Editor's pickڪالم

هاچوڻ پر عمل نه ڪرڻ

نفسيات جي پس منظر ۾ هڪ سمجھاڻي

عبدالله عثمان مورائي

سنڌي چوڻين ۾ واه جو عقل ۽ حڪمت هجي ٿي. چاچا عبدالله جيسر موري جي ڀرسان سنڌو درياهه جي ڪپ تي  واقع سندس ڳوٺ لليا ۾ سندن اوطاق تي هڪ سنڌي چوڻي جيڪا عام رواجي طور تي پاڻ “ سخي کان سوم ڀلو ترت ڏجي جواب“ چوندا وتندا آهيون کي سمجهائيندي ٻڌايو ته اصل ۾ اها ائين نه پر هينءُ آهي ته “ شڪيءُ کان شوم ڀلو ترت ڏجي جواب“ معني ڪنهن به شئي ۾ شڪ وجهي ڏيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو سڌو سنئون جواب ڏي ۽ هرو ڀرو جيڪا شئي سندس هٿ ۾ نه هجي ته ان لاء ها نه ڪري.

اتفاق جو ڀرم

روزاني زندگيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪنهن ڳالهه تي “ها” ته چون ٿا، پر پوءِ نه نظر اچن ٿا، نه عمل ڪن ٿا، نه ئي رابطو ڪن ٿا. دوستي، ڪم ڪار، رشتن يا عام سماجي ڳالهين ۾، اهو رويو ايترو عام ٿي ويو آهي جو ان مان تنگ اچڻ به فطري لڳي ٿو. پر سوال اُٿي ٿو ته،  ماڻهو اهو ڇو ٿا ڪن؟ ڇا اهو ڪوڙ آهي؟ منافقت آهي؟ يا ڪا اڻ ڏٺي نفسياتي ويڳاڻپ  آهي؟

اصل ۾، جڏهن ماڻهو “ها” چون ٿا پر پوءِ ان تي عمل نٿا ڪن، ته اڪثر اهو ڪنهن دغا يا دوکي لاءِ نه پر ذاتي احساسن، خوفن، يا نفسياتي رڪاوٽن جي ڪري هوندو آهي. هن ڪالم ۾ ان “ ها چوڻ“ جي نفسيات جي باري ۾ ۽ ان روين جي پويان لڪل سببن جوهتي اسان تفصيلي جائزو وٺنداسين ۽ ڏسنداسين ته ڪيئن معاشرو وڌيڪ ايمانداري، سچائي، ۽ باهمي عزت ڏانهن وڌي سگهي ٿو.

 خوش رکڻ جي خواهش: نرميءَ جي جهلڪ

ڪيترائي ماڻهو ننڍپڻ کان اهو سکيا آهن ته “وڏن جي ها ۾ ها ملائڻ”، “نرمي سان پيش اچڻ” ۽ “هڪ سٺو ماڻهو هجڻ” بهترين خصلت آهي. اهڙن حالتن ۾ “نه” چوڻ انهن لاءِ ڏکيوڪم لڳي ٿو، يا گناهه برابر لڳي ٿو.

 مثال طور:

 فاطمه، هڪ يونيورسٽي جي شاگردياڻي، پنهنجي دوستن جي مدد لاءِ بار بار “ها” چوندي آهي، جيتوڻيڪ پاڻ سخت مصروف هوندي آهي. هوءَ “نه” چوڻ کان ڊڄندي آهي، ڇو ته کيس لڳي ٿو ته ماڻهو کيس خودغرض سمجهندا.

اهو ڪوڙ ناهي، پر هڪ اهڙو نفسياتي دٻاءُ آهي جيڪو ماڻهوءَ کي پنهنجن حدن کان ٻاهر ڌڪيندو آهي.

 رد ٿيڻ جو خوف

ڪيترا ماڻهو “نه” چوڻ جي جاءِ تي “ها” چون ٿا ڇو ته کين ڊپ هوندو آهي ته ٻيا انهن کي سست، بي ادب، يا غيرذميوار سمجهندا. خاص طور تي اُن وقت جڏهن ماڻهو نئون آهي يا پاڻ کي ثابت ڪرڻ چاهي ٿو.

مثال طور:

 احمد، جيڪو نئين نوڪري تي لڳو هو، آفيس جي هڪ پروجيڪٽ لاءِ رات جو دير سان ڪم ڪرڻ تي “ها” چئي ڇڏيو، جيتوڻيڪ هن کي گهر ۾ ذميداريون هيون. بعد ۾ هو نه اچي سگهيو ۽ ٽيم مايوس ٿي ويئي.

رد ٿيڻ جو خوف ماڻهن کي پنهنجن حالتن جي اظهار کان روڪي ٿو.

 پاڻ کي اميد کان  وڌيڪ سمجهڻ

ڪڏهن ماڻهو واقعي دل سان سمجهن ٿا ته هو ان ڪم کي وقت تي پورو ڪري وٺندا. پر هو پنهنجي وقت، توانائي، يا ذميوارين جو صحيح اندازو نٿا لڳائين.

مثال طور:

 جميله، هڪ فري لانس ڊزائينر، هفتي ۾ ٽي منصوبا وٺي ويئي، پر ٻن جي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سندس “ها” سندس سچائي جو ثبوت هئي، پر تخمينو غلط هو.

اهو خودفريبي جو هڪ نرم روپ آهي—ساڃاهه کان وڌيڪ جذباتي اُميدون.

 اڻ وڻندڙ لمحن کان بچڻ جي ڪوشش

ڪيترا ماڻهو رڳو ان لاءِ “ها” چون ٿا ته جيئن ان لمحي جي اڻ وڻندڙ وضاحتن، سوالن، يا بحثن کان بچي سگهن. هو بحث نٿا چاهين، نه ئي پنهنجن حالتن کي ظاهر ڪرڻ چاهين ٿا.

مثال طور:

 بلاول جي دوست هن کي چيريٽي فنڊ لاءِ دعوت ڏني ، پر بلاول وٽ پئسا نه هئا. “نه” چوڻ کانسواءِ، هن “ها” چئي ڇڏيو، پر بعد ۾ نه ويو.

هن لاءِ “ها” اندروني حالتن کان بچڻ لاءِ هڪ بچاءُ جو هٿيار هو.

ذاتي حدن جي کوٽ

ڪي ماڻهو واضع طور تي ذاتي حدون قائم نٿا ڪري سگهن، خاص طور تي جيڪڏهن انهن جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي هجي جتي هر وقت قرباني ڏيڻ، ٻين جي خدمت ڪرڻ، يا پاڻ کي پوئتي رکڻ سيکاريو ويو هجي.

مثال طور:

 مينا، جيڪا هميشه “مثالي ماءُ” بڻجڻ چاهي ٿي، پنهنجي ٻارن جي اسڪول جي هر سرگرمي لاءِ “ها” چئي ٿي، نتيجي ۾ پاڻ مڪمل طور ٿڪجي پوي ٿي.

ان جو علاج حدن جي وضاحت ۽ پاڻ کي اهم سمجهڻ آهي.

 اظهار جي سگهه جي کوٽ

ڪي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته سندن دل ڇا چوي ٿي، پر ان جو اظهار نٿا ڪري سگهن. خاص طور تي جيڪڏهن سامهون وارو ماڻهو صاحب اختيار هجي، عمر ۾ وڏو هجي، يا سماجي طور سگهارو هجي.

مثال طور:

 رشيد جي آفيس جي باس هن کان هفتي جي آخر ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پڇيو. رشيد اڳ ئي پنهنجي ٻارن سان وقت گذارڻ جو ارادو رکيو هو، پر هن “ها” چيو، ۽ پوءِ بيماريءَ جو بهانو ڪري غير حاضر ٿي ويو.

اهي ماڻهو “ها” ان لاءِ چون ٿا ته جو “نه” چئي نه نٿا سگهن.

 چالاڪي سان “ها” چوڻ: لاڀ حاصل ڪرڻ جو وسيلو

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو “ها” فقط ٻين کي خوش ڪرڻ، فائدو حاصل ڪرڻ، يا سزا کان بچڻ لاءِ چون ٿا، جيتوڻيڪ انهن جي نيت شروع کان ئي ٻيو ڪجهه هوندي آهي.

مثال طور:

 چونڊن دوران، هڪ سياستدان ڳوٺ جي ماڻهن سان واعدو ڪيو ته پاڻي، رستا، ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪندو. چونڊ کٽڻ بعد هو غائب ٿي ويو—سندس “ها” صرف ووٽ وٺڻ لاءِ هو.

اهو شعوري فريب آهي، ۽ ان جو تدارڪ فقط سجاڳي سان ٿي سگهي ٿو.

اهي “ها” جيڪي ڀروسو ڀڃن

جڏهن ماڻهو بار بار واعدو ڪري عمل نٿا ڪن، ته اعتماد جي بنيادن ۾ ڏار اچي ٿي. دوستي، رشتي، ڪاروبار—هر جڳهه تي اثر پوي ٿو. اڪثر اهڙن روين جي پويان بدنصيبي، خوف يا ڪميونيڪيشن يا رابطي ڪرڻ جي کوٽ هوندي آهي، نه ڪا خالص بدنيتي.

حل: هڪ سچائي ۽ همدردي تي ٻڌل ڪلچر جي واڌاري طرف

انھن روين کي گهٽائڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته:

•        صاف گوئيءَ کي همٿايون: “نه” چوڻ کي معيب نه سمجهو.

•        پنهنجي محدودين کي سمجهون، سکون ۽ سيکاريون

•        اظهار جي سگهه وڌايون: خاص طور تي نوجوانن، ملازمن، ۽ عورتن لاءِ

•        ظاهري رضا کان وڌيڪ اصلي ايمانداريءَ کي اهميت ڏيون

حاصل مقصد ته “نه” چوڻ ڪڏهن ڪڏهن اصل ايمانداري آهي

جيڪڏهن ڪو ماڻهو “نه” چوي ٿو، ته اهو وقتي طور تڪليفده ضرور ٿي سگهي ٿو، پر اها سچائيءَ تي ٻڌل واٽ آهي. ساڳئي وقت، ڪوڙ تي ٻڌل “ها” فقط بي چيني، بي اعتمادي، ۽ پريشاني پيدا ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان اهڙو سماج چاهيون جتي ماڻهو پنهنجي حدن، حالتن، ۽ حقيقتن سان وفادار رهن، ته پوءِ اسان کي سچ کي، خواه ان ۾ سختي هجي، قبولڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو.

ايمانداري هميشه “ها” ۾ ناهي پر اها آهي قول ۽ عمل جي هڪجهڙائيءَ ۾.


عبداللہ عثمان مورائي گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سويڊن ۾ رھي ٿو. سندس اصل ڳوٺ سنڌ جي نوشھري فيروز ضلعي جو شھر مورو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. مونسان ھڪ مسئلو ھوندو آھي، مان نه ڪرڻ سکيو ئي ناھيان جنھن سبب منھنجا کوڙ دوست ۽ مائٽ مونتي ناراض ھوندا آھن ته تون وقت نه ٿو ڏين جڏھن تہ مان پنھنجو ذاتي وقت ھميشه ٻين کي ئي صرف ڪندو آھيان، پر جواب ڪنھن کي نه ڏئي سگھندو آهيان پوءِ وقت بچي نه سگھندو آھي ۽ پوءِ کوڙ دوست رھجي ويندا آهن.
    خاص طور مان ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھان وري ٻين سان ھا ڪري انھن جي ڪم ۾ جنبي ويندو آھيان ۽ پوءِ منھنجو ڪتاب اڌ ۾ رھجي ويندو آھي.
    ھن ويبسائٽ متعلق مونکي ڄاڻ ناصر اعجاز جي فيسبوڪ تان ملي ۽ پھريون ڀيرو ئي جيئن پھتس ته دلچسپ مضمون پڙھان وٽان مليو.

  2. ادا خوشي ٿي جو اوهان ڪالم کي پسند ڪيو. هاڻي ڪوشش ڪرڻ ها يا نه چوندا ڪيو جيڪو اوهان لاء مناسب هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button