرپار ٿي وئي جنهن سبب ڦڦڙ زخمي ٿيا. چيسٽ  ٽيوب وڌا ويا ۽ سينو کولي آپريشن ڪرڻ جي ضرورت نہ پئي. رڳن،تنتن ۽ مغزي ڏوريء جو نقصان نہ ٿيو.. البتہ ھن ڪرنگھي جي ھڏيء جي ڪنھن معمولي نوعيت جي فريڪچر جي ڳالھ ڪئي…. بدقسمتي سان اسان وٽ ڪوبہ ھڪ سينٽر اھڙو ناھي جنھن ۾ ان قسم  سھولتون ھجن .

ضياءُالدين اسپتال ۾ شايد اھي سھولتون موجود آھن يا نہ پر اھا مھانگي پڻ آھي. ھي ھاء پروفائيل ڪيس ھئو.. ان ۾ بہ انتظاميا ۽ زخمين جي والدين ،مٽن مائٽن واسطيدارن کي انتھائي تڪليف جي مرحلي مان گذرڻو پيو.

ھئڻ چا گھرجي؟ ڪنھن به ھڪ ھنڌ تي اھي سھولتون  موجود ھجن….مثال طور جھجھي رت جو بندوبست، ھڪ سٺو آء سي يو، ايڪسري ،الٽراسائونڊ، سي ٽي اسڪين، ايم آر آئي ۽ ٻيون تشخيصي سھولتون جھڙوڪ  ليبارٽري ،ايمرجنسي اينجيوگرافي…. دوائون .

 سکر ۾ ھڏن جا ڊاڪٽر آھن، جنرل سرجن آھن ، ٻارن جا سرجن آھن ، زناني شعبي جا سرجن آھن، دماغ جا نيورو سرجن آھن، پيشاب جي نظام جا اسپيشلسٽ آھن. رھي ڳالھ ڇاتي ،سيني ۽ دل جا سرجن، رڳن جوڙڻ جا سرجن، ويسڪيولر سرجن ۽ پلاسٽڪ سرجن نہ آهن. ڇاتي کولي آپريشن ڪرڻ واريون سھولتون اين اءِ سي وي ڊي ۾ آھن. گمبٽ ۾ تہ جيرو ،بڪي ٽرانسپلانٽ پڻ ڪيو وڃي ٿو. دل جي باء پاس بہ ڪئي وڃي  ٿي.اتي ويسڪيولر ۽ ٿوريسڪ سرجن به آھن.

سکر ۾ نئين ٺھندڙ ٽراما سينٽر ۾ دماغ جي سرجري ۽ سيني جي سرجري جا ٻہ مڪمل آپريشن ٿيٽر ۽ ھڪ معياري آء سي يوھجي..اتي مڪمل تشخيصي نظام  ۽ رت سدائين فراھم ٿي سگھي. سکر ۾ آر بي سي يا بلڊ بئنڪ آھن  پر ميڊيڪل ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جون سهولتون ھجن. گھربل سرجن ھجن  دوائون ۽ ٻيو آپريشن ۾ استعمال جي ڪتب ايندڙ سامان جيئن اسٽنٽ ٽرانسپلانٽ  ھجن.. کوٽ جي صورت ۾ سکر ،گمبٽ، خيرپور۽ لاڙڪاڻي ۾ جيڪي سرجن ۽ ماھر آھن ، اينيسٿيزيا يا نشي جا ڊاڪٽر آھن. انھن جي پوري لسٽ ٺاھجي ۽ اھي ڪلاڪ جي اندر پھچي سگھن ٿا پر شرط اھو آھي ته … تشخيصي شعبو ريڊيولاجي، آء سي يو ، پئٿالاجي ٻہ معياري دماغ ۽ سيني کولڻ لاء  آپريشن ٿيٽر ۽ انھن جو سامان ۽ عملو ھجي  ۽ ضرورت پوڻ تي ويجھي ھنڌ کان ماھر ڊاڪٽر گھرائي مسئلو حل ڪيو وڃي جيئن  مريض کي ڪراچي رفر ڪرڻ جي ضرورت ئي نہ پوي. 

ايئن سنڌ جي ھر ضلعي ۾ اسپتالون آھن پر اشد ضرورت انھن کي هنگامي بنيادن تي اپ گريڊ  ڪرڻ جي آهي.انهيءَ سلسلي ۾ ڪمشنر سکر سميت سنڌ جي سڀني وڏن عملدارن کي ايمرجنسي ميڊيڪل رسپانس ٽيم ٺاھڻ گھرجي . ٽراما سينٽر ۾ اھڙيون سڀيئي سھولتون ڏجن.  ماھرن جون لسٽون ھجن  جن کي خيرپور، گمبٽ ۽  اين اي سي وي ڊي لاڙڪاڻي ۽ ايس آء يو ٽي  سکر مان ايمرجنسي ۾ ترت گھرائي سگھجي ،ائين ئي ٻين ضلعن ۾ پڻ معياري ۽ ھنگامي حالتن ۾ گھربل طبي مدد ڏيڻ جو ڪو جديدجامع پروگرام رٿيو وڃي جيئن انساني قيمتي جانين کي ڪنهن بہ جوکم جو شڪار ٿيڻ کان سائينٽيفڪ سهولتن جي مدد سان شڪار ٿيڻ کان ترت ٻچائي سگهجي.

__________________

ڊاڪٽرمحمد اسماعيل ماڪو سکر سنڌ  ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button