سنڌ ۾ وڻڪاري مھمون: حقيقت يا ٺڳيءَ جا ٺاھ؟ ڪروڙين ٻُوٽا ڪاڏي ويا؟
گذريل ڪجهه ڏھاڪن کان سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي ملين ٽريز ۽ بلين ٽريز جهڙيون وڏيون فيشني وڻڪاري مھمون هلايون ويون آهن. سوشل ميڊيا تي تصويرون ڏسي لڳندو رھيو آهي ته ڄڻ سڄو ملڪ سرسبز ٿي چڪو آهي، پر عملي طور تي ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي وڌڻ بجاءِ گهٽجي رهي آهي. سوال اهو آهي ته اربين رپيا خرچ ڪرڻ ۽ ڪروڙين ٻوٽا پوکڻ جي دعوائن باوجود اسان جا ٻيلا ڇو نٿا وڌن؟

سنڌ کي ويران ٿيڻ ۽ گرمي جي قهر کان بچائڻو آهي ته اسان کي رڳو فوٽو سيشن وارو ڪلچر ختم ڪري، عملي قدم کڻڻا پوندا. اسان کي وڻ پوکڻ کان وڌيڪ وڻ بچائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وڻڪاريءَ جي بجيٽ جو ستر سيڪڙو وڻن جي پوکڻ تي نه، پر انهن کي پاڻي ڏيڻ، سنڀالڻ ۽ حفاظت ڪرڻ تي خرچ ٿيڻ گهرجي.
نصير اعجاز
اڄ ھڪ تمام اهم، تلخ ۽ حقيقت تي ٻڌل مشاھدو ونڊڻ گھران ٿو. اهو هڪ وڏو الميو آهي ته اسان وٽ وڻڪاريءَ جون مھمون اڪثر ڪري رڳو فوٽو سيشن، سرڪاري انگن اکرن جي هيرڦير ۽ سوشل ميڊيا جي هائپ تائين محدود رهجي ويون آهن. ٻُوٽو پوکيندي فوٽو ڪڍرائي ميڊيا تي رکڻ وارن کان ڪنھن پُڇيو آھي تہ اھو ٻُوٽو وڌي وڻ ٿيو يا نہ؟ ڪجھ ورھين ۾ تہ ٻُوٽو وڻ جي شڪل وٺي ۾ نظر اچڻ گھرجي نہ. ٻُوٽو پوکڻ هڪ ڏينهن تہ ڇا ڪلاڪ اڌ جو ڪم آهي، پر ان کي وڻ بڻائڻ لاءِ سالن جي سار سنڀال، محبت ۽ تحفظ جي ضرورت هوندي آهي، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن ٻار جي پرورش ڪبي آهي. پر ھتي انھيءَ جي اُبتڙ آھي. اھو ئي ڪارڻ اھي جو اربين رپين جي سيڙپ صرف زيان جي شڪل ۾ آڏو آئي آھي. جيسين ٻيلن جي غيرقانوني واڍي ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، تيسين اهي اربين رپين جا منصوبا رڳو ڪاغذي دعوائون ئي رهندا.
موسمياتي تبديلي هن وقت سڄي دنيا، خاص طور تي پاڪستان، بلڪ مان تہ چوندس تہ سنڌ لاءِ هڪ وڏي چيلينج بڻيل آهي. گرمي پد ۾ مسلسل اضافو، بي وقتيون بارشون ۽ ٻوڏون اسان جي ٻيلن جي تباهيءَ جو نتيجو آهن. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گذريل ڪجهه ڏھاڪن کان سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي ملين ٽريز ۽ بلين ٽريز جهڙيون وڏيون فيشني وڻڪاري مھمون هلايون ويون آهن. سوشل ميڊيا تي تصويرون ڏسي لڳندو رھيو آهي ته ڄڻ سڄو ملڪ سرسبز ٿي چڪو آهي، پر عملي طور تي ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي وڌڻ بجاءِ گهٽجي رهي آهي.
سوال اهو آهي ته اربين رپيا خرچ ڪرڻ ۽ ڪروڙين ٻوٽا پوکڻ جي دعوائن باوجود اسان جا ٻيلا ڇو نٿا وڌن؟
سوشل فاريسٽري ۽ ماحولياتي ماهرن سان ڪچھرين ۾ ھڪ ڳالهه ظاھر ٿي ته ماڻهو ٻوٽي کي وڌي وڻ ٿيڻ ئي نٿا ڏين. اسان وٽ سڀ کان وڏو نقص اهو آهي ته وڻ پوکڻ کي ته هڪ جشن طور ملهايو ويندو آهي، پر ان کان پوءِ ان ٻوٽي کي پاڻي ڏيڻ، ان کي چوپائي مال کان بچائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪو به ڪونه هوندو آهي. هڪ ٻوٽي کي وڻ ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 5 سال گهربل هوندا آهن. جيسين اسان ٻوٽي کي پنهنجي اولاد وانگر نپائي وڏو نه ڪنداسين، تيسين رڳو وڻ پوکڻ جون ڳالهيون ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.
ٻيو وڏو ڪارڻ ٻيلي کاتي جي پنهنجي ماڻهن جو ملوث هجڻ آهي. مُلڪ جي اُترين علائقن کان وٺي سنڌ جي ٿر، بَر، ڪاڇي ۽ درياهي ٻيلن تائين، وڻن جي غيرقانوني واڍي هلي رهي آهي. جنهن ۾ بااثر مافيا ۽ سرڪاري ڪارندا پاڻ ۾ ملي سڄي ماحولياتي نظام کي تباهه ڪري رهيا آهن. جيڪڏھن مڃون تہ لکين ڪروڙين ٻُوٽا پوکجن ٿا تہ پوءِ اھا بہ حقيقت آھي هڪ پاسي نوان ٻوٽا پوکجن ٿا ته ٻئي پاسي پراڻا وڻ وڍيا وڃن ٿا، جيڪو هڪ مجرماڻو عمل آهي. ڀروسي جوڳن ذريعن تہ اھو بہ ٻُڌايو تہ سنڌ جي ٻيلن مان واڍيءَ ۾ افغاني بہ شامل آھن، جيڪي ھڪ پاسي ڌاڙيلن کي ھٿيار پھچائين ٿا تہ ٻئي پاسي قيمتي ڪاٺ کڻي وڃن ٿا. جيئن تہ وڍي پھچ وارا آھن، تنھنڪري کين چوڻ وارو ڪير بہ ڪونھي.
ھاڻي مان دنيا جا ڪجھ مثال پيش ڪندس تہ ڪيئن انھن قومن پنھنجي ملڪن ۾ ٻيلن جو نہ رُڳو بچاءُ ڪيو پر وڻڪاريءَ کي وڌايو. ٻہ ڏھاڪا اڳ نيپال وڃڻ ٿيو تہ وڏو مثال پنھنجي اکين سان ڏٺم. جابلو ملڪ نيپال ۾ وڻن جي کوٽ ڪانھي پر ھنن اُتي کٽمنڊو جي ٻاھران جبل تي عالمي مدد سان ٻيلي جي ھڪ وڏي رٿا شروع ڪئي ھئي جنھن ۾ موجودہ ٻيلن کي بچائڻ ۽ خالي ھنڌن تي وڻ پوکڻ شامل ھو. رُڳو نيپال ئي نہ پر دنيا ۾ ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ٻيلن جي حفاظت ۽ وڻڪاريءَ لاءِ رڳو مھمون نه هلايون، پر سخت قانون، ڪميونٽي جي شراڪتداري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو. اسان انهن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا: جيڪڏھن اسان ۾ پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ سان سچائي ۽ پيار ھجي.
تاريخي ديوارِ چين Great Wall of China تہ سڀني ٻُڌي آھي، مون جھڙن لکين ڪروڙين ماڻھن فوٽو ڏٺا آھن ۽ ڪن تہ ديوارِ چين گھمي بہ ھوندي، پر چين جي گريٽ گِرين وال Great Green Wall جي نالي سان دنيا ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري رِٿا شروع ڪئي آهي. چين وڻ رُڳو پوکيا ناهن، پر انهن جي حفاظت لاءِ بہ قدم کنيا آھن. مثال طور چين اها زمين مقامي هارين کي ڏني ۽ کين چيو ته جيڪڏهن وڻ بچندا ته حڪومت کين وظيفو ڏيندي. چين سيٽلائيٽ نگراني جو بہ سرشتو قائم ڪيوجنھن تحت ڊرونز ۽ سيٽلائيٽ ذريعي ٻيلن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي ته ڪو وڻ وڍي ته نٿو.
اسان جي آڏو ڏکڻ ڪوريا جو بہ ھڪ مثال آھي. ڪوريائي جنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جا جبل ۽ ٻيلا مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا هئا. پر حڪومت پنهنجي عوام سان گڏجي هڪ قومي مھم هلائي جنھن تحت وڻن جي غيرقانوني واڍيءَ تي سخت سزائون مقرر ڪيون ويون. ٻيلن جي حفاظت جو اختيار مقامي ڳوٺاڻن جي ڪميٽين کي ڏنو ويو، جنهن سان عوام ۾ احساسِ ذميواري پيدا ٿيو. اڄ ڏکڻ ڪوريا جو لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو حصو ٻيلن سان ڍڪيل آهي.
ڪوسٽا ريڪا 1980 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجا اڌ ٻيلا وڃائي چڪو هو. پر انهن هڪ انقلابي پروگرام شروع ڪيو جنهن کي Payment for Environmental Services چيو وڃي ٿو. انھيءَ پروگرام ھيٺ حڪومت هارين ۽ زميندارن کي پئسا ڏيڻ شروع ڪيا ته هو پنهنجي زمين تي وڻ نه وڍين ۽ نوان وڻ پوکين. ان لاءِ فنڊ پيٽرول تي ٽيڪس ھڻي گڏ ڪيو ويو. نتيجي طور، اڄ هي ملڪ دنيا ۾ ماحولياتي سياحت (Ecotourism) جو مرڪز بڻيل آهي.
ڪينيا ۾ ھلايل گرين بيلٽ موومينٽ مشھور آھي. نوبل انعام يافته عورت وانگاري ماٿائي (Wangari Maathai) ڪينيا ۾ عورتن کي گڏ ڪري گرين بيلٽ موومينٽ هلائي. هن تحريڪ جو فلسفو اهو هو ته عورتون ٻوٽن کي ايئن نپائينديون آهن جيئن ٻارن کي. هن تحريڪ تحت ڪروڙين وڻ بچايا ويا ۽ عوام کي ٻيلن جي مالڪي ڏني وئي.
ھاڻي سوال ھيءُ آھي تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ جيڪڏهن پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ کي ويران ٿيڻ ۽ گرمي جي قهر کان بچائڻو آهي ته اسان کي رڳو فوٽو سيشن وارو ڪلچر ختم ڪري، عملي قدم کڻڻا پوندا. اسان کي وڻ پوکڻ کان وڌيڪ وڻ بچائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وڻڪاريءَ جي بجيٽ جو ستر سيڪڙو وڻن جي پوکڻ تي نه، پر انهن کي پاڻي ڏيڻ، سنڀالڻ ۽ حفاظت ڪرڻ تي خرچ ٿيڻ گهرجي.
ٻيلائي کاتي ۾ سخت احتساب ٿيڻ گھرجي. ٻيلن جي غيرقانوني واڍي ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن ۽ ڪارندن کي نوڪرين تان برطرف ڪري مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس هلايا وڃن، ڇو ته ماحول کي تباهه ڪرڻ نسل ڪشي ۽ دھشتگرديءَ جي برابر آهي.
ٻيلن جي ويجهو رهندڙ آباديءَ کي ٻيلن جو محافظ بڻايو وڃي. کين ٻيلن مان خشڪ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ جي اجازت هجي، پر وڻ وڍڻ تي پاڻمرادو پابندي اها ڪميونٽي لڳائي.
ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ جپان جي مياواڪي (Miyawaki) ٻيلن جي طرز سان ننڍا ۽ گهڻا ٻيلا پوکيا وڃن، جتي مقامي وڻ جهڙوڪ نم، ٻٻر، کٻڙ، ڪرڙ پوکيا وڃن، جيڪي گهٽ پاڻيءَ تي به وڌي سگهن ٿا. ڪراچيءَ توڙي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ جيتوڻيڪ شھري ٻيلن ۽ ٻين وڻڪاريءَ جي جعلي رٿائن سان ڊراما کيڏي وڏو مال ڪمايو ويو آھي، پر ٿوري بہ سچائيءَ سان سُٺا نتيجا ڪڍي سگھجن ٿا. سچائي ۽ بي ايمانيءَ جا ٻہ ٽي مثال ڏيندس. ھريپور کان مانسھرہ ويندي کاٻي پاسي جبل تي نظر وجھو. شروع جي ڪجھ ميلن کانپوءِ اھو جبل سائو نظر ايندو. چون ٿا تہ اُتي ايوب خان جي زماني ۾ فضا مان ٻجن جو ڇڻڪار ڪيو ويو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ جبل تي وڻڪاري ٿي وئي. بي ايماني جو مثال سنڌ جو ڏئي سگھجي ٿو جتي سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي بدعنوان ۽ ٺڳ سنڌي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن اربين رُپيا ھضم ڪيا پر ايرڊ علائقن جي ڪا ترقي نہ ٿي. ڏھاڪا گذري ويا پر نہ ٿر ۾ وڻڪاري ٿي ۽ نہ ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾. ٻيو تہ ڇڏيو گورک ھِل جھڙي سياحتي ماڳ لاءِ بہ ڪجھ نہ ڪيو ويو. رُڳو ھڪ ڀيرو ٻجن جو فضائي ڇڻڪار ٿئي ھا تہ ھيل تائين اُتي سمورو علائقو گھاٽن وڻن جي گھيري ۾ ھجي ھا. پر ڇا ڪجي بي ايماني اسان جي نس نس ۾ سمايل آھي.
بس ذھن ۾ ھڪ ڳالھ رکي وڃي. بي ايماني ڪڏھن بہ لِڪي ڪانہ سگھندي ۽ وڻڪاري ڪو سياسي شوشو يا رڳو هڪ ڏينهن جو ڏيکاءُ ناهي، هيءُ زندگي ۽ موت جو معاملو آهي. جيسين اسان هر پوکيل ٻوٽي جي ماءُ واري شفقت سان سنڀال نه ڪنداسين ۽ ٻيلن جي وڍيندڙن کي قانون جي پڪڙ ۾ نه آڻينداسين، تيسين اسان جي ڌرتي سرسبز ٿي ڪونہ سگهندي. پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ اسان کي اڄ ٻوٽن کي وڻ بنائڻو پوندو.
_____________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



