Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

ڪهڙا ليکا محبوبن سان، جيئڻ جو آ واعدو جن سان: سانول ۽ سندس گِيتَ

سانول جي شاعريءَ ۾ نه ته فحاشي آهي، نه ئي ڇُڙواڳي، نه نعريبازي آهي، نه ئي وري درباري خيالَ. هن اها ڳالھ پنهنجي ذهن ۾ چٽيءَ ريت ويهاري ڇڏي آهي ته محبتن جي ڏُُڪر واري دور ۾ محبتن جو سفير ٿيڻو آهي ۽ مانهن کي سمجهائڻو آهي ته پيار جي معاملي ۾ ماڻهوءَ جي دل بي اختيار هوندي آهي. انڪري ان دل کي ڪن دائرن تائين محدود رکڻ کان پاسو ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي.

نسيم بخاري

 سانول ميراليءَ جو گهڻو تڻو تعارف ڀل ته ڪيسيٽي شاعريء وارو هجي پر حقيقت اها آهي ته هو پڪو پُختو شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي صنفن غزل، چئوسٽا، وائي، مسدس پنج ڪڙا، نظم، حمد ۽ نعت تي قلم کينو اٿائين.

1991ع ۾ سنڌ پوليس ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي حيثيت سان نوڪريءَ جي شروعات ڪندڙ سانول ھينئر اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آهي.  سانول جو جنم 05 جولاءِ 1967ع تي محمد افضل جي گهر ڳوٺ مير خدا بخش ميرالي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿيو. هن پرائمري کان مڊل تائين نبي شاھ وڳڻ مان تعليم پرائي، ميٽرڪ ڊکڻ هاءِ اسڪول ۽ انٽر رتوديرو ڊگري ڪاليج مان ڪئي.

هڪ ٻئي پويان والدين جي وڇوڙي کيس جيڪا درد جي سوغات عطا ڪئي. انهن سورن هن کي شاعريءَ ۾ پناھ وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ استاد بهار علي بهار ٻرڙو جي صُحبت ۽ رهنمائي کيس شاعر بڻائي ڇڏيو. سندس پهريون ڪلام 1986ع ۾ شمن علي ميراليءَ ڳايو جڏهن هو اڃان هاءِ اسڪول جو شاگرد هو ۽ پوءِ هڪ ٻئي پويان سنڌ جا ننڍا وڏا ڳائڻا سندس شاعريءَ کان متاثر ٿي پنهنجي آواز ذريعي کيس شاعر جي حيثيت سان منظر عام تي آڻيندا رهيا. هو متعارف ٿيندو ويو ۽ اهو تعارف ان سطح تي پهتو جو سندس نانءُ ۽ ڪلام مڃتائن جون سموريون بلنديون ماڻيندو ويو.

”سانول جي شاعري هڪ پاسي محبوبن جي ميلاپن جو مذڪور، ڪٿي وڇوڙن جا ورلاپ، ڪن سِٽن ۾ رڳو درد جا دونهان ئي دونهان. سانول عوام جو ۽ عوامي رنگن جو مقبول شاعر آهي.“

مٿيان خيال سنڌي اديب نصير مرزا جا آهن، جيڪي هن عوامي شاعر سانول ميراليءَ جي شعري مجموعي “يارن سان ڪهڙا ليکا” جي مهاڳ ۾ اظهاريا آهن.

ڪتاب جي پوئين صفحي تي جواد جعفريءَ اها ڳالھ بلڪل درست لکي آهي ته “سانول قلمي ڪارج کي فرض سمجهي نڀايو آهي. سندس ڪتاب گُهٽ ٻُوسَٽَ واري ماحول ۾ تازي هوا جو جهونڪو ثابت ٿيو آهي.“

سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان شايع ٿيل هن ڪتاب ۾ سانول جا اڪثر اهي گيت ۽ غزل آهن، جيڪي سنڌ جي مشهور فنڪارن شمن علي ميرالي، ماسٽر منظور، منظور سخيراڻي سميت مختلف فنڪارن ڳايا آهن.

اهو شاعر وڏو خوشنصيب آهي، جنهن جي شاعريءَ کي سريلا آواز جهر جهنگ پهچائين ٿا. سانول جي شاعري سندس ملاقات کان اڳ مون تائين سنڌ جي سريلن فنڪارن معرفت پهتي هئي.

آئون اها ڳالھ دعوا سان ڪري سگهان ٿو ته سانول کي جيترا ماڻهو سڃاڻن ٿا، اوترا سنڌي ادب کي عُمريون ڏئي ڏھه ويهه ڪتاب لکي ڇپائيندڙن کي به نه سُڃاڻيندا هوندا، ڇوته اهي پڙهندڙن جي حلقي تائين محدود هجن ٿا. جڏهن ته سانول جي ٻڌندڙن جو حلقو وسيع آهي. سندس شاعريءَ جا ڳايل ڪلامَ 6 لکَ دفعا انٽرنيِٽ تان ڊائونلوڊ ٿي يا ڏسجي ۽ ٻڌجي چڪا آهن. 

سانول جي شاعري ھر  عمر ۽ هر سطح جي ماڻهن کي موهيو آهي. سندس شاعري ٽه رُخي آهي. هن رومانس سان رچيل ۽ روح کي راحت ڏيندڙ شاعري به ڪئي آهي ته سماجي  ۽ طبقاتي معاملن ۽ نشاندهين سان گڏوگڏ انقلابي تخليقون به سرجيون آهن. هو ڪڏهن به ڪنهن فنڪار آڏو پنهنجي شاعري ڳائرائڻ لاءِ ايلازو نه ٿيو آهي، نه ئي وري شهرتن جي بُلندين کيس مغرور بڻايو آهي. جيترو هن جو ادبي قد ڪاٺ وڌيو آهي، اوتري ئي هن عاجزي اختيار ڪئي آهي. ويھ سال اڳ سندس شعري مجموعو “نيڻ آلا رهيا” ڇپجي چڪو آهي. 1983ع کان شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيندڙ سانول جي شاعري وڏي تعداد ۾ مختلف فنڪارن   ڳائي شهرت ماڻي آهي.

شاعر سانول (ساڄي) ۽ نسيم بخاري

سانول شاعريءَ سان گڏوگڏ صالح ۽ ادب دوست اولاد جي بهترين تربيت ڪري پنهنجي ادبي خانداني تسلسل کي برقرار رکڻ جي به پوري پوري شعوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن جا پُٽڙا به شاعري ڪن ٿا ۽ جھونگارين ٿا. سانول جي شاعريءَ ۾ نه ته فحاشي آهي، نه ئي ڇُڙواڳي، نه نعريبازي آهي، نه ئي وري درباري خيالَ. هن اها ڳالھ پنهنجي ذهن ۾ چٽيءَ ريت ويهاري ڇڏي آهي ته محبتن جي ڏُُڪر واري دور ۾ محبتن جو سفير ٿيڻو آهي ۽ مانهن کي سمجهائڻو آهي ته پيار جي معاملي ۾ ماڻهوءَ جي دل بي اختيار هوندي آهي. انڪري ان دل کي ڪن دائرن تائين محدود رکڻ کان پاسو ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. مثال طور سندس هيٺين غزل جو سادو ۽ شاندار اظهار پسي سگهجي ٿو:

پاڻ ناهي ڪبو، پيار ٿي ويندو آ

عشق اکڙين مان، اظهار ٿي ويندو آ.

ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ، ڪنهن جي وس ۾ نه آ

هي ازل کان ئي، ونهنوار  ٿي ويندو آ

ڪوئي ڪنهن ڏي نهاري ٿو، نَفرتَ منجهان

ڪنهن جي ٻانهن جو ڪو هار ٿي ويندو آ.

سانول جي شاعريءَ ۾ وِک وِک تي اُميد پرستي، اُتساھ ۽ آٿت جي ڳالھ ڪيل آهي ۽ اها  اُميد ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي اُداسيءَ سان مُهاڏي اٽڪائڻ جو حوصلو بخشيندي آهي. مثال طور سندس هيٺيون احساس ئي پڙهي ڏسو ته:

ماضي ڪيئن به، هو گُذري ويو

ايندڙ وقت اُجالو هوندو.

سانول جي سوچ لوچ ۾ بي حسابي ۽ بي نيازي ڀرپور  آهي، جيڪا سندس يارن ته ڇا، پر ڪنهن سان به ليکن ڪرڻ کان روڪيون ويٺي آهي. سانول سچ ته ڪنهن سان به ڪو ليکو ڪرڻ جو نه سوچيندو آهي. ان جي اُبتڙ پنهنجو احتساب ضرور ڪندو آهي. هن جي دل ۽ نيت صاف هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته سدائين مُک تي مُرڪ سجائي ملندو آهي. سانول جي سَڀاءَ ۾ جيڪا سُرت ۽ ساڃاهه سمايل آهي، سا قدم قدم تي هڪ صوفيءَ روح جي ساکي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هو ائين سوچي ٿو ته:

ڪهڙا ليکا، محبوبن سان

جيئڻ جو، آ واعدو جن سان.

سُکَ ڏِيَن، يا ڌُکَ ڏِيَنِ هُو

ڪجهه نه چوڻو آهي، چپن سان.

جيسين آهي، ساهُه سِسِيءَ ۾

توڙُ نِڀائڀو، تيسين تِن سان

پوءِ به آهي، مُرڪَ چپن تي

توڙي ڀريل آ، دل دَردَن سان.

سڄڻن کي اَڄُ، ساري”سانول

پانڌُ پِسايو، مون لُڙڪَن سان.

 سانول جي شاعري محبوب جي تصور ۽ اُن جي محبت کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته ان کانسواءِ هو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي وجود کي غيرضروري ۽ اڻپورو ٿو سمجهي. وڇوڙي يا ڪنهن مجبوريءَ سبب ڪجهه وقت جي جدائي به کيس قرب ۾ ڪاتي ۽ خنجر برابر محسوس ٿئي ٿو. اڪيلائيءَ جي احساس سان سرشار سانول جڏهن ان ڪيفيت تي قلم کڻي ٿو، ته هن کان اهي لفظ خود بخود لکجي وڃن ٿا ته.

زندگيءَ جو سفر، اوپرو ٿو لڳي

تو سواءِ پنهنجو گهر، اوپرو ٿو لڳي

ائين لڳي ٿو مان، ڄڻ هِتان جو نه هان

مونکي سارو هي تَرُ، اوپرو ٿو لڳي.

سانول ميراليءَ جي شاعريءَ ۾ تَڙپ جي تجلي پنهنجي وُجود جي اَڻپورائيءَ کي جهڙيءَ ريت جياريو ۽ اُڀاريو آهي، اهو سورن جي سوڳ جي جيڪا نمائندگي ڪري ٿو، سو درد ئي درد جي دونهين جو ڀرپور عڪاس آهي.

افسوس زندگيءَ جو، سهارو نه ٿو ملي

ماڻهو ملن ٿا کوڙَ، پر پيارو نه ٿو ملي.

سُڪون منهنجي ساهه کي، قرار ڪونه آ

ڳوليان ٿو مگر، سُک سَهارو نه ٿو ملي.

سانول ميرالي بي يارو مددگار هئڻ جي پيڙا کي وري ڪجهه هن طرح سان اظهاري ٿو ته:

هر روز مقدر جا، تارا ٿو ڏسان مان

سهڻا هزار پر، نه سهارا ڏسان ٿو مان.

جنهن دور ۾ انڊين فلمي گانن جي طرز تي ڪيل شاعري تي مشتمل ميوزڪ البمز جي ڌُم هوندي هئي، انهن ڏينهن ۾ سانول جو وڏو چرچو هوندو هو. هن جي زندگيءَ ۾ شمن علي ميرالي اهو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو ڪمار سانو جي ڪاميابين پويان مشهور غزل گو شاعر جگجيت سنگهه جو هو.

جهڙيءَ ريت بيدل مسرور جي آواز شيخ اياز جي تخليق “سچ وڏو ڏوهاري آهي” کي وڏي مڃتا ڏياري، ساڳيءَ ريت شمن علي ميراليءَ جي سُر سنگيت سانول کي “سانول” بڻايو ۽ شمن کي شمن بڻايو . کوڙَ ماڻهو سمجهندا آهن ته اهي ٻئي پاڻ ۾ رشتيدار آهن، پر حقيقت اها آهي ته اهو ائين نه آهي.نه ئي وري ذات جي بنياد تي شمن کيس مٿانهين اهميت ڏني هئي. سانول کي اهميت ان جي تخليقي پختگي ڏياري، جيڪا اڄ به برقرار آهي. سانول ادب جي مختلف صنفن ۾ نه رڳو پاڻ ملهايو آهي، پر پاڻ مڃايو به آهي. وزن بحر توڙي خيالن جي تسلسل جي اڻپورائيءَ باوجود هن جون تخليقون پنجانوي سيڪڙو وزن بحر تي  نظر اچن ٿيون ته انهن ۾ رواني به قهر جي آهي.

شهرتن جي بُلندين تي پهچڻ کانپوءِ به سانول پنهنجي سادگي، سنجيدگي، سچائي، ثابت قدمي ۽ نياز نِوڙت واري واٽ نه ڇڏي آهي. هن جي هٿ جوڙي ۽ پُرخلوص ڀاڪر نه رڳو وڏي ڳالھ آهي، پر ملندڙ لاءِ اُتساھ به ثابت ٿيندو آهي. سانول ميراليءَ جي تازي شايع ٿيل شعري مجموعي “يارن سان ڪهڙا ليکا” اميد ته ٻين شاعرن لاءِ به آٿت بڻبو ۽ نئين نسل لاءِ به ڪجھ عرصو اڳ واري موسيقيءَ کي وري نئين انداز سان جهونگاري پيش ڪرڻ جا نِت نوان جواز پيدا ڪري ڏيندو.

سانول جي ذڪر هيٺ آيل شعري مجموعي ۾ غزلن جو ڪجھ احوال پاڻ ڪري آيا آهيون،پر حقيقت اها آهي ته ان شعري مجموعي ۾ غزلن کان وڌيڪ گيت شامل ڪيا ويا آهن. انهن گيتن تي تفصيلي لکڻ جي ضرورت آهي، پر هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ڪجھ گيتن جو وچور پيش ڪجي ٿو:

روئندو ڏسي، مونکي کلائين ها

*

دوست ناهي دوست رهيو، يار ناهي يار رهيو

*

کِل کِلَڻ وارا، کِلَڻ ۾ ته خدا رازي آ

*

منهنجي رت ٿي وڌي، تون کِلُ سهڻا

*

مان ته منٿون ڪيان ٿو، مِلڻ لئه

*

دل بي درد کي ڏئي، پڇتايو

*

منهنجي دلبر کي سمجهايو

*

جيڪو ڪري مون سان وفا، تنهن کي ڏيان مان دل

*

روئان ٿو يار جي خاطر

*

درد دل ۾ يار نه ٿي، تڏهن ته دل ڏُکائين ٿو

*

کِلائڻ جي خبر

*

يارن سان ڪهڙا ليکا.

*

نه هُئي نڀائڻو، مون سان پيار ڇو ڪيُئي؟

*

وقت وقت جي ڳالھ آ.

سانول ميرالي سنڌ جو عوامي سرمايو آهي، ڇوته هن کي اڪثر ٻهراڙين جا ماڻهو ڄاڻن ٿا. هن جا گيت ڳائن ٿا ۽ سوکڙي طور تي هن جا شاعري وارا ميوزڪ البمز ڏين وٺن ٿا. پوليس جهڙي کاتي ۾ رهندي به هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي “رواجي پوليس وارو” محسوس ٿيڻ  نه ڏنو آهي.هو دل جو سخي، ڪشادو دسترخوان رکندڙ سنڌ جي مهمان نوازيءَ واري روايت جو شاندار امين آهي. هن لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي  شايع ٿيل ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته هن جي اڪثر شاعري سندس محرومين جو ردِعمل آهي. يتيميءَ جي درد کيس زندگيءَ ۾ جيڪي ذلتون ۽ تلخيون ڏيکاريون، اهي اڄ به هن لاءِ ڀيانڪ ياد آهن. انڪري سموري شاعري ننڍپڻ ۾ پيءُ ماءُ جي وڇوڙي کانپوءِ پيش آيل وارتائن جو مشاهدو آهي. سانول ميرالي دل جو ايڏو حساس ۽ معصوم انسان آهي، جو هن کي روئي پَوڻ ۾ به دير نه لڳندي آهي. گهٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا هن جي روئي پَوڻ واري منظر جو ته آئون به شاهد آهيان. هڪ ڀيرو جڏهن هن جي قدردان آفيسر ايس ايس پي شيراز نظير عباسي جي شڪارپور مان  بدلي ٿي هئي، تڏهن هو لُڙڪن کي روڪي نه سگهيو هو ۽ ٻيو ڀيرو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي پاران هن جي ڪتاب جي مهورت واري تقريب دوران ابي امان کي ساريندي هن روئي ڏنو هو. سانول ميرالي پاڻ سان گڏ شاگردن جو ٽولو ساڻ کڻي هلڻ يا انهن تي ناز ڪرڻ سٺو نه سمجهندو آهي، پر هو خاموشي ئي خاموشيءَ سان شاعراڻي تربيت وارا فرض ضرور سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪا هڪ صحتمند روايت آهي ۽ جنهن کي جيترو جس ڏجي، گهٽ آهي.

____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button