حيدربخش جتوئيءَ سنڌ ۾ ھارين جي بدترين حالت ڏسي سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏني ھئي
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ پنهنجي سڄي زندگي هارين، مزدورن ۽ مظلوم طبقن جي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس نالو جدوجهد، مزاحمت ۽ اميد جي علامت طور هميشه ياد رکيو ويندو. انجمن ترقي پسند مصنفين جي مذاڪري ۾ تقريرون

ڪراچي
انجمن ترقي پسند مصنفين، ڪراچي چيپٽر پاران آچر ڏينھن سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ، هاري تحريڪ جي سرواڻ، شاعر، اديب ۽ قومي شعور جي علامت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ادبي ۽ فڪري خدمتن جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ مذاڪرو ڪوٺايو ويو.
تقريب ۾ شريڪ سنڌ جي نامور دانشورن، مفڪرن، صحافين ۽ سياسي توڙي سماجي شخصيتن چيو ته سنڌ هن وقت جنهن ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، ان ۾ حيدر بخش جتوئي جهڙن عالم، شاعر ۽ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن جي سخت ضرورت آهي.
تقريب کي پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر جعفر احمد، ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو، صدف ٿلو، امان الله شيخ، سهيل سانگي، جاويد مهر، منصور کوکر، تاج مري، يونس مهر ۽ ٻين خطاب ڪيو. مقررن چيو ته اڄ اسين اهڙي عظيم شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جنهن پنهنجي سڄي زندگي هارين، مزدورن ۽ مظلوم طبقن جي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو جدوجهد، مزاحمت ۽ اميد جي علامت طور هميشه ياد رکيو ويندو. سندس فڪري، ادبي ۽ سياسي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندس پيغام انصاف، برابري ۽ عوامي حقن جي حاصلات جي جدوجهد کي نئين توانائي ڏيندو رهندو.
صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته حيدر بخش جتوئي هڪ عظيم انسان هو. هن چيو ته مون سندن جدوجهد جا لڳ ڀڳ پنجويهه سال ويجهڙائي سان ڏٺا. ون يونٽ جي دور ۾ سندن ڪردار انتهائي شاندار رهيو. هنن سنڌ جو مقدمو ڀرپور نموني وڙهيو. هن چيو ته حيدر بخش جتوئي مسلسل ۽ بي لوث جدوجهد ڪئي ۽ هو چوويهه ڪلاڪ ڌرتي ۽ عوام جي مسئلن بابت سوچيندا رهندا هئا. هن سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ابراهيم جويو، جي ايم سيد ۽ قاضي فيض محمد بابت سيمينار منعقد ٿيڻ گهرجن ۽ نوجوان نسل جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

خاص مهمان ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته حيدر بخش جتوئي جو ڪم ۽ مقام تمام بلند آهي. هن ون يونٽ خلاف ۽ هارين جي حقن لاءِ ڪامياب تحريڪ هلائي. هن چيو ته ترقي پسند تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھن قسم جا پروگرام نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجن ٿا. سندس چوڻ هو ته سرڪاري ملازمت دوران حيدر بخش جتوئي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هارين جي خراب حالتن کي ڏٺو ۽ انهن جون زندگيون بدلائڻ لاءِ ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن چيو ته ون يونٽ ذريعي چئن صوبن کي ملائي هڪ صوبو ٺاهيو ويو ۽ ان کي اوڀر پاڪستان جي مقابلي ۾ بيهاريو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت ۾ پنڊت نهرو تي به تنقيد ٿي، جڏهن ته گڊو بئراج جي منصوبن ۾ فوج کي فائدو پهچايو ويو. سندس چوڻ هو ته ون يونٽ خلاف حيدر بخش جتوئي جون تقريرون تاريخي اهميت رکن ٿيون.
ڊاڪٽر ظفر جونيجي چيو ته حيدر بخش جتوئي هفتيوار اخبار “هاري حقدار” جو ايڊيٽر هو. هن ان اخبار جا اداريه هارين، مزدورن ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ لکيا. هن سوال ڪيو ته ڇا اڄ جي صحافت اهو معيار برقرار رکي سگهي ٿي؟ سندس موجب “هاري حقدار” هڪ رجسٽرڊ اخبار هئي، پر حيدر بخش جتوئي جي بار بار گرفتارين سبب ان جي اشاعت جو تسلسل متاثر ٿيندو رهيو.
يونس مهر چيو ته پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي، سورهيه بادشاهه، الله بخش سومرو، جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جهڙيون شخصيتون موجود هيون، پر اڄ اهڙي قيادت جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
ادريس جتوئي چيو ته حيدر بخش جتوئي جديد شاعري کي نئون رخ ڏنو ۽ سندن شاعري دريا شاهه جي روايت سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿي.
نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته جيستائين مردن سان گڏ عورتون به جدوجهد ۾ شريڪ نه ٿينديون، تيستائين سماج ۾ حقيقي تبديلي ممڪن ناهي. هن چيو ته حيدر بخش جتوئي سنڌ جي بقا لاءِ شاعري ڪئي ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ کيس جيل جون سختيون به برداشت ڪرڻيون پيون.
صحافي سهيل سانگي چيو ته حيدر بخش جتوئي جي شاعري ۽ تحريرون سياسي شعور سان ڀرپور هيون ۽ سنڌ ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ سندن جدوجهد وسارڻ جهڙي ناهي. هن چيو ته ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ جون زمينون انعام ۽ نيلام ذريعي ورهايون ويون.
سياسي ۽ سماجي ڪارڪن صدف ٿلو چيو ته سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي عظمت بي مثال آهي. هن چيو ته پير سرهندي سندن خلاف فتوائون ڏنيون ۽ سخت مخالفت ڪئي، پر حيدر بخش جتوئي ڪڏهن به معذرت نه ڪئي ۽ پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهيا.
ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ امان الله شيخ چيو ته هن حيدر بخش جتوئي کي لاڙڪاڻي ۾ پمفليٽ ورهائيندي ڏٺو. هن نون زرعي سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرحدي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ وچولي طبقي کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي.
جاويد مهر چيو ته حيدر بخش جتوئي سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ انتهائي اثرائتي جدوجهد ڪئي.
تقريب ۾ شريڪ مهمانن کي انجمن ترقي پسند ليکڪ سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو آجيان ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ انجمن ڪراچي جي صدر منصور کوکر مهمانن جا ٿورا مڃيا. پروفيسر مشتاق مهر ۽ نديم سبطين پنهنجي شاعري پيش ڪئي.
مذاڪري تقريب جي ميزباني جا فرض انجمن ڪراچي جي اطلاعات سيڪريٽري لياقت عباسي سرانجام ڏنا، جڏهن ته تقريب ۾ واحد بلوچ، وليم صادق، محمد مظهر، اسماعيل سومرو، نعيم شيخ، قادر اعظم، ايم صفدر، قاضي جاويد، الياس حسيني ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. (پريس رليز)
________________




ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي لکڻين جي حوالي سان انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر پاران ٿيل مذاڪري جي شاندار ڪوريج