اُداس شام ۽ ٻُڪ مان ڪِريل دُعا _ ھڪ مختصر ڪھاڻي
عزيز ڪنگراڻي

ٻه ڏينهن اڳ برسات پئي هئي، جنهنڪري ڳوٺ جو ننڍڙو پارڪ نما ميدان آلو ٿي ويو هو ۽ گپ گهڻي هئي. شام جو پنڌ ڪرڻ منهنجو جو معمول هو. انهيءَ ڏينهن مان ننڍي ميدان بدران روڊ جي ڪناري پنڌ ڪندي نڪري آيس. روڊ ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو آهي. جيتوڻيڪ اسان جو ڳوٺ آهي، پر ڪنهن ننڍڙي شهر کان گهٽ نه آهي. اسان جي هن وڏي آبادي واري ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول موجود آهن. مان ڇوڪرن جي هاءِ اسڪول مان هيڊ ماسٽر طور رٽائر ٿيو هئس.
مان روڊ جي ڪناري هلندو پئي ويس ته اوچتو منهنجي نظر سامهون ايندڙ هڪ آلٽو ڪار تي پئي، جيڪا وڏي رفتار سان اچي رهي هئي. الائي ڇو، منهنجيون نظرون ان ڪار تي ڄميل رهيون. ڪار هڪ عورت هلائي رهي هئي، جنهن کي نقاب پاتل هيو. ٿي سگهي ٿو ته نقاب جي ڪري منهنجون نظرون ڪار تي ڄميل رهيون، ڇو ته هوءَ اول نقاب نه اوڍيندي هئي پر هاڻ ڪافي عرصي کا نقاب پائڻ لڳي هئي. نقاب کانسواءِ ته گهر مان ٻاهر ئي نه نڪرندي هئي. نقاب جهڙوڪر سندس سڃاڻپ بڻجي ويو هو. سڄي ڳوٺ کي پتو هو ته هُوءَ ئي نقاب ۾ ايندي ويندي هئي. شايد هاڻ سندس پوسٽنگ پنهنجي ڳوٺ بجاءِ ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا شهر ۾ هئي. ڪار تيزيءَ سان منهنجي ڀرسان گذري، ڄڻ ته هوءَ رڳو روڊ تان نه، پر منهنجي وجود تان گذري وئي هجي. مون پٺتي ڏٺو ته ڪار کي بريڪ لڳي پر پوءِ وري هلڻ شروع ٿي ۽ پري وڃي چڪي هئي. سج لهڻ وارو هو. ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ سج زخمي ٿي پيو هجي ۽ شام جي لالاڻ جي صورت ۾ ان جو رت آسمان تي پکڙجي ويو هجي.
مان پنڌ ڪرڻ وساري ويٺس. دل ۾ اوچتو ڏک جي تيز لهر ڊوڙي وئي. مان زمين تي ويهي رهيس. روڊ تان ڪنهن جي اچڻ وڃڻ جو احساس به نه رهيو. هوءَ ياد اچي وئي هئي. مون وٽ مئٿس سکڻ لاءِ ايندي هئي. پوءِ پاڻ وڃي پڙهائيندي هئي. هُوءَ دل جي قريب هئي پر الائي ڇو ايترو ڏُور هلي وئي هئي. سندس ڇُهاءُ ياد پيا ته دل ۾ سندس ياد گھنگھرو ٻڌي نچڻ لڳي ۽ دل رت سان رڱجي وئي هئي. ذهن جي صحرا ۾ زخمي احساس تڙپڻ لڳا. منهنجي روح ۾ اداسيءَ جي رات ڇانئجي وئي. رڳن ۾ رت سان گڏ سور جي دکندڙ باھ ڊوڙي وگهري وجود ۾ پکڙجي وئي. منهنجو وجود ان باھ ۾ پڄرڻ لڳو هو.
سندس گهر ڳوٺ جي ٻي گليءَ ۾ هو. هوءَ به ڳوٺ جي ڇوڪرين جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. عمر ۾ شايد ٽيهن ورهين جو فرق هجي، پر نه دل ۽ نه ئي محبت عمر جو حساب رکندي آهي.
هوءَ جڏهن به مون سان ملي هئي ته منهنجي دل جي باغ ۾ بهار اچي ويندو هو. هُوءَ منهنجا ۽ مان هُن جا احساس پڙهي وٺندو هوس. رٽائرمينٽ کانپوءِ مون ڪڏهن به ساڻس ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. دل چاهيندي هئي پر دل تي پٿر رکي ڇڏيندو هوس. مون نه پنهنجي ۽ نه هن جي بدنامي چاهي پئي. ڳلين مان ويجهي گذرندي هئي، ڄڻ مان گلابن جي باغ مان لنگهي رهيو هجان. ساهن ۾ خوشبوءِ پکڙجي ويندي هئي. اندر جي ڪائنات مهڪي پوندي هئي. ڪيترن ڏينهن تائين اها خوشبوءِ حواسن تي ڇانيل رهندي هئي. هاڻ ساڻس ملڻ جو تصور به نه ڪري سگهندو هئس. ملڻ ڏکيو به هو. نه ڄاڻ ڪيئن ۽ ڇو دل ۾ ويهي رهي؟ سندس چهرو هميشه ذهن جي اسڪرين تان گذرندو هو ته لُڇي پوندو هوس. هاڻ نقاب ۾ ڪيئن ڏسي سگهجي؟ ٿي سگهي ٿو ته کيس ڄاڻ ئي نه هجي ته ڪو کيس شدت سان چاهي ٿو، ۽ ويجهو هجڻ جي باوجود ڄڻ ڪوهين ڏُور آهي.
سج لهڻ وارو هو. مان نااميدي جي گهري سمنڊ ۾ ٻڏي اٿي بيٺو هئس. ساڻس ملڻ جي خواهش لاءِ منهنجا هٿ دعا لاءِ مٿي کڄي ويا هئا ته بس هڪ ڀيرو هوءَ نقاب لاهي گليءَ مان گذري ۽ مان ڀرپور طريقي سان اک ڀري کيس ڏسان. پر اهو نه ٿيو، ۽ نه ٿي سگهي پيو. ان ڏينهن به ايئن لڳو، ڄڻ منهنجي ٻُڪ مان دعا ڪِرِي پئي هجي ۽ ٻُڪ مان ڪِريل دعا جي الميي تي سوچيندي اکين ۾ لُڙڪن جي ٻوڏ اچي وئي هئي. ۽ پوءِ مان آلين اکين سان پير گھليندو گهر طرف هلڻ لڳو هئس. ______________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي



