ڪراچيءَ جي ضلع ملير ۾ ايجوڪيشن سٽي: ترقي يا زمينن تي والار؟
ايجوڪيشن سٽي” نالي منصوبي جو مقصد بظاهر علمي ۽ سائنسي ترقي آهي، پر موجوده صورتحال ۾ اهو منصوبو زميندارن ۽ مقامي قبيلن لاءِ خطري جي گھنٽي بڻجي ويو آهي.
جيڪڏهن حڪومت شفافيت ۽ قانوني طريقي کي يقيني نه بڻائيندي ته اهو منصوبو تعليمي مرڪز بدران سياسي ۽ معاشي تڪرارن جو مرڪز بڻجي سگھي ٿو.
سليم سالار
سنڌ حڪومت 2004ع ۾ “ايجوڪيشن سٽي” نالي هڪ وڏي تعليمي منصوبي جو تصور پيش ڪيو، جنهن جو مقصد بين الاقوامي معيار جون يونيورسٽيون، تحقيقاتي ادارا ۽ جديد تعليمي مرڪز هڪ ئي ھنڌ قائم ڪرڻ هو. منصوبي لاءِ ابتدائي طور تي 8 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين رکيل هئي، جيڪا ملير جي ديھن چُوهڙ، ڪوٽيرڙو، آبدار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موجود آهي.
زمينن بابت تڪرار
ذريعن موجب، ڪجھ سال اڳ ديھ آبدار ۾ لڳ ڀڳ 1300 ايڪڙ زرعي زمين حاجي محمد جوکيو مرحوم جي وارثن ۽ سالار قبيلي جي ماڻهن کان ڪراچيءَ جي مشهور بلڊر حاجي آدم جوکيو خريد ڪئي. بلڊر طرفان ڪجھ ايڊوانس رقم ڏيڻ بعد زمين تي نشاني طور ٺُلھ لڳايا ويا، پر مڪمل رقم ادا نه ٿيڻ سبب ڌريون اختلاف ۾ اچي ويون. نتيجي ۾ مقامي زميندارن ۽ بلڊرن جي وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو.
بلڊرن ۽ سياستدانن جي حڪمت عملي
ذريعن موجب، بلڊر حاجي آدم جوکيو اهو سمجھيو ته زرعي زمينن جي ليز گرانٽ پاليسيءَ تي سپريم ڪورٽ جي پابنديءَ سبب انھن زمينن کي سڌي طرح خريد ڪرڻ جو فائدو محدود رهندو. ان لاءِ بھتر رستو اهو هو ته زمين “ايجوڪيشن سٽي” جھڙي منصوبي جي نالي ۾ الاٽ ڪرائي وڃي، ڇو ته تعليمي ۽ فلاح و بھبود وارا منصوبا ليز جي پابنديءَ کان آزاد آهن ۽ تمام گھٽ اگھ تي زمين حاصل ڪري سگھجي ٿي.
ان مقصد لاءِ حاجي آدم جوکئي مبينا طور صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ تجويز ڏني ته ديھ آبدار، اميلاڻو، چوھڙ ۽ ٻين ديھن ۾ موجود زمين کي گڏ ڪري “ايجوڪيشن سٽي” جي نالي سان منصوبي جو حصو بڻايو وڃي. ذريعن مطابق، ان منصوبي ۾ ڊاڪٽر عاصم کي پڻ اڳتي آندو ويو، ۽ ذري گھٽ 10 هزارن کان 18 هزار ايڪڙن تائين زمين تي والار جو منصوبو تيار ڪيو ويو.
روينيو کاتي جي سروي ۽ مزاحمت
26 آگسٽ 2025ع کان روينيو ڊپارٽمينٽ عملي طور ديھ آبدار ۾ سروي شروع ڪئي، پر مقامي زميندارن حاجي نور حسن جوکئي ۽ ٻين جي سخت مزاحمت سبب ٽيم کي واپس وڃڻو پيو. تصديق ٿيل ذريعن موجب، سروي ٽيم جي ميزباني ملير مان پنج ڀيرا چونڊجي آيل ايم پي اي محمد ساجد جوکيو پنھنجي “جوکيو هائوس” ڪاٺوڙ ۾ ڪري رهيو آهي. ساجد جوکيو پاڻ پڻ حاجي محمد جوکئي مرحوم جي فيملي سان سڱابندي ۾ آهي، جنھن سبب معاملو وڌيڪ حساس بڻجي ويو آهي.
قانوني ڪارروائي
متاثر ڌُر حاجي نور حسن جوکئي جي سربراهيءَ ۾ حاجي محمد جوکئي مرحوم جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. پر عدالت اڃا تائين نوٽيس جاري نه ڪيو آهي. مقامي زميندارن جو موقف آهي ته حڪومت ۽ بااثر ڌريون سندن زرعي زمينن تي غيرقانوني والار ڪرڻ چاهين ٿيون، جنھن سان علائقي جي هزارين ايڪڙ زمين متاثر ٿيندي.
سياسي پسمنظر
صدر آصف علي زرداريءَ جي اثر رسوخ سبب علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هن معاملي تي کلي ڳالھائڻ لاءِ تيار ناهن. ملير مان چونڊيل جوکئي خاندان جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي به خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن.
متاثر ٿيندڙ ڌريون
ان منصوبي جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو زمين جوکيا قبيلي جي ماڻھن جي آهي، جڏهن ته باقي زمين رند، ڄاموٽ، ڪلمتي، خاصخيلي، واڍيلا، نوحاڻي ۽ مگسي قبيلن جي ماڻھن جي آهي. سڀ کان وڌيڪ والار تڪ PS-85 ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ديھ ڊانڊو، جوريجي، ڪوٽيرڙو، آبدار، کڏيجي، چوھڙ، ٻائل ۽ ڪاٺوڙ شامل آهن.
“ايجوڪيشن سٽي” نالي منصوبي جو مقصد بظاهر علمي ۽ سائنسي ترقي آهي، پر موجوده صورتحال ۾ اهو منصوبو زميندارن ۽ مقامي قبيلن لاءِ خطري جي گھنٽي بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن حڪومت شفافيت ۽ قانوني طريقي کي يقيني نه بڻائيندي ته اهو منصوبو تعليمي مرڪز بدران سياسي ۽ معاشي تڪرارن جو مرڪز بڻجي سگھي ٿو.
______________



