Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

ڪيلاش ڪولھي جو قتل: وڏيري جو ظلم، رت سان رنگيل ڌرتي ۽ جاڳندڙ ضمير

سنڌ اھڙي ڌرتي آهي، جتي مائرون پنھنجن ٻچن لاءِ دعائون گھرن ٿيون  ڇو تہ ھن  ڌرتي تي ڪنھن نہ ڪنھن ماءُ جي جھولي خالي ڪئي ويندي آهي

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ظلم وڌيو آهي، تڏهن عوام اٿيو آهي. هن ڀيري به عوام اٿيو ۽ وحشي صفت وڏيرو جوابدار گرفتار ٿيو پر ڪيلاش ڪولهي جو رت اڃا سوال ڪري ٿو تہ ڇا منهنجو ڏوهه صرف غريب هجڻ هو؟

مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي ڌرتي، جيڪا صوفين جي فڪر ۽ ان جي ذڪر سان سرهاڻ بڻيل رهي آهي، جتي شاهه سائينءَ جا بيت هوا ۾ گونجندا رهيا آهن، جتي محبت عبادت ۽ انسانيت عقيدو رهي آهي، اڄ به ڪڏهن ڪڏهن رت جي خوشبو سان ڀرجي وڃي ٿي. هي اها ئي ڌرتي آهي، جتي مائرون پنهنجن ٻچن لاءِ دعائون گهرن ٿيون ۽ ساڳي ڌرتي تي ڪڏهن ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ڪئي ويندي آهي. هي اها ئي سنڌ آهي، جنهن جي مٽيءَ ۾ امن جا گل ڦٽڻ گهرجن پر افسوس، اڄ به هتي ظلم جا ڪنڊا ڦٽن ٿا. جتي مظلوم جي دانهن هوائن ۾ گم ٿي وڃي ٿي ۽ طاقتور جو ڏوهه قانون جي ڪتابن کان وڏو بڻجي وڃي ٿو. اهڙي ئي هڪ دل ڏڪائيندڙ ڪهاڻي بدين جي تلھار ويجھو ڳوٺ پيرولاشاري ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ ڏاهو ڪولهي مان اڀري آهي جتي 25 ورهين جو نوجوان هاري ڪيلاش ڪمار ڪولهي هڪ ڏاڍي جو ڏاڍ جو نشانو بڻجي سنڌ جي مٽيءَ تي پنهنجو آخري ساهه کنيو. هي رڳو هڪ ماڻهوءَ جو قتل نه آهي، هي هڪ خواب جو قتل آهي، هي هڪ اميد جو قتل آهي، هي هڪ غريب جي جرئت جو قتل آهي.

بيگناھ ڪيلاش ۽ سندس قاتل وڏيرو

اها ڪهاڻي آهي جاگيرداراڻي نظام، سماجي ناانصافي ۽ رياستي بي حسيءَ جي. 25 ورهين جو ڪيلاش ڪولهي سادو، محنتي ۽ باهمت نوجوان هو. سندس هٿن ۾ مٽيءَ جي خوشبو هئي، سندس اکين ۾ مستقبل جا سپنا هئا ۽ سندس دل ۾ پنهنجي گهرواري، ٻارن ۽ خاندان لاءِ بهتر زندگيءَ جا ارمان هئا. هو هر صبح سج سان گڏ اٿندو هو، زمين تي محنت ڪندو هو، فصلن سان ڳالهيون ڪندو هو ۽ شام جو ٿڪجي پر مطمئن ٿي گهر موٽندو هو. پر هن سماج ۾، جتي وڏيرو بادشاهه هوندو آهي ۽ هاري غلام، اتي ڪيلاش جو خواب ڏسڻ به ڏوهه بڻجي ويو.

ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر موجب ڪيلاش ڪولهي هڪ سال اڳ وڏيري سرفراز نظاماڻي جي زمين تي ڪم ڪندو هو. حساب ڪتاب ۾ تڪرار ٿيو، حق کان گهٽ اجورو ڏنو ويو، ظلم وڌيو. ڪيلاش خاموش رهڻ بدران جرئت ڪئي ۽ اُتان نوڪري ڇڏي ٻئي زميندار وٽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج ۾ غلامي ڇڏڻ سڀ کان وڏو ڏوهه هوندو آهي. وڏيري سرفراز نظاماڻي ان کي پنهنجي توهين سمجهيو. هُن جي  انا زخمي ٿي. هو اهو سوچي ڇتو ٿي پيو ته غريب هاري کيس ڪيئن چئلينج ڪري سگهي ٿو، هو گھٽ ذات انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي پر ڪيلاش انڪار ڪيو ۽ ان انڪار جي سزا موت بڻجي وئي.

4 جنوري جي صبح ڪيلاش فصل ڀرسان سرديءَ کان بچڻ لاءِ جهوپڙي ٺاهي رهيو هو جيئن رات جي ٿڌ کان بچي سگهي. کيس ڪهڙي خبر هئي ته اها جهوپڙي سندس آخري ڇانو بڻجندي. اوچتو راڄو نظاماڻي  جو وڏيروسرفراز نظاماڻي  اتي پهتو.گاريون، ڌمڪيون، نفرت ڀريل نگاهون ۽ پوءِ هڪ پسٽل مان نڪتل گولين جي آواز سان زمين ڌڏي وئي. ڪيلاش زمين تي ڪري پيو. سندس رت سنڌ جي مٽيءَ سان ملي ويو. سندس آخري ساهه شايد انصاف جي اميد سان نڪتو هو. ڪيلاش جي گھر واري  گھرواري لکي ٻائي معجزاڻي طور بچي وئي. وارثن پهچي ڪيلاش کي کڻي انڊس اسپتال پهچايو جتي موجود ڊاڪٽر ڪيلاش جي قتل جي تصديق ڪئي،جنهن کان پوءِ مڙھ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ لاش تلهار رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو. مقتول ڪيلاش جو والد چيتن ۽ سندس ڀاءُ پون ڌانھيندي ٻڌايو ته سرفراز نظاماڻي ڪيلاش کي روز مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھندو هو.  پون ڪولهي جي تلھار ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعه 302 تحت وڏيري سرفراز نظاماڻي کي نامزد ڪيو ويو. پر سوال اهو آهي:

ڇا ڪاغذن تي داخل ڪيل ڪيس مظلوم کي انصاف ڏيئي سگهي ٿو؟

ڇا رت جا ڦڙا لفظن سان ڌوئي سگهجن ٿا؟

ڪيلاش جي ماءُ اڄ به دروازي تي ويهي واٽ تڪي ٿي.

زال اڄ به سندس وڇوڙي ۾ خاموش روئي ٿي.

ڪيلاش جا وارث ۽ سول سوسائٽي قتل ڪيس ۾ نامزد  جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ تلهار ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو پر پوليس وارثن کي لارا لپا ڏئي احتجاج ختم ڪرايو.بااثر وڏيري  ۽ قتل ڪيس جي جوابدار سردراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ 8 جنوري تي 11 وڳي پاڪستان ڪولهي اتحاد جي اپيل تي سوڍي ڪولهڻ جي اڳواڻيءَ ۾ بدين شهر جي پير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ڏسندي ڏسندي بدين ۾ احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي. بدين–حيدرآباد روڊ ۽ ٿر ڪول بلاڪ ڏانهن ويندڙ شاهراهون بند ٿي ويون. هي ڌرڻو صرف روڊ بند ڪرڻ نه هو، هي ضمير جا در کڙڪائڻ هو. مرد، عورتون، پوڙها، ٻار سڀ هڪ آواز بڻجي ويا آ ته  قاتل کي گرفتار ڪيو! 8 جنوريءَ تي صبح 11 وڳي شروع ٿيل ڌرڻي ۾ رات ٿي ، سردي وڌي وئي، پر ماڻهن جا حوصلا گهٽ نه ٿيا، مظاهرين روڊ تي ئي رات گذاري، ڪنهن ڪمبل آندو، ڪنهن کاڌو، ڪنهن باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون. هي ڌرڻو رڳو احتجاج نه هو، هي هڪ خاندان سان وفاداري هئي، هي هڪ مظلوم سان همدردي هئي، هي ظلم خلاف بغاوت هئي.

ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ڌرڻي واري هنڌ پهتا. گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون. 10 لک انعام جو اعلان ڪيو ويو پر سوال اهو هو ته جيڪڏهن قاتل غريب هجي ها ته ڇا گرفتاريءَ ۾  ايتري دير ٿئي ها؟ ڇا طاقتور لاءِ قانون سست آهي؟ 9 جنوريءَ تي ٽپهريءَ ڌاري پوليس جي ان يقين ڏيارڻ تي وارثن ڌرڻو ختم ڪيو ته 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ۽ سنڌ جي شعور جي سگھاري آواز بعد پوليس مک جوابدار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري ورتو. 

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ظلم وڌيو آهي، تڏهن عوام اٿيو آهي. هن ڀيري به عوام اٿيو ۽ وحشي صفت وڏيرو جوابدار گرفتار ٿيو پر ڪيلاش ڪولهي جو رت اڃا سوال ڪري ٿو:

ڇا منهنجو ڏوهه صرف غريب هجڻ هو؟

ڇا قانون طاقتور جي خدمت ڪندو،

يا مظلوم جي حفاظت ڪندو.

ڇو ته جيڪڏهن اڄ ڪيلاش کي انصاف نه مليو،

ته سڀاڻي هر غريب جو نالو ڪيلاش هوندو.

_________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button