Editor's pickMain Slideآئي ٽي ۽ سائنسڏکڻ ايشيا

سوشل ميڊيا: اهڙو مندر جتي هر ماڻهو پاڻ کي لفظن، تصويرن ۽ جذبن جو ديوتا سمجھي ٿو

ميڊيا کي رڳو ڄاڻ ڏيڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو، پر گهڻو ڪري اهو نفسياتي جنگ جي هٿيار طور ڪم آيو 

ميڊيا اسان کي ڏيکاري ٿي، ٻڌائي ٿي ۽ يقين ڏيارائي ٿي ته دنيا جيڪا نظر اچي ٿي، اها ئي حقيقت آهي. پر حقيقت اڪثر اشتهارن، پروپيگنڊا ۽ جذباتي ڪردارن جي اوٽ ۾ لڪل هوندي آهي

قديم زماني ۾ ماڻهو اڻڄاڻائيءَ کان سچ جي ڳولا ۾ نڪتا هئا، پر جديد دور ۾ سچ پاڻ ميڊيا جي شور ۾ گم ٿي ويو آهي

مُشتاق ٽانوري

ميڊيا هڪ وسيع ۽ گهري معنيٰ رکندڙ اصطلاح آهي، جنهن ۾ رابطي جا سڀ ذريعا اچي وڃن ٿا، جيڪي معلومات، خبرون، خيالن ۽ جذبن کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو ذريعو بڻجن ٿا. اخبارون ۽ رسالا پرنٽ ميڊيا طور سڃاتا ويندا آهن جڏهن ته ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو حصو مڃيو ويو آهي. اڄ جي جديد دور ۾ فيس بُڪ، واٽس ايپ، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن سان گڏ سوشل ميڊيا هڪ نئين دنيا طور اڀري آئي آهي ۽ هاڻي ته مصنوعي ذهانت اي آءِ  به. جيڪا ماڻهن کي ڳنڍي ٿي ۽ ڌار به ڪري ٿي. ميڊيا جو اصل ڪم معلومات، خيال ۽ نياپو پهچائڻ آهي، پر تاريخ شاھد آهي ته اهو اوزار گهڻي ڀاڱي نفسياتي جنگ جي هٿيار طور استعمال ٿيو آهي. اقتدار جو جادو سچائي کان تيز اثر رکي ٿو، ۽ ميڊيا ان جادو کي وڌائي پيش ڪري ٿي. ميڊيا اڄ رڳو خبر ڏيڻ جو ذريعو نه رهيو آهي، پر اها هڪ اهڙي طاقت بڻجي چڪي آهي، جيڪا دلين ۽ ذهنن تي حڪمراني ڪري ٿي. قديم زماني ۾ ماڻهو اڻڄاڻائيءَ کان سچ جي ڳولا ۾ نڪتا هئا، پر جديد دور ۾ سچ پاڻ ميڊيا جي شور ۾ گم ٿي ويو آهي. فيس بُڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ٽڪ ٽاڪ جي صورت ۾ سوشل ميڊيا هڪ اهڙو ”مندر“ بڻجي ويو آهي، جتي هر ماڻهو پنهنجي لفظن، تصويرن ۽ جذبن جا”ديوتا“ بڻجي ويٺا آهن.

نفسياتي جنگ ۽ پرچار جو جادو

تاريخ ٻڌائي ٿي ته ميڊيا کي رڳو ڄاڻ ڏيڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو، پر گهڻو ڪري اهو نفسياتي جنگ جي هٿيار طور ڪم آيو. ٻي عالمي جنگ دوران وڏين طاقتن خبرن ۽ اشتهارن کي ماڻهن جي سوچ تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ منظم طريقي سان استعمال ڪيو. اڄ به حڪومتون، ڪاروباري ڪمپنيون ۽ طاقتور ادارا ميڊيا کي اهڙي نفيس حڪمتِ عمليءَ سان استعمال ڪن ٿا جو ماڻهو پاڻ سوچين ٿا ته هو آزاد آهن يا غلام، پر حقيقت ۾ سندن سوچ اڳواٽ ٺهيل هوندي آهي. ميڊيا جو جادو دلين تي نه، دماغن تي اثر ڪري ٿو ۽ جڏهن دل ۽ دماغ ٻنهي تي ڪنٽرول ٿي وڃي، ته پوءِ اقتدار جو ديوتا هميشه پوڄيو وڃي ٿو.

ڊراما، عورت ۽ سماجي ذهنيت

اڄ جي دنيا ۾ ميڊيا نه رڳو خبر ڏيڻ جو ذريعو آهي، پر ماڻهن جي سوچ ۽ روين کي ٺاهڻ جو مرڪز به بڻجي وئي آهي۔ هن سماج ۾ مغربي ميڊيا، اردو ميڊيا ۽ سنڌي ميڊيا گڏيل طور تي اثرانداز ٿين ٿا. خاص طور تي ٽي وي ڊراما ۽ آن لائين مواد سماجي قدرن کي بدلائي رهيا آهن. بيشڪ ڊراما سماجي حقيقتن کي ظاهر ڪن ٿا، پر اڪثر انهن ۾ عورت جي مثبت، خودمختيار ۽ بااختيار صورت کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته عورت رڳو تڪليف سهن لاءِ پيدا ٿي آهي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي  عورت سماج جي فڪر، سجاڳي ۽ ترقيءَ جو محور آهي. پاڪستاني ميڊيا، خاص ڪري ڊرامن، معاشري جي سوچ کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. ٽي وي ڊرامن ۾ اڪثر عورت کي بي وس، مجبور ۽ مظلوم طور پيش ڪيو وڃي ٿو. هر ڪهاڻيءَ ۾ عورت روئندي، ظلم سهي ٿي ۽ آخرڪار ڪنهن مرد جي رحم تي رهندي آهي. اهڙن ڊرامن ۾”محبت، طلاق، بغاوت ۽ آپگھات“ جهڙا موضوع بار بار ورجائي پيش ڪيا وڃن ٿا، جن سان نوجوان نسل ۾ مايوسي ۽ غلط ترجيحون وڌن ٿيون. اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڊراما ٺاهيندڙ عورت جي مثبت، خودمختيار ۽ علمي ڪردار کي نظرانداز ڪن ٿا، ڄڻ ته عورت صرف تڪليفن لاءِ پيدا ٿي آهي. اهڙي ڪهاڻي نه رڳو سماجي روين کي غلط رخ ڏئي ٿي، پر ناظر کي بي حس ۽ بي پرواهه به بڻائي ٿي. پاڪستاني ڊرامن جو جائزو وٺبو ته اڪثر ڪهاڻيون عورت کي بيوس، مجبور ۽ مظلوم طور پيش ڪن ٿيون. ڊرامن ۾ شادي شده لاڳاپن، محبتن ۽ ناجائز رشتن کي اهڙي نموني ڏيکاريو وڃي ٿو، ڄڻ ته زندگي جو مقصد صرف عشق ۽ رومان تائين محدود آهي. همسفر، اُڊاري، باندي ۽ ڪيترن ئي ٻين ڊرامن ۾ عورت جو ڪردار بار بار ظلم، روئڻ ۽ استحصال سان ڀريل ڏيکاريو وڃي ٿو. اهڙن ڊرامن سان معاشري جي ذهني ساخت متاثر ٿئي ٿي. نوجوان نسل کي اهڙي سوچ ڏني وڃي ٿي ته بغاوت، گهر ڇڏڻ يا آپگھات ئي جذباتي تڪرار جو حل آهن. اهڙي ريت ميڊيا ماڻهن جي ترجيحن، فيصلا سازي ۽ اخلاقي قدرن تي گهرو اثر ڇڏي ٿي.

سچ ۽ وهم جي وچ ۾ انسان

ميڊيا اسان کي ڏيکاري ٿي، ٻڌائي ٿي ۽ يقين ڏيارائي ٿي ته دنيا جيڪا نظر اچي ٿي، اها ئي حقيقت آهي. پر حقيقت اڪثر اشتهارن، پروپيگنڊا ۽ جذباتي ڪردارن جي اوٽ ۾ لڪل هوندي آهي. اسان ڏسون ٿا، مڃون ٿا ۽ پوءِ عمل ڪيون ٿا، اهو ئي نفسياتي جنگ جو مقصد آهي، سوچ کي اهڙي طرح رخ ڏيڻ جو ماڻهو پاڻ کي”آزاد“ سمجهي ٿو  پر اندروني طور ڪنٽرول ٿيل هجي ٿو. ميڊيا جي ذريعي”حقيقت“ آهستي آهستي ”راءِ“ ۾ بدلجي وڃي ٿي ۽ پوءِ ”راءِ“ کي ئي سچ سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي جديد زماني جو سڀ کان خطرناڪ دوکو آهي. ميڊيا جيڪو ڏيکاري ٿو، اهو ماڻهن جي سوچ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ماڻهو ڏسي، مڃي ۽ پوءِ عمل ڪن ٿا. ميڊيا جا پيغام، چاهي سڌيءَ طرح هجن يا اڻ سڌيءَ، اسان جي روزاني جي رويي تي اثرانداز ٿين ٿا. جڏهن هر ڊرامي جو مرڪزي موضوع پيار، طلاق، نفرت ۽ ٽٽندڙ لاڳاپا هجن، تڏهن معاشرو به بي يقيني، مايوسي ۽ روحن جي ٿڪاوٽ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ميڊيا کي ذميواريءَ سان اهو سوچڻو پوندو ته هو سماج کي ڇا ڏيکاري رهيا آهن. رڳو مظلوم عورتن جا قصا ورجائڻ سان نه صرف ناظر بي حس ٿي وڃن ٿا، پر سماجي ڏوھ ۽ تشدد به  عام به ٿي وڃي ٿو.

سوشل ميڊيا جو نئون مندر

اڄ جي نوجوان نسل لاءِ سوشل ميڊيا ڄڻ ٻي دنيا بڻجي چڪي آهي. فيس بُڪ، واٽس ايپ، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي ماڻهن جا ڪيترائي جعلي اڪائونٽ آهن، جتي سڃاڻپ، اعتبار ۽ حقيقت جي لڪيرون ڌندليون ٿي ويون آهن. دوستي، فلرٽ، تفريح ۽ لالچ جو هي نئون دؤر ماڻهن کي اصليت کان پري ڪري رهيو آهي. فيس بُڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ اڄ نئين زماني جا مندر بڻجي ويا آهن، جتي هر ڪو پنهنجي سڃاڻپ جو مجسمو تراشي ٿو. ڪڏهن فخر سان، ڪڏهن ڪوڙ سان. فيڪ اڪائونٽ، جعلي لاڳاپا، ۽ نظرن جي دنيا ماڻهن کي اصليت کان پري ڪري رهيا آهن. سنڌ جتي ميڊيا سماجي تبديليءَ جو اوزار بڻجي سگهي ٿي، اتي اها تفريح ۽ شهرت جو ذريعو بڻجي وئي آهي، جُنون علم ۽ فڪر تي غالب اچي ويو آهي. تنهن هوندي به سنڌي ميڊيا اڃا به شعور ۽ سجاڳيءَ جو اهم ذريعو آهي، جيڪو عوامي احساسن جي ترجماني ڪري ٿو.

ڇا ٿيڻ گھرجي؟

اڄ جو دور ميڊيا جي مندر ۽ ذهنن جي ديوتائن جو دور آهي. هر آواز پنهنجي پوڄا گهر ۾ آهي، هر تصوير هڪ عقيدو بڻجي وئي آهي  ۽ هر خبر هڪ نئون منتر. اهو ئي وقت آهي ته انسان پاڻ کي ان جادو مان آزاد ڪري، سوچڻ، پرکڻ ۽ سچ ڳولڻ سکي. ميڊيا جي طاقت اڄ انساني ذهنن تائين پهچڻ واري سڀ کان وڏِي قوت بڻجي وئي آهي. اها سوچ ٺاهي به ٿي، ۽ بگاڙي به ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته ميڊيا جي هر صورت کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻ سکجي. سنڌ، جنهن جي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ فڪر آهي، ان ۾ سنڌي ميڊيا خاص ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سنڌي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا عوامي شعور، سياسي سجاڳي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ وڏي ڪوششون ڪيون آهن. پر ساڳئي وقت ضروري آهي ته سنڌي ميڊيا پنهنجي معيار، سچائي ۽ فڪري آزاديءَ کي برقرار رکي، جيئن اها رڳو تفريح نه پر تعليم ۽ تبديليءَ جو ذريعو بڻجي سگهي.

_____________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button