Uncategorizedڪالم

نسيم کرل: سنڌي ڪھاڻيءَ جو امام

مُشتاق ٽانوري

نسيم کرل سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. 1939ع سال جي جون مھيني جي 29 تاريخ تي خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي جي ڪچي جي علائقي جي ڳوٺ کرل آباد ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گھر جنم وٺندڙ نسيم کرل ٿوري عمر ۾ جيڪي ڪھاڻيون، سنڌي ادب کي ڏنيون آهن، انھن کيس سنڌي ادب ۾ مخصوص جاءِ ڏني آهي ۽ اڄ تائين لڳاتار جاءِ سندس لاءِ محفوظ آهي، ائين جيئن سنڌي ڪھاڻي جي پھرئين دور ۾ جمال ابڙي صاحب جي جاءِ محفوظ آهي.

نسيم کرل پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول هاءِ اسڪول خيرپور مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1969ع ۾ گريجويشن ڪيائين. نسيم کرل ڪاليج واري زماني ۾ ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به هو، جنھن ۾ شاگردن جون ڪھاڻيون ۽ شاعري ڇاپيندو هو. نسيم کرل جي پھرين ڪھاڻي ترجمو هئي جا ”مھمان“ جي عنوان سان آڪٽوبر 1956ع ۾ ڇپي. هن پھرين ڪھاڻي ”سور سمجھي ڪو“ 1958ع ۾ لکي ۽ اهو ئي سال هو جڏهن هو بي اي فائينل جو ڪاليجي شاگرد هو ۽ سندس ڪلاس فيلو جمال رند ۽ خواجه سليم هئا.  سنڌ مسلم ڪاليج ۾ سندس استاد هئا ڊاڪٽر اياز قادري ۽ پروفيسر غلام مصطفي شاهه. نسيم کي اياز قادري سنڌي ادبي سنگت ڏي وٺي آيو ۽ اهڙيءَ ريت هُو ڪهاڻيون لکي سنگت جي ادبي محفلن جو روح روان ٿي وڌندو ويو ۽ ادب تي ڇانئجي ويو. نسيم کرل ڪالم پڻ لکيا جيڪي هفتيوار ”جاويد“ خيرپور ۾ ڇپيا ته ڊرامو ”بوءِ“ به لکيائين.

تاج جويو نسيم جي فن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته،  ”نسيم کرل جي ڪھاڻين ۾ رچاءُ، نياءُ ۽ فني اوچائي ڪمال جي هئي. هو ڪهاڻيءَ جي پلاٽ، تاڃي پيٽي، ڪردارن، مڪالمن، لفظن جي چونڊ، جزئيات جي بيان ۽ پڄاڻيءَ ۾ ڪمال جي مھارت رکندو هو. هو زندگيءَ جي رنگن ۽ رنگينين، خوبصورتين ۽ عنائين سان گڏ جيون جي قيامتن، ڪوڙاين ۽ ڪوجهاين کان به واقف هو. هن جي نظر سطحي ۽ مٿاڇري نه هئي.“ ڏٺو وڃي ته نسيم جي ڪھاڻين ۾ واقعات نگاري، مڪالما، خاص طور ٻوليءَ جو سھڻو استعمال ۽ خيرپوري لهجو، عوامي انداز، ڪردار نگاري ۽ ماحول سڀني تي هن جي مڪمل گرفت آهي. سندس ڪردار جيئرا جاڳندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي هن پنھنجي ئي تر مان کنيا آهن، جيئن وڏيرو، هاري، ڪمدار، صوبيدار، اوڏ، چور ۽ ٻيا عام جيوت جا ماڻھو جن جي خوبين، خامين، ڪمزورين کان هو ڀلي ڀت واقف هو. وليرام ولڀ موجب ته، نسيم ڪھاڻيون لکي، هڪ طرف پنھنجي فطري تخليقي اُساٽ کي مطمئن ڪرڻ ٿي چاهيو ته ٻئي طرف معاشري جي ناسورن ۽ انساني بيچيني ۽ ٽڪراءُ جي اظھار ۾ نشتر زني به ڪئي، انهيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جا موضوع خيالي، مدي خارج يا فرسوده نه آهن. نسيم کرل پنهنجي ڪھاڻين ۾ جتي اپر ڪلاس سوسائٽيء جي ماڻهن جي نفسيات جي ترجماني ڪئي آهي. اتي ئي وچئين طبقي جي ماڻھن جي مسئلن جي بہ خوب چترڪاري ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪھاڻين ۾ جاگيرداري سماج هٿان پيڙهيل هيٺاهين طبقي جي ڏکن ۽ اهنجن کي بہ بيان ڪيو آهي. نسيم کرل جي ڪھاڻين جا موضوع ۽ ٻولي سندس ڀرپاسي جا هئا ، انهن ۾ سندس زوردار مشاهدو ڏسڻ وٽان آهي، سندس ڪردار اسان جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ آهن ۽ اسان سان جيئندڙ آهن. جنهن ڪري سندس ڪھاڻيون اسان سان رلي ملي ويون. ساڳئي وقت انھن، سنڌي پڙهندڙن جي هڪ وڏي حصي جي حافظي ۾، پنھنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. انهن پڙهندڙن کي پوءِ ٻي ڪا به ڪھاڻي راس نه آئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ڪھاڻيءَ اڄ تائين ايندي موضوعاتي حوالي ۾ پنھنجو سفر تيزيءَ سان ڪيو آهي.  هو اهڙو ته يگانو ڪھاڻيڪار هو جو پنھنجي سماج ۾ ٿيندڙ اڻبرابرين توڙي ناانصافين جي ڪٿائن تي جڏهن قلم کڻندو هو ته هن جي ڪھاڻين ۾ موجود سمورا ڪردار جاڳي پوندا هئا، رڳو هن جي ڪردارن جا جملا نه جاڳندا هئا پر اهي احساس به جاڳندا هئا جن ۾ هو حياتين جا رنگ ڀريندو هو، قول ۽ فعل جي فرق تي هو ڪمال جو لکندو هو، نسيم کرل اُهو منفرد ليکڪ هو جنهن جي لکڻين سندس فني سگھه جي بنياد تي مڃتا ماڻي، جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته ان وقت جا اديب ئي نسيم کي هڪ وڏيرو قرار ڏئي ادبي دُنيا مان جلاوطن ڪري ڇڏين ها، هُن جون ڪھاڻيون عالمي معيار جون هُيون جو هن کي ڪير به رد ڪري ڪونه سگھيو. سچ پچ ته نسيم کرل جي ڪھاڻيءَ جو حصو، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ الڳ آهي، جيڪو نسيم کرل جي وڃڻ کانپوءِ رڪجي ويو آهي ۽ اڄ جي ڪھاڻيءَ جو حصو الڳ آهي. پر اهو مستقل هلندڙ آهي ۽ پوئين ڪھاڻيءَ کي گھڻو پوئتي ڇڏي آيو آهي.

سندس ڪم مقدار ۾ ٿورو پر معيار ۾ بلند آهي، سندس پھريون مجموعو “شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ 1968ع ۽ ٻيو ”چوٽيھون در“ ۽ ٽيون ”ڊمي“ آهن، جيڪي 1973ع ۽  1984ع ۾ شايع ٿيا. “ڊمي” ۾ ڪجھ مضمون پڻ آهن ۽ انھن سڀني ڪتابن جو گڏيل مجموعو ”نسيم کرل جون ڪھاڻيون“ 2007ع ۾ شايع ٿيو. انهن ٽنهي مجموعن جي گڏيل ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو ٻٽيھ آهي. نسيم کرل جو پھريون ڪتاب ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ کيس شھرت جي انهن مٿانھين تي کڻي ويو جن جو ان وقت تصور ڪو نه هئو. سندس ٻيو ڪتاب ”چوٽيھون درُ“ هُئو، جنهن سندس ان شھرت کي مستقل طور اهم هجڻ جي مُهر هنئي. اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود نسيم کرل جون ڪھاڻيون سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏي جڳھ والارين ٿيون ۽ سندس ڪتاب يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهن ته عام پڙهندڙن ۾ پڻ اڄ ڏينهن تائين مقبول آهن. سندس ئي لفظن ۾ ته ”اهڙو ادب تخليق ڪجي جنھن کي دائمي قدر هجن، سٺو اديب اهو آهي جو مقصد لاءِ ۽ سماج جي سڌاري لاءِ لکي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ لکي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ماڻھو ياد رکن.“  نسيم کرل جي فن ۽ شخصيت تي طارق اشرف ادبي مخزن  سھڻي جو نسيم کرل نمبر پڻ ڇپايو.

هن کي سنڌي نثر ۾ لکڻ جو شوق هو ۽ هو سٺو پڻ لکندو هو پر سندس حياتي وفا نه ڪئي. 1978ع جي 14جولاءِ تي کيس پنھنجي تر ۾ ذاتي دشمنيءَ باعث قتل ڪيو ويو ۽ سنڌي ادب هڪ وڏي ڪھاڻيڪار کان محروم ٿي ويو. نسيم جو لکيل افسانوي ادب، سنڌي ادب جو اهم سرمايي طور ڳڻجي ٿو. کيس ”عظيم ڪھاڻيڪار“، ”وڏيرو ڪھاڻيڪار“، ”ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه“، ”سنڌ جو چيخوف“، ”دئوس ڪھاڻيڪار“ ۽ ٻين ڪيترن لقبن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو آهي.

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button