Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

ڪنفيوشس، قديم مفڪر، جنھن جا چين جي سياسي، سماجي زندگيءَ تي وڏا اثر رهيا

ڪنفيوشس جو چوڻ آھي تہ ”بُزدلي اصل ۾ اها آهي ته اوهان پنھنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري نه سگهو“

چين ۾ جن مذهبن  يا ڌرمن کي سرڪاري سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

اٺين نومبر 2024:  اڄ صبح جو سوير جاڳيا آهيون. وشال ۽ کشين مريم کي انجيڪشن لڳرائڻ ويا آهن، جھڙيون پاڻ وٽ ارڙي، کرئٽي، سلھه وغيره، ڇھن ستن بيمارين جون لڳنديون آهن. اسان ٻيئي تيار ٿيا ويٺا آهيون. هي اچن ته ويٽنام بارڊر واري شھر ’تونگ شين‘ روانا ٿيون. وشال اهو به چيو، ”ڪپڙا به کڻجو، جو سمنڊ تي به هلنداسين.“ معنيٰ ايڪ پنٿ دو ڪاج، ’سنڌي سمنڊ‘ ته ڏٺو اٿم، پر ’چيني سمنڊ‘ اڄ ڏسبو. سڄي دنيا ۾ هڪ ئي سمنڊ آهي، پر جاگرافيائي طور تي اهي ورهايا ويا آهن. چين کي به جاگرافيائي طور ڪيترائي سمنڊ لڳن ٿا.

جيستائين وشال ۽ کشين اچن، تيستائين ياسر جواد جو ترجمو ڪيل ڪنفيوشس (Confucius) جو ڪتاب The Analects)) پڙهڻ شروع ڪيم جيڪو ھُن ”مڪالمات ڪنفيوشس“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ڪنفيوشس قديم چيني مفڪر آهي، جنھن جا چين جي سياسي، سماجي زندگيءَ تي وڏا اثر رهيا آهن. سندس باري ۾ جيڪا معلومات ملي ٿي اها مستند ته ڪونهي، پر بھرحال ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوي ٿو.

چين ۾ ڪنفيوشس جو سڀ کان ڊگھو مجسمو

ڪنفيوشس جي جنم ۽ وفات توڙي سندس عمر جي باري ۾ رڳو قصا ڪھاڻيون ئي ملن ٿيون، جن موجب هن ٻاهتر سالن جي عمر ۾ چالاڻو ڪيو. قديم چيني ادب ۾ 72 هڪ جادوئي انگ آهي. ڪنفيوشس پنھنجو ننڍپڻ غربت ۾ گذاريو ۽ ڪئين ڌڪا ٿاٻا کاڌائين. هن تعليم ڪيئن پرائي ان بابت روايت آهي ته هُن ’تائومت‘ جي گرو ’لائودان‘ جي نگرانيءَ ۾ مذهبي رسمن جو مطالعو ڪيو، هن ’ڇانگ هونگ‘ کان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ بانسري وڄائڻ سکي.

ڪنفيوشس جي تعليم ۽ مڪالمن کي The Analects جي نالي سان گڏ ڪيو ويو. اندازي موجب ان ڪتاب ٻي صدي قبل مسيح ۾ هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ماڻهو آسمان جي قائم ڪيل حدن جي اندر ئي پنھنجون زندگيون گذارين ٿا، پر هو اهو به چوي ٿو انسان پنھنجن عملن ۽ خاص ڪري ٻين سان سلوڪ جو پاڻ ئي ذميوار آهي (آسمان مان مطلب مطلق هستيءَ کان سواءِ فطرت ۽ فطري ضابطا به آهن). اسان پنھنجي زندگي جي عرصي ۾ ترميم آڻڻ لاءِ مشڪل سان ئي ڪجھ ڪري سگهون ٿا، پر پنھنجي عملن جو تعين اسان پاڻ ڪندا آهيون.

ڪنفيوشس پنھنجي تعليم قديم وقت کان هلندڙ سبقن جي صورت ۾ پيش ڪئي. هو موجد بدران مبلغ ۽ پيغامبر هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ کان سواءِ اهو به چوي ٿو ته سندس سڄو ڪم مون کان اڳ گذري ويل وڏڙن جي محبت تي مشتمل آهي. پنھنجي نظرين جي قديم بنياد تي هئڻ جي دعويٰ پوءِ ايندڙ چيني مفڪرن تي گھرا اثر ڇڏيا ۽ هنن به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو.

ڪنفيوشس مت اصل ۾ ڪو مذهب ڪونھي ۽ نه ئي ڪنفيوشس جديد مفھوم ۾ ’مذهبي‘ هو. کيس چيني مذهب جي عام طور تي انسانيت پسند نوعيت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. چيني مذهب ۾ خدا گهڻو عظيم ڪونھي، ۽ نه وري ان ڏانھن گهڻو رجوع ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ’تائومت‘  به خدا ڏانھن احترام وارو رويو نٿو رکي. چيني خدا ’فطرت‘ جي مترادف آهي.

ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ ڪنفيوشس جي تعليم کي دقيانوسي ۽ پراڻ پسند چئي رد ڪيو ويو ۽ سندس يادگارن کي ڊاٺو ويو ۽ سرڪاري سطح تي سٺ ۽ ستر وارن ڏاڪن ۾ ڪنفيوشس مت جي خلاف مھم هلائي ويئي.

ڪنفيوشس جون ڪجهه چوڻيون:

–            جيستائين تنھنجو پيءُ جيئرو آهي، تيستائين ان جي اطاعت ڪر، جڏهن هو مري وڃي ته سندس ڪيل عملن جو مشاهدو ڪر، جيڪڏهن تو ٽن سالن تائين پنھنجي پيءُ جي طور طريقي کان انحراف نه ڪيو ۽ ان تي قائم رهئين ته تون ’حقيقي پُٽ‘ سڏرائي سگهين ٿو.

–            ڪنفيوشس چيو: حڪايتن جي ڪتاب جي ٽن سؤ شعرن کي هڪ جملي ۾ سموئي سگهجي ٿو، ’خراب نه سوچيو. ‘

–            جيڪو شخص چاليھن سالن جي عمر تائين پھچندي به اڻ وڻندڙ رهيو، اهو سڄي زندگي اڻ وڻندڙ ئي رهندو.

–            شاطرانه ڳالهيون نيڪيءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪن ٿيون، ننڍن معاملن ۾ اسھپ عظيم منصوبن کي خراب ٿي ڪري ڇڏي.

–            جيڪڏهن تون خواهش کان پاڪ هجين ها ته هو توکي ڇو ڦُرين ها. پوءِ ڀلي تون کيس ايئن ڪرڻ تي انعام ڇو نه ڏينءَ ها.

–            ننڍي ماڻهوءَ کي رعايتن ۽ مفادن سان مطلب هوندو آهي ۽ وڏي ماڻهوءَ کي اصولن ۽ ضابطن جو خيال هوندو آهي.

–            بزدلي اصل ۾ اها آهي ته اوهان پنھنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري نه سگهو.

–            وڏا ماڻهو ڳالھ ٻولھ ۾ ڌيما ۽ عمل ۾ تيز هوندا آهن.

–            جيستائين اوهان جا مائٽ جيئرا آهن، اوهان کي سڳورن هنڌن جي زيارت لاءِ وڃڻ جي ضرورت ڪونھي.

جتي ذڪر ڪنفيوشس جو نڪتو آهي، اتي هڪ ٻي چيني مفڪر لائوتسو يا لائوذي جو به ذڪر ٿي وڃي. جيڪو چوٿين صدي عيسويءَ جو فلسفي آهي. سندس لکيل ڪتاب تائو تي چنگ (Tao- Te- Qing) جي نالي سان مشھور آهي. ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جي لکڻ موجب ”اهو هڪ ڏکيو ڪتاب آهي ۽ غير معمولي پُراسرار انداز ۾ لکيو ويو آهي. تائومت جو بنيادي  تصور ’تائو‘ جو عام طور تي ترجمو ’رستو‘ ڪيو وڃي ٿو. پر اهو تصور ڪنهن حد تائين مُبھم آهي. جڏهن ته ”تائو تي چنگ“ جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي.“ هو تائو، جنهن کي بيان ڪري سگهجي ٿو، مرڪزي ’تائو‘ ڪونهي. جنهن نالي کي ورجائي سگهجي ٿو. اهو ابدي نالو نٿو ٿي سگهي.“ پر اسان چئي سگهون ٿا ته تائو جو خام ترجمو ’فطرت‘ يا فطري نظام آهي.

جيتوڻيڪ تائومت بنيادي طور هڪ ’بي دين‘ فلسفو آهي، پر انهي مان هڪ مذهبي تحريڪ جنم ورتو. تائومت جو فلسفو بنيادي طور تي ’تائو تي چنگ‘ ۾ بيان ڪيل تصورن تي ٻڌل آهي. ’تائو‘ مت جلد ئي ڪيترين ئي عبادتن ۽ وهمن سان ڀرجي ويو. جن جو لائوتسَو جي فڪر سان ڪوبه واسطو ڪونهي.

لائوتسَو يا لائوذي جي زندگي بابت ڪابه مستفيد ڄاڻ نه ٿي ملي ۽ جيڪو به مواد ملي ٿو، ان کي پاڻ ڌُڪو چئي سگهون ٿا. هڪ روايت موجب لائوتسَو ڪنفيوشس جو همعصر هو، اولھه ۾ ’تائو تي چنگ‘ ڪنفيوشس جي لکڻين يا سندس ڪنھن پوئلڳ فلسفيءَ کان وڌيڪ مشھور آهي. انگريزي ۾ ان ڪتاب جا چاليھن کان به وڌيڪ ترجما ٿيا آهن. بائبل کان سواءِ ڪو به ڪتاب ايتري ججهي تعداد ۾ ترجمو نه ٿيو آهي.

خود چين ۾ ’ڪنفيوشس مت‘ عام طور تي هڪ مشھور فلسفو رهيو ۽ جنھن معاملي ۾ لائوتسو ۽ ڪنفيوشس جي فڪر ۾ تضاد پيدا ٿئي ٿو، چيني عام طور تي پوئينءَ جي پيرويءَ کي ترجيح ڏين ٿا. پر ڪنفيوشس مت جا پيروڪار لائوتسو کي وڏي عزت جو درجو ڏين ٿا. اهڙا ڪيترائي مثال آهن ته تائومت جي فڪر کي وڏي سھوليت سان ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ گڏيو ويو. تنھنڪري ان هزارين انهن ماڻهن کي به متاثر ڪيو، جيڪي پاڻ کي ’تائومت‘ جو پوئلڳ قرار نٿا ڏين. خاص طور تي ’زين‘ ٻڌ ڌرم ۾. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو اڄ به پاڻ کي ’تائومت‘ جا پوئلڳ قرار ڏين ٿا، پر چيني فلاسافرن ۾ ڪنفيوشس ئي اهڙو فلاسافر آهي، جنھن انسانيت تي لائوتسو جي حد تائين گھرا اثر ڇڏيا.

چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.

________________

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button