پاڪستان ۾ ويم جي پيچيدگين سبب روز 27 عورتون فوت ٿين ٿيون
ھر ھزار ڳورھارين عورتن مان پندرهن عورتون پنھنجي حياتي وڃائي ويھن ٿيون ، جنھن جو خاص سبب ٻھراڙين ۾ غير تربيت يافتہ دائيون ھجڻ آھي.
نمائندي وٽان
لاڙڪاڻو، سنڌ
پاڪستان ۾ ويم جي پيچيدگين جي ڪري ھر روز تقريبن 27 عورتن موت جي منھن ۾ ھليون وڃن ٿيون، يا وري ھيئن چئجي تہ ھر ھزار ڳورھارين عورتن مان پندرهن عورتون پنھنجي حياتي وڃائي ويھن ٿيون ، جنھن جو خاص سبب ٻھراڙين ۾ غير تربيت يافتہ دائيون ھجڻ آھي.
اھا ڳالھ خميس ڏينھن شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ـپهريون سيزيرين ڪيئن بچائجي” عنوان ھيٺ ڪوٺايل سيمينار ۾ ٻُڌائي وئي.

سيمينار ۾ سويڊن مان آيل ماھر ڊاڪٽر مارٽن ويرنبلوم ۽ نالي واري گائنوڪالاجسٽ پروفيسر شير شاه سيد ۽ ٻين ماھرن پنھنجي ليڪچرن ۾ چيو تہ حمل جي شروعات کان وٺي باقاعده چيڪ اپ، رت جي دٻاءَ، شوگر، هيموگلوبن ۽ وزن جي نگراني، ۽ ڊليوري دوران ثبوتن تي فيصلا ڪرڻ سان نارمل ڊليوري جا امڪان وڌي سگهن ٿا.
مقررن چيو تہ زنانين اسپتالن ۾ ليبر روم مينيجمينٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، اسٽاف کي جديد ٽريننگ ڏيڻ، ۽ ڪٽنبن کي آگاهي ڏيڻ سان ويم دوران عورتن جي موت جي شرح گهٽائي سگهجي ٿي.
وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ چيو تہ يونيورسٽي اهڙي قسم جي علمي، تحقيقي ۽ طبي بحثن کي هميشہ همٿائي ٿي ته جيئن ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ بھتر پاليسيون ۽ حڪمت عمليون تيار ڪري سگهجن، ڇو تہ جيستائين اسان مسئلن تي ڳالھہ ٻولھہ نہ ٿا ڪيون مسئلن جو حل نہ ٿو نڪري سگهي.
پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر شاھد حسين سومرو ۽ وائيس پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر فوزيہ چانڊيو بہ تقرير ڪئي.
آخر ۾ مھمانن کي ثقافتي سوکڙيون پيش ڪيون ويون، تقريب ۾ ڊاڪٽر مير حسن کوسو ، پرنسپال ايل ايڇ وي اسڪول ڊاڪٽر سڪينہ گاد، ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيلٿ ڊاڪٽر ياسمين خالق، پروفيسر سليم شيخ، گائنيڪالوجي ۽ اوبسٽٽرڪس جي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ، ايل ايڇ ويز ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
________________



