Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين ۾ ڪُوئن سان مھاڀاري جنگ: ڪُوئا مارڻ تي چينين کي انعام ملندو ھو

چين ۾ ٻليون ته آهن ئي ڪونه، پر جي آهن ته صفا نازڪ ۽ نفيس هٿ هيِريون، ماڻهن جون پاليل، سي ڪِٿان ٿيو ڪُوئا جَهلين

ڪلڪتي جي بنگالي شيف چيو، ”پيني سي ٿوڙي آدمي خراب هوتا هي، بس! ٿوڙا پُرباش هوتا هي،  جُهومتا هي، ڊانس ڪرتا هي…… ويسي ڀي چائنه ڪي وسڪي ۾ ڪڇ ڀي نھين هي، هم تو سارا بوتل پي جاتا هي.“

چين جو نئون سفرنامو

يوسف سنڌي

اِنقلاب کانپوءِ چِين ۾ نقصان ڏيندڙ جِيوت کي ماري فنا ڪيو ويو، جن ۾ مِکيون، مڇر، جِهرڪيون، پَکي پَکڻ، ڪوئا وغيره شامل هئا. ڪِٿي پڙهيم ته جڏهن چِين ۾ ڪُوئا مار مھم شروع ڪئي وئي ته اُن ۾ اِسڪولي ٻارن کان وٺي، هر عُمر جو ماڻهو شامل ٿي ويو ۽ ڪوئا ماريندڙن کي اِنعام ۽ سُٺي شھري هُئڻ جو سَرٽيفڪيٽ پڻ ڏِنو ويندو هو. چِين جي آخري شھنشاهه ’ڦو اي‘ پنھنجي آتم ڪھاڻي ’شھنشاهه کان شھريءَ تائين‘ ۾ لِکيو آهي ته جڏهن هو اِصلاح لاءِ عوامي حُڪومت جي جيل ۾ هو ته  اُن مھم دؤران هُن ڇھه ڪُوئا ماريا، جيڪو عمل جيل اِصلاح دؤران سَندس ڪارڪردگيءَ جو حِصو هو.

وقت گُذرڻ سان گڏ جِيئن جِيئن چِين جي آبادي وڌندي وئي، تيئن باقي بچيل ڪُوئن به آبادي وڌائڻ شروع ڪئي. وشال اَڳ ۾ جنھن گهر ۾ رَهندو هو، اُتي ڪُوئا هوندا هئا ۽ اسان جنھن ڪمري ۾ رَهندا هئاسين، اُن ۾ سَڄي رات اَلماريءَ ۾ ڪُوئن جي کڙ کڙ پئي پوندي هئي ۽ اسان جي ننڊ خراب ڪري ڇڏيندا هئا. اسان کين جَهلڻ ۽ مارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر اُهي ڪامريڊ چِيني ڪُوئا وڏا چالاڪ هئا ۽ اَڪثر ڀڄي ويندا هئا.

ساڳئي نموني سَندس هوٽل ’ذائقه پاڪستاني ريسٽورينٽ‘ ۾ به ڪُوئا هوندا هئا، جيڪي اَڪثر ڪونه ڪو نقصان ڪري، تارون ڪٽي يا رات جو اَچي، سامان ٽيڙي پکيڙي، ويندا هئا. ڇوڪرن ڪُوئا مارڻ جا وڏا وسَ ڪيا، پر ڪُوئا به وڏا اُستاد هئا، ڪڏهن ڪو هڪ اڌ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسندو هو، نه ته ٻيا ڀَڄي ويندا هئا. ٻليون ته هتي آهن ئي ڪونه، پر جي آهن ته صفا نازڪ ۽ نفيس هٿ هيِريون، ماڻهن جون پاليل، سي ڪِٿان ٿيو ڪُوئا جَهلين……. جِيئن پاڻ وٽ ٻليون آهن، جن لاءِ ڪنھن سنڌي شاعر جو ڪنھن زماني ۾ ڏاڍو سُٺو نظم پڙهيو هئم:

هيءَ منھنجي ٻلڙي،

هر ڪنھن هٿن دلڙي.

رات رَهي ٿي خبردار،

ڪُوئا ماري ٿي بيشمار،

نانگ بَلائون ڪري ٿي ناس!

هن ڀيري چِين ۾ اَچڻ ٿيو ته ڪُوئن جي اُهائي ڪار لڳي پئي هئي ۽ هيڏانھن ڇوڪرا به سَندن خلاف مھاڀاري جنگ جوٽيون بِيٺا هئا، پوءِ ڪڏهن هڪ اَڌ ڪُوئو جَهلڻ ۽ مارڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته ڪڏهن نه……اُنھن سَڀني ۾ هڪ ڪُوئو اَهڙو هو، جنھن جو نشانو يا کڻِي اِيئن چئجي ته ٽارگيٽ ’اي. سي‘ جي تارَ ڪُترڻ هو، جيڪا ڇوڪرا ٺاهي ٺاهي بيزار ٿي پيا ۽ اُن ڪُوئي کي مارڻ جا وسَ ڪيائون، پر ڪُوئو هر ڀيري واردات ڪري، رَفوچڪر ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو. اُهو ڪُوئو جڏهن به اي. سيءَ جي تار ڪٽي ويندو هو ته هوٽل جو چِيف شيف صدام خان، جنھن جو واسطو هندستاني بنگال جي شھر ڪلڪتي سان هو، سو صبح جو سَوير وشال کي فون ڪري چَوندو هو: ”وشال ڀائي! مودي آج ڦر تار ڪاٽ گيا!“ وشال کيس جواب ڏيندو هو: ”مودي ڪاٽ گيا؟.“ جنھن تي آءٌ پيو کلندو هوس.

صدام، هندستاني وزيرِاَعظم نريندر موديءَ جي سَخت خلاف آهي. قدَ جو بندرو، رَنگَ جو سانورو ۽ ڪِلين شيو، تمام جِهيڻو ۽ گهٽ ڳالهائڻو. سَندس ڳالهائڻ جو لھجو بنگالي، اُن ۾ اُردو ڳالهائيندو آهي ته مؤنث ۽ مذڪر جون ٽنگون ٻانھون ته پيو ڀڃندو آهي، پر لفظن کي ئي بگاڙي ڇڏيندو آهي. ريسٽورينٽ جا ٻيا به شيف شاهد ۽ فيضان پاڪستاني آهن. شاهد، ’جهنگ‘ (پنجاب) ۽ فيضان ڪشمير جو آهي. صدام جي شاهد سان نه لَڳندي آهي، تنھنڪري جڏهن صدام خان، شاهد تي ناراض ٿيندو آهي ته آءٌ وري مذاق ۾ چوندو آهيان: ”شاهد! آج مودي پاڪستان پر ناراض هوگيا هي.“، جنھن تي صدام چَوندو آهي ته: ”يوسف ڀائي! اَم ڪو مودي مت بولو، وه تو…..“

”وه تو آپ ڪا پرڌان منتري هي نه؟“

”هوگا، پر اََم اُس ڪو پسند نھين ڪرتا.“صدام ٻُوٿ ڦٽائي چوندو آهي، اِيئن نوڪ جهوڪ پئي هلندي آهي.

هڪ ڏينھن ريسٽورينٽ تي پھتاسين ته جنھن هنڌ اي. سي رَکيل هئي، اُتان ڌَپَ اَچي رَهي هئي. ڇوڪرا فيضان، شاهد ۽ سمير ڪم کي لڳي ويا، صدام خان ڪچن ۾ هو. ڇوڪرن اُهو پاسو کوليو، ڏِٺائون ته ڪُوئو ٽنگون ٽيڙيو، وات پَٽيو پيو هو. شايد ٻه ڏينھن کن اَڳ مُئو هو ۽ ڌَپَ ڪري ويو هو. کيس تارَ ڪتريندي ڪو ٺاهوڪو ڪرنٽ لڳو هو ۽ همراهه وڃي پرينءَ کي پرتو هو. ڇوڪرن ڪُوئي کي ڇِڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ رَسيءَ ۾ ٻَڌي، کڻي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وڌائونس. تيسين صدام هٿ مھٽيندو ڪِچن مان ٻاهر نڪتو، وشال کيس ڏِسندي چيو:

”صدام! مودي مر گيا.“

”مودي مر گيا!!“ صدام اُتي ئي بيھي رَهيو.

”هان مودي مرگيا…. سمير، فيضان اور شاهد اُس ڪا ڪريا ڪرم ڪرني جا رهي هين!“ وشال، صدام کي چيو.

”اڇا هوا، بڙي ڪوشي هوئي.“ صدام چيو.

تيسين ڇوڪرن مان ڪنھن چيو: ”اَڄ وشال ڀائي مودي جي مرڻ تي مِٺائي کارائيندو.“

اُن کان اَڳ جو وشال ڪو جواب ڏي، صدام چيو: ”مودي ڪي مرني، پر اَم لڊو بنائي گا اور آپ سَب ڪو کلائي گا…..“

صدام ڏاڍو دلچسپ همراهه آهي. اَڪثر جنھن ڏينھن موڪل هوندي اَٿس، اُن رات اَڪيلو ئي اَڪيلو ڪِلب هليو ويندو آهي ۽ ٻيو موڪل وارو سَڄو ڏينھن سُتو پيو هوندو آهي. صدام موڪل جو ڏينھن پورو ڪري، ڊيوٽيءَ تي چڙهندو هو ته ڇوڪرا وشال کي اَکِ هڻي چوندا هئا: ”وشال ڀائي! صدام رات به اَڪيلو اَڪيلو ڪِلب ويو هو، اسان کي صلاح به نه هنيائين.!“

وشال وري صدام کي چوندو هو: ”هان صدام! تم اَڪيلي ڪِلب گئي ٿي؟ يار! اِن ڪو ڀي لي جاتي……“

جنھن تي صدام سَنجيدگيءَ سان وراڻيندو هو: ”اَم ڪو اِن بچه لوگ ڪو خراب نھين ڪرنا!“

جنھن تي اسان ڏاڍو کِلندا آهيون ۽ آءٌ وري فيضان ۽ شاهد کي مصنوعي رُعبَ مان چوندو آهيان: ”صدام ٺيڪ ته چوي پيو، اوهان اَڃا ٻار آهيو، خواهه مخواهه خراب ٿي ويندا. وڏا ٿيندا ته پوءِ صدام اوهان کي وٺي ويندو.“

جنھن تي هو چوندا آهن ته: “پوءِ صدام کي به سُڌرڻ گُهرجي….. اسان ته اَڻ پرڻيل آهيون، صدام ته شادي شده آهي، ٻه ٻارَ به اَٿس.“

”ها، اَم شادي شده هي، اَماري دو بيويان هي، ايڪ اِنڊيا ۾ اور ايڪ چائنا ۾.“

آءٌ کِلَ روڪي چوندو آهيانس: ” صدام! خُدا خُدا ڪر، ٻه زالون ۽ ٻه ٻار اَٿئي، پوءِ به ڪِلب….“

ڳالهه لَنوائيندي چوندو آهي: ”يه لوگ پيتي ڀي تو نھين!“

جنھن تي آءٌ صدام جو پاسو وٺندي چوندو آهيان: ”اوهان ڀَلي نه پيئو…… پر اوهان صدام کي پيئاريو ته هو اوهان کي وٺي ويندو. “

پوءِ صدام کي چوندو آهيان: ”اَگر يه بچه لوگ پيئين ٿو ڦر؟“

”هان، پيئين تو ڦر ٺيڪ هي!“

”پر پيئڻ سان هي بچه لوگ وڌيڪ خراب ٿي ويندا.“ چوندو آهيان.

”پيني سي ٿوڙي آدمي خراب هوتا هي، بس! ٿوڙا پُرباش هوتا هي،  جُهومتا هي، ڊانس ڪرتا هي…… ويسي ڀي چائنه ڪي وسڪي ۾ ڪڇ ڀي نھين هي، هم تو سارا بوتل پي جاتا هي.“

”اَڇا واقعي؟“

”آن……. اَم ڪو ايڪ بار اَبوذر اَپني ڪسي دوست ڪي پاس لي گيا. وه بھت بڙا شيشا لايا ٿا، جو اُن سي پيا نھين گيا. ڦر اَبوذر ني اَم ڪو ڪھا، صدام ڀائي عجت ڪا سوال هي……. ڦر ڪيا هوا ڪه اَم ني سارا بوتل خالي ڪرديا.“

جنھن تي اسان سَڀني وڏو ٽھڪ ڏنو.

هڪ ڀيري اَبوذر ويٺو هو ۽ اسان پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رَهيا هئاسين ته اَبوذر چيو: ”ٽن مھينن کانپوءِ مسَ مسَ اَڄ اسان کي اِسڪالرشپ جي قسط مِلي آهي.“

جنھن تي اسان کيس چيو ته: ”اَبوذر! پوءِ ته اسان کي اَڄ ڪِٿي هلي سُٺي ٽريٽ ڏي!“

جنھن تي اَبوذر لھرائڻ لڳو، اُن مھل صدام اُتي اَچي بِيٺو ته وشال چيس: ”صدام! اَبوذر هم سَب ڪو ٽريٽ دي رها هي.“

  جنھن تي صدام ٿوري دير چُپ رَهيو ۽ پوءِ اَبوذر ڏانھن ڏِٺائين ۽ چيو: ”ڦر تو زمين ڦٽ جائيگا…آسمان گِرجائيگا…… قيامت آجائيگا…..“   

______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھيءُ چين جو سندس ٻيو سفرنامو آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button