Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ميگهواڙن جي پهرين هوٽل:  صدين جي تعصب ۽ نفرت خلاف هڪ خاموش بغاوت

1980 واري ڏھاڪي ۾ عمرڪوٽ ۾ ھڪ جھوپڙيءَ ۾ ھيءَ ھوٽل کولي وئي جڏھن  غريب ڀيل، ڪولهي ۽ ميگهواڙن جي لاءِ هوٽلن تي الڳ الڳ پراڻا ڪوپ  ساسريون ۽ پليٽون رکيل هوندا هئا

جڏهن بہ ڪو غريب ميگھواڙ چانھ مانيءَ جي لاءِ ڪنھن هوٽل تي ويندو هو تہ کيس ڪنڊ پاسي رکيل ٿانو پاڻ صاف ڪرڻا ۽ ڌوئي واپس رکڻا هوندا هئا.

کيتو مل ميگهواڙ اھو تعصب ۽ نفرت برداشت نہ ڪئي ۽ ھڪ سيٺ جي مدد سان ميگھواڙن، ڀيلن ۽ ڪولھين لاءِ الڳ ھوٽل قائم ڪئي

ڪَيوَل لَيوھا

هي سن 1980جي دور جي ڳالھ آھي جڏھن ناري ۽ ٿر جي سنگم عمرڪوٽ شهر ۾ خاص ميگهواڙن جي لاءِ پهرين هوٽل کلڻ جو بنياد پيو. شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي تہ هيءَ هوٽل ميگهواڙن سان سماج جي صدين کان جاري تعصب ۽ نفرت جي خلاف هڪ خاموش بغاوت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

انهن ڏينهن ۾ غريب هندن ڀيل، ڪولهي ۽ ميگهواڙن جي لاءِ هوٽلن تي الڳ الڳ پراڻا ڪوپ  ساسريون ۽ پليٽون رکيل هوندا هئا. جڏهن بہ ڪو ماڻھو چانھ مانيءَ جي لاءِ هوٽل تي ويندو هو تہ کيس ڪنهن ڪنڊ پاسي رکيل اهي ٿانو پاڻ صاف ڪرڻا هوندا هئا ۽ ڌوئي واپس رکڻا هوندا هئا.

نفرت جي انهيءَ شدت وارن ڏِينهَن ۾ عمرڪوٽ جي ٻڪرا پڙيءَ جي ڀرسان ميگهواڙ پاڙي جو رهاڪو کيتو مل ميگهواڙ ٿر مان خريداريءَ جي لاءِ آيل ڪنهن مائٽ کي ماني کارائڻ جي لاءِ هوٽل تي وٺي ويو. هوٽل وارن کيتو مل کي اهو چئي هوٽل تان وڃڻ جو چيو تہ ميگهواڙن جي پليٽ ڀڄي پئي آهي، اسان وٽ هوٽل تي ميگهواڙن جا ٿانو آهن ڪونہ، گهران ٿانو کڻي پوءِ اچجو.

کيتو مل سندس مائٽ کي پنهنجي گهر وٺي آيو۽ کيس ماني کارائي واپس شهر ڇڏڻ آيو. اھو  وقت ھو اُھا مَھل ھُئي جيڪا کيتو مل کي مهمان جي سامهون هوٽل واري جي روش، تعصب ۽ نفرت جي باھ ڪنهن وڏي فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي هئي.

اُنھيءَ ڏينهن کيتو مل اُتان جي ھڪ داناءَ سيٺ آڏُو مل ميگهواڙ کي سڄي ڳالھ ڪندي ٻڌايو تہ کيس ميگهواڙ برادريءَ جي لاءِ الڳ هوٽل کولڻي آهي. آڏُو مل موتي چوڪ ويجهو سندس مارڪيٽ ۾ 400 فوٽ ماپ جو هڪ پلاٽ کيتو مل کي ڏيڻ تي نہ رڳو آماده ٿيو پر کيس هوٽل کولڻ ۽ ٻي مدد جي پڻ خاطري ڪرائي.

نتيجي ۾ ٻئي ڏينهن تي سردارو مل، نامون مل ۽ کيتو مل گڏجي هوٽل هلائڻ تي متفق ٿيا. ٽنهي ڄڻن ان پلاٽ تي ڪکائين جهوپڙي اڏي، توريون وڇائي، ڪنڊ پاسي ۾ سِرن تي چُلھ ٺاهي “کيتو ميگهواڙ ھوٽل” جو آغاز ڪيو.

توڻي جو غريب ماڻهن ۾ غربت، تعصب ۽ نفرت سبب هوٽلن تي وڃڻ جو رواج بنھ گهٽ هوندو هو، ان جي باوجود ٿر جي ڏورانهن سوين ڳوٺن ۾ رهندڙ ميگهواڙ برادري جا ماڻهو بيماري، دڪانداري، خريداري توڙي ٻين ڪمن سانگي عمرڪوٽ ايندا هئا. کين واپس وڃڻ جي لاءِ ساڳئي ڏينهن جي لاءِ سواري ۽ سفري سهوليت نہ هجڻ جي ڪري هڪ ٻہ ڏينهن تائين عمرڪوٽ ۾ ترسڻو پوندو هو. اهڙي صورتحال ۾ خريداريءَ جي لاءِ آيل توڙي ٻين نفرت ستايل ميگهواڙ برادري جي ماڻهن جي لاءِ کيتو مل هوٽل جو کُلڻ وقت جي اشد ضرورت هئي.

هن هوٽل تي تعصب ستايل ميگھواڙ برادري جي ماڻهن جي ڏينھون ڏينھن رش وڌڻ لڳي. هوٽل کي جهوپڙيءَ مان ڪچي ڪوٺيءَ ۾ بدلايو ويو، توريون ڪڍي کٽون ورتيون ويون. ٿر جي مختلف ڳوٺن کان ايندڙ ميگھواڙ برادري جي ماڻهن رات جو ترسڻ شروع ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي کيتو مل هوٽل ميگھواڙ برادريءَ جي ماڻھن جي لاءِ هڪ آشرم بڻجي چڪي هئي.

کيتو مل هوٽل تي ڪمائيءَ کان وڌ خدمت جي جذبي جي ڪري چانھ هڪ روپيو ڪوپ، پنج روپين ۾ کٽ بسترو ۽ پنج روپين ۾ ماني چانھ ملندو ھو. شھر جي ٻين هوٽلن جي ڀيٽ ۾ سستو ۽ مناسب بل ورتو ويندو هو.

ھيءَ هوٽل ڪنھن سرمائيدار جي ڪمائيءَ جو منصوبو نہ هئي، نہ ئي لذيذ کاڌن جو مرڪز هئي، هن هوٽل ۾ صرف اهي ئي ماڻھو اچي ٿي سگهيا جيڪي معاشرتي نفرت جي بوجھ ۾ جِي رهيا هئا، جيڪي ڪکائين جهوپڙي ۾ وڇايل تورين تي ڪيل ڪچهرين سان نفرت کي اک ڏيکارڻ جي پيڙھ ٻَڌي رهيا هئا.

جديد دور جي ترقي ۽ شعور سان صدين کان رائج تعصب، نفرت، معاشرتي اڻ برابري ۽ ذات پات جي متڀيد جا در بند ٿيڻ شروع ٿيا، ان سان گڏ کيتو مل هوٽل پڄاڻيءَ تي پھتي. هاڻي اها بلڊنگ ٽوپين جي ڪاروبار جو مرڪز بڻجي چڪي آهي پر ماڻهو ان بلڊنگ کي اڄ بہ “کيتو مل هوٽل” سان پڪارين ٿا.

ميگھواڙن ۾ عمرڪوٽ جو قلعو ۽ کيتو مل ميگهواڙ جي هوٽل ٻئي هڪجيترا مقبول آهن.

_______________

ڊاڪٽر کٽُو مل جيوڻ  جي ٿورن سان  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button