Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

ٿر: حياتياتي خوراڪ سان شاھوڪار رِڻُ ۽ غريب، بي پھچ ماروئڙن جون اُميدون

هر برساتي موسم ۾، ٿر جو ريگستان سائو ٿي وڃي ٿو، ۽ قدرتي طور اُڀرندڙ ڀاڄين سان ڀرجي پوي ٿو، جيڪي ڪنھن به ڪيميائي دوا کان پاڪ هونديون آهن۔

ٿر ۾ سج جي سَيڪ ۽ برساتي پاڻيءَ سان قدرتي طور ٿيل ڀاڄين ۾ غذائي سگھ ۽ پاڪيزگيءَ جو اهڙو ميلاپ آهي، جيڪو ڪيميائي ڀاڻن ۽ زهرن سان پوکيل ڀاڄين ۾ نٿو ملي.

چِڀڙ، کُنڀيون، سڱريون ۽ ٻيون ڀاڄيون ٿري ماروئڙن جي خوراڪ بہ آھن تہ روزگار جو وسيلو بہ. مقامي واپاري گھٽ اگھ تي کانئن اِھي ڀاڄيون خريد ڪري مھانگيون وڪڻن ٿا. پروسيسنگ، ڪولڊ اسٽوريج ۽ مارڪيٽن تائين رسائي نه هجڻ ڪري ٿري ھاري مالي فائدن کان محروم آهن۔

علي نواز راهمون

حياتياتي (Organic) خوراڪ رڳو هڪ فيشن نه آهي، پر اها فطرت ڏانهن واپسي آهي۔ ٿر ۾، جتي فصل سج جي سَيڪ ۽ برساتي پاڻيءَ سان قدرتي طرح ٿين ٿا، اتي ڀاڄين ۾ غذائي سگھ ۽ پاڪيزگيءَ جو اهڙو ميلاپ آهي، جيڪو ڪيميائي ڀاڻن ۽ زهرن سان پوکيل ڀاڄين ۾ نٿو ملي.

روايتي زراعت ۾ ڀاڻ ۽ زھريلين دوائن جي اسپري تي ڀاڙڻ بدران، ٿر جون ڀاڄيون ريگستاني مٽيءَ جي معدني جزن ۽ صرف برساتي پاڻيءَ تي پلجن ٿيون، جنھن سبب انھن ۾ وٽامن، معدنيات ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي. نتيجي ۾ اهي ڀاڄيون وڌيڪ صحت مند، مزيدار ۽ غذائيت سان ڀرپور ٿين ٿيون۔

‘چڀڙ’ ٿر جي انهن قدرتي ڀاڄين مان هڪ آهي، جيڪا برساتن کان پوءِ پاڻ ئي اُڀري ايندي آهي۔ ٿرپارڪر جي وسيع ريگستان ۾، جتي واريءَ جون ڀِٽون ۽ ڳوٺ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، اُتي هر سال مِينھن جي موسم ۾ زندگي عجيب نموني سان جاڳي اُٿي ٿي۔ باقي سال جي وڏي حصي ۾ ريگستان سُڪل ۽ خاموش هوندو آهي، پر آگسٽ کان آڪٽوبر تائين جڏهن برساتون ٿين ٿيون، تڏهن مٽيءَ ۾ حياتيءَ جي لهر ڦٽي پوي ٿي. کُنڀي، مريئڙو، لِلُر، گوار، ميھا ۽ سنڱريءَ جهڙيون ڀاڄيون اُڀرن ٿيون۔ اهي صرف خوراڪ نه پر ٿري ماڻهن جي بقا، سادگي ۽ عزتِ نفس جي علامت آهن۔

ذري گھٽ 92 سيڪڙو ٿرپارڪر جي آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندي آهي۔ سندن روزي روٽي مال پالڻ ۽ موسمي فصلن تي دارومدار رکي ٿي۔ محدود وسيلن باوجود، ٿري ماڻهن اهڙي حياتياتي خوراڪ جي روايت زنده رکي آهي، جيڪا اڄ دنيا جي وڏن شهرن ۾ مهانگي شئي سمجهي وڃي ٿي، پر افسوس جو اهي ئي ماڻهو، جيڪي اها خوراڪ پيدا ڪن ٿا، اڃا تائين ان مان مناسب فائدو حاصل نٿا ڪن۔

راڻو ۽ برساتي موسم وارو ڏينهن

برساتن کان پوءِ، ڇاڇرو ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ راڻو ۽ سندس گهروارا صبح سوير پنهنجيون ٽوڪريون کڻي ريگستان ڏانهن نڪري پوندا آهن۔ هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ ڪري، ڀاڄيون گڏ ڪندا آهن۔

راڻو ٻڌائي ٿو:

“اسين اڌ ڏينهن تائين ڀاڄيون گڏ ڪندا آهيون۔ دڪاندار اسان کان کُنڀيون 300 رپيا في ڪلو وٺي، 600 ۾ وڪڻندا آهن۔ مريئڙو ۽ لِلر 70 رپيا في ڪلو خريد ڪري، 100 ۾ وڪڻندا آهن۔ جيڪڏهن مون کي شهر ۾ سڌي وڪري جو موقعو ملي ته شايد آئون مناسب قيمت حاصل ڪري سگهان.”

سندس احوال ۾ ٿر جي هڪ وڏي حقيقت سمايل آھي . ڀاڄين لاءِ مارڪيٽ ۽ ٿڌي ذخيري (cold storage) جي سهولت نه هجڻ ڪري، ڳوٺاڻا پنهنجو مال آڙھتين کي سستي ۾ وڪڻڻ تي مجبور آهن۔

قدرت جو حياتياتي کاڌي جو کاتو

هر برساتي موسم ۾، ٿر جو ريگستان سائو ٿي وڃي ٿو، ۽ قدرتي طور اُڀرندڙ ڀاڄين سان ڀرجي پوي ٿو، جيڪي ڪنهن به ڪيميائي دوا يا اسپري کان پاڪ هونديون آهن۔

سِنڱري، جيڪا هڪ ڊگهي ۽ سنھي ڦري آهي، ٿر جي مکيه ڀاڄي آهي، جيڪا پروٽين، ڪاربوهائيڊريٽس ۽ معدنيات سان ڀرپور آهي۔

کُنڀيون (مشروم) ٿر جو ٻيو خزانو آهن۔ هتي ٻه قسم عام ملن ٿا  هڪ نازڪ ۽ سنھي، ٻي ٿُلھي  کُنڀي۔ برساتن کان پوءِ ڪجھ هفتن تائين بازارون  انھن سان ڀريل رھنديون آهن۔

اهي سڀ ڀاڄيون 100 سيڪڙو حياتياتي، غذائيت سان ڀرپور ۽ ٿري کاڌي جو حصو آهن۔ ماڻهو انهن کي ٻاجھريءَ جي مانيءَ  سان کائين ٿا يا تحفي طور ٻين علائقن ڏانهن موڪلين ٿا۔ افسوس جو جڏهن دنيا حياتياتي خوراڪ کي عياشي سمجهي رهي آهي، ٿر جي اها قدرتي پيداوار بي قدريءَ جو شڪار آهي۔

ويليو ايڊيشن جو موقعو  جيڪو وڃائجي ويو آهي

سڄي دنيا ۾ حياتياتي خوراڪ جي صنعت ويليو ايڊيشن تي هلي ٿي  يعني خام مال کي محفوظ، پيڪ ۽ برانڊ ڪري منافع بخش شين ۾ تبديل ڪرڻ۔ ڀارت، سري لنڪا ۽ نيپال ۾ مقامي ڪميونٽين پنهنجن فصلن کي پيداواري مرڪزن ذريعي عالمي مارڪيٽن تائين پهچايو آهي۔

راجستان ۾، ٿر جهڙن علائقن مان نڪتل ڀاڄيون جهڙوڪ سنگري خشڪ ڪري آچار جي صورت ۾ بوتلن ۾ ڀري وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، ۽ انهن جي قيمت خام ڀاڄين کان ٽيڻ کان پنجوڻ تي وڌيڪ ھوندي آھي۔ سري لنڪا ۾ حياتياتي مصالحا ۽ جڙي ٻوٽيون مقامي مرڪزن ۾ تيار ڪري يورپ ۽ وچ اوڀر ڏانهن موڪليا وڃن ٿا۔ نيپال ۾ کاڌي کي ڊيھائيڊريشن پلانٽ ذريعي خشڪ ڪري 40 سيڪڙو تائين ضايع ٿيڻ کان بچايو ويو آهي۔

ان جي ابتڙ، ٿر جون ڀاڄيون پنھنجي پاڪيزگي ۽ ذائقي باوجود اڃا تائين غيرپروسيس ٿيل وڪرو ٿين ٿيون۔ هتي نه ڊيھائيڊريشن پلانٽ آهن، نه محفوظ ڪرڻ وارا مرڪز، نه ئي حياتياتي تصديق (certification) جو نظام۔ برساتن جي موسم ختم ٿيندي ئي ڀاڄيون ضايع ٿي وڃن ٿيون۔

عنايت الله جنجهي، هڪ مقامي تعليمدان چوي ٿو:

”جيڪڏهن هتي چڀڙ، سنڱري يا کُنڀي خشڪ ڪرڻ لاءِ ننڍا يونٽ لڳن، ته نه رڳو انھن جو زيان گهٽبو پر ڳوٺاڻن لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.“

لڪل غذائيت  جيڪا ڪنهن کي نظر نٿي اچي

ماهرن موجب، ذري گھٽ سڀ ٿري ڀاڄيون قدرتي طور حياتياتي ۽ غذائيت سان ڀرپور آهن۔

دلدار، هڪ مقامي هاري ٻڌائي ٿو:

”گوار جي ڦَري ۽ پنن ۾ پروٽين، ڪيلشيم ۽ فاسفورس آهي، انهن جا عرق به ڪارائتا آهن۔ سنڱريءَ ۾ 18 سيڪڙو پروٽين، 56 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽ ۽ 26 سيڪڙو فائبر هوندو آهي.  اهو ڄڻ ته ريگستان جو مڪمل کاڌو آهي.“

عجيب ڳالھ اها آهي ته دنيا جا ماڻھو حياتياتي خوراڪ لاءِ وڌيڪ قيمت ادا ڪن ٿا، پر ٿر جا هاري جيڪي اها خوراڪ قدرتي طرح پيدا ڪن ٿا، اهي انهن مارڪيٽن تائين رسائي نه هجڻ ڪري اھڙن مالي فائدن کان محروم آهن۔ برانڊنگ، تصديق ۽ انفراسٽرڪچر جي کوٽ انھن کي غربت جي چڪر ۾ رکيو آهي۔

مٺي شھر جو هڪ ڀاڄين جو واپاري قادر، ٻڌائي ٿو:

”اسان سڌو ڳوٺاڻن کان ڀاڄيون خريد ڪندا آهيون، پر ڪولڊ اسٽوريج جي سھولت نه هجڻ ڪري، کُنڀي ۽ ڀاڄيون ٻن ٽن ڏينھن ۾ خراب ٿي وڃن ٿيون۔ اسان لاءِ به خطرو آهي۔ جيڪڏهن هتي مناسب مارڪيٽ هجي ته سڀني کي فائدو ٿيندو  هارين، واپارين ۽ ايڪسپورٽرن کي به.“

کيس يقين آھي ته جيڪڏهن ٿر ۾ حياتياتي مارڪيٽ ۽ ڪولڊ اسٽوريج جا يونٽ ٺھيا، ته ٿر جون ڀاڄيون نه رڳو شھري مارڪيٽن تائين پر عالمي مارڪيٽن تائين به پھچي سگھن ٿيون۔

بقا کان استحڪام تائين

ٿر جي مٽيءَ ۾ هڪ لڪل خزانو آهي.  حياتياتي خوراڪ جو قدرتي نظام، جنهن کي رڳو سڃاڻپ ۽ سهائتا جي ضرورت آهي۔ جيڪڏهن هتي ويليو ايڊيشن، پروسيسنگ يونٽ ۽ برانڊنگ جا منصوبا شروع ڪيا وڃن، ته ٿر به راجستان يا سري لنڪا جھڙي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو۔

سولر ڊرائينگ ذريعي کُنڀي ۽ چڀڙ خشڪ ڪرڻ، سنڱريءَ جا آچار بوتلن ۾ بند ڪرڻ، ۽ مقامي ڪميونٽي تي ٻڌل حياتياتي ليبل ٺاهي، ٿر جي معيشيت بدلائي سگھجي ٿي۔

هيءُ رڳو آمدنيءَ جو سوال نه، پر ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ ماڻھن کي بااختيار بنائڻ جو ذريعو به آهي، خاص ڪري عورتن لاءِ، جيڪي اڳ ئي انھن ڀاڄين جي گڏ ڪرڻ ۽ تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔

هر سال جڏهن ٿر ۾ وسڪارو ٿيندو آھي، تڏهن اهو رڳو زندگي نه، پر هڪ نئون موقعو به آڻيندو آهي۔ هاڻي چئلينج اهو آهي ته ان ٿوري عرصي واري خوشحاليءَ کي پائيدار خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪيو وڃي  جيئن ٿر جي حياتياتي پيداوار نه رڳو ماڻهن جو پيٽ ڀري، پر انھن جو مستقبل به محفوظ بڻائي۔

___________________

علي نواز راھمون فري لانس ليکڪ آھي. ھُو عمرڪوٽ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button