27 ھين آئيني ترميم جي اوٽ ۾ سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جي سازش
سنڌ جي وجود تي لاڳيتو وار ٿي رھيا آھن، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ٿي رھي آھي. قوم کي ھاڻ ميدان ۾ لھڻو پوندو
27 ھين آئيني ترميم ذريعي ٿيندڙ سمورين سازشن تي پيپلزپارٽي اڃا تائين مڪمل طور خاموش آھي ۽ ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ ڪڍي آھي
صدر آصف زرداري ”لينڊ پورٽ اٿارٽي بل “ جي منظوري ڏيئي سمنڊ، ٻيٽ ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل سموريون ملڪيتون سنڌ ۽ بلوچستان کان کسي وفاق جي ھنج ۾ اڇلي چڪو آھي، ۽ 26 آئيني ترميم آڻڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھيو آھي
سيد يوسف شاھہ
ڪافي مھينن کان 27ھين آئيني ترميم جي حوالي سان ملڪ ۾ رائج آئين کان مٿانھيون ڳالھيون سياسي ھوائن ۾ گردش ڪري رھيون آھن، ڪڏھن انتظامي حوالي سان ملڪ ۾ گهڻا صوبا ٺاھڻ، ڪڏھن پارليامينٽري ۽ صدارتي نظام کي ملائي نئون نظام لاڳو ڪرڻ جون تجويزون، ڪڏھن سينيٽ کي ڪرپٽ ادارو قرار ڏيئي ختم ڪرڻ جون ڳالھيون تہ ڪڏھن وري نيشنل فائنانس ڪميشن (NFC) ايوارڊ تي نظرثاني ڪرڻ جا شوشا. انھيءَ سازش تي عمل ڪرڻ لاءِ اقتدار ڌڻين پاران باقائدہ طور تي گرائونڊ تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن دانشورن، اينڪر پرسنز، تبصري نگارن ، صحافين ۽ اسٽيبلشمينٽ نواز ۽ نسل پرست سياستدانن جو ھڪ جٿو تيار ڪيو ويو آھي جيڪو سنڌ سان ساڙ رکندي ۽ پنھنجن آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙيون بي وقتيون ٻانگون ڏيندو ٿو رھي.
انھيءَ رينگٽ کي جاري رکندي تازو دنيا ميڊيا گروپ جي چيئرمين عامر محمود چيو تہ پاڪستان ۾ ننڍا صوبا ٺاھڻ سان انتظامي خرچ وڌڻ بدران گهٽجندا، ھن پنھنجي اھا تجويز ٻيھر ورجائي تہ ملڪ جي ھر ڊويزن کي صوبو ٺاھيو وڃي. پر انھيءَ حوالي سان گذريل ٻن ٽن ڏينھن اندر فوڊ سيڪيوريٽي واري وزير جا اعتراف، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو جا انڪشاف ، اڳوڻي سينٽ چيئرمين رضا ربانيءَ جي تنبيھہ ۽ نامياري ليکڪہ ڊاڪٽرعائشہ صديقہ جو بي باڪ تجزيو اسان کي پنھنجي ڌرتي ماتا سنڌ کي ڀاڱا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ پاڻ ۽ پنھنجي قوم کي تيار ڪري، منجهن قومي جذبو ۽ جاڳرتا پيدا ڪري جدوجهد ۽ قربانيءَ لاءِ تيار رھڻ جا سڏ ڏيئي رھيون آھن.

موجودھہ ملڪي صورتحال بابت عائشہ صديقہ جي تجزئي جي تت مطابق ”سگھارا ادارا پنھنجو اثر وڌائڻ ۾ مصروف آھن ۽ وزير اعظم سميت سموري سياسي قيادت پس منظر ۾ ھلي ويئي آھي. جنرل باجوا جي دور کان جيڪو ”ھائبرڊماڊل“ ٺھيو ھو، اھو ھاڻي ”پروميڪس ھائبرڊ سسٽم“ ۾ تبديل ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو سياسي ۽ انتظامي ڪردار وڌيڪ طاقتور ٿي ويو آھي. جڏھن ڪو فوجي ڪمانڊر ايترو مضبوط ٿي وڃي جو ڪوبہ کائنس پڇاڻو ڪرڻ جي ھمت نہ ڪري سگهي ، تڏھن نظام ۾ غلطين جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ھن وقت صورتحال اھا آھي جو فيلڊ مارشل آمريڪي لاڳاپن ۾ سڌو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ۽ وزير اعظم ۽ پارليامينٽ کي ان ۾ شامل ئي نٿو ڪيو وڃي جنھن مان اھا ڳالھہ پڌري ٿئي ٿي تہ پاڪستان ۾ طاقت جو توازن مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ وٽ آھي ۽ پاڪستان جي سياسي طبقي ۾ جرئت ۽ خودمختاريءَ جي کوٽ آھي. جڏھن سول سوسائٽي ۽ پارليامينٽ پنھنجو ڪردار ادا نٿا ڪن تڏھن ھر فيصلي جو مرڪز فوج بڻجي وڃي ٿي، اسان کي اھو تسليم ڪرڻ گهرجي تہ پاڪستان ھن وقت سختگير نظام جو شڪار آھي، جنھن ۾ مارشل لاءَ جي اعلان ڪرڻ جي بہ ضرورت ناھي.“
مٿيون تجزيو بہ ظاھر ڪري ٿو تہ ملڪ تي اصل حڪمراني ڪھڙو طبقو ڪري رھيو آھي ۽ ملڪ، جي ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ صوبن ۽ آئين جي حوالي سان سندن ارادا ڪھڙا آھن ۽ ماضيءَ ۾ فوجي ڊڪٽيٽرن ملڪ جي صوبن ۽ آئين سان ڪھڙا ويڌن ڪيا آھن ۽ قوم کي ان جا ڪيترا ھاڃيڪار نتيجا ڀوڳڻا پيا آھن، اھو سڀني جي سامھون آھي پر تنھن ھوندي بہ اقتدار ڌڻي 18 ھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جون سازشون رڳو ان لاءِ ڪري رھيا آھن جو آرٽيڪل 6 آئين ٽوڙيندڙن تي غداريءَ جو ڪيس ھلائڻ متعلق ھو پر 18 ھين ترميم ۾ آرٽيڪل 6-2 A جو اضافو ڪيو ويو آھي جنھن تحت آئين ٽوڙيندڙن جو ڪيس سپريم ڪورٽ سميت ڪابہ عدالت ٻڌي نٿي سگهي ۽ نہ ئي آئين معطل ڪري سگهي ٿي. ايئن ڪندڙ ججن تي بہ ساڳيو آرٽيڪل لاڳو ٿيندو جڏھن تہ اڳ ۾ مارشل لاءَ لاڳو ڪندڙ آمر عدالتن مان رليف وٺندا رھيا آھن ۽ پوءِ سندن ئي نگرانيءَ ۾ ايندڙ اسيمبلين مان سندن غيرآئيني قدمن کي قانوني تحفظ ڏياريندا رھيا آھن.
ھن ترميم تحت آئين جي آرٽيڪل 38 مطابق ملڪ جي ايڪن (صوبن) وچ ۾ موجود وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ جو خاتمو ڪيو ويو آھي. صوبائي خودمختاريءَ کي يقيني بڻائيندي آرٽيڪل 70 کان 234 تائين 13 آرٽيڪلن کي مڪمل يا جزوي طور تبديل ڪيو ويو آھي. بجليءَ جي پيداوار جو معاملو مڪمل طور صوبائي اختيار ۾ ڏنو ويو آھي. اين ايف سي، قدرتي گئس، صوبائي قرض ۽ ھنگامي صورتحال نافظ ڪرڻ متعلق قانون سازيءَ جا اختيار صوبن حوالي ڪيا ويا آھن. ھن ترميم صوبائي حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏنا آھن. اتر اوڀر سرحدي صوبي جو نالو بدلائي ”خيبر پختون خواھہ“ رکيو ويو آھي . آرٽيڪل 10 ۾ اضافي شق 10-A جو اضافو ڪري غيرجانبداڻي ٽرائل کي بنيادي حق جو درجو ڏنو ويو آھي. آرٽيڪل 19 تحت معلومات يا ڄاڻ تائين آزاد رسائي کي بہ بنيادي حق تسليم ڪيو ويو آھي. جتي آبي ذخيرا تعمير ٿيندا ، وفاقي حڪومت ان صوبي سان مشورو ڪرڻ جي پابند ھوندي. فوجي آمرن پاران 1973 جي آئين ۾ ڪيل ترميمن جو خاتمو ڪيو ويو ۽ انھن پاران بار بار آئين ٽوڙڻ جا رستا بند ڪيا ويا ۽ سڀ کان اھم ڳالھہ تہ آئين جي آرٽيڪل 172 تحت تيل، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن تي اختيار صوبن ۽ وفاق وچ ۾ گڏيل ھوندو يعني ٻئي برابر جا حصيدار ھوندا. پر تازو اقتدار ڌڻين پاران آمريڪا سان تيل، گئس ۽ ٻين معدنيات جي حوالي سان ڪيل لڪل معاھدن جي راھہ ۾ 18 ھين آئيني ترميم ۽ صوبن جو وجود سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھن ان ڪري ملڪ جا اصل حڪمران گهڻن صوبن جي نالي تي صوبن جو وجود مٽائڻ ۽ 18 ھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جون سازشون ڪري رھيا آھن.
اھوئي سبب آھي جو برک قانوندان، آئيني ماھر ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو تہ ” ڪمزور داخلي سياسي نظام ۾ صوبائي خودمختاري رول بيڪ ڪرڻ باھہ سان کيڏڻ برابر آھي. فوڊ سيڪيوريٽي وارو وزير راڻا تنوير۽ ٻيا وفاقي وزير 18 ھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جون ڳالھيون ڪري رھيا آھن ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جي ڳالھہ ڪري رھيا آھن، جيڪو عمل وفاق سان غداري ۽ صوبائي خودمختاري ۽ مالي ورڇ تي حملي برابر آھي.“ رضا رباني نہ فقط سينٽ جو اڳوڻو چيئرمين آھي پر سندس ئي سربراھيءَ ۾ ڪاميٽيءَ 18 ھين آئيني ترميم جو ڊرافٽ تيار ڪيو ھو، تنھنڪري سندس چتاءُ کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيوآھي.

سنڌ خلاف ٿيندڙ ان سازش تان پردو کڻندي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو تازو ھڪ پريس ڪانفرنس ڪندي خبردار ڪيو آھي تہ ”امڪاني طور تي 27 ھين آئيني ترميم آڻي ملڪ کي 9 انتظامي يونٽن ۾ ورھائڻ واري خطرناڪ رٿا بہ شامل ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي بہ انتظامي يونٽن ۾ ورھائڻ جي نالي تي ٻن حصن ۾ ورھايو پيو وڃي جنھن لاءِ صوبن جي رضامنديءَ وارو آئيني حق بہ کسڻ جي سازش ٿي رھي آھي، 18 ھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ 27 ھين آئيني ترميم تحت صوبن کان ناڻي، پاڻيءَ ۽ وسيلن کسڻ جي خطرناڪ رٿا جوڙي ويئي آھي.“ ھن انڪشاف ڪيو تہ ” ھن بل جو ڊرافٽ پارليامينٽ جي ميمبرن کان بہ لڪايو پيو وڃي، اسان جي ايوانن ۾ ويٺل نمائندن کي رات وچ ۾ ٺھندڙ خفيہ ڊرافٽ کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ھن چيو تہ 27 آئيني ترميم ۾ بندرگاھن جو بہ ذڪر آھي!“
سسئي پليجو جي سياسي پالنا ھڪ جمھوريت پسند ۽ سنڌ پرست خاندان ۾ ٿي آھي جنھن جي ڪري سندس جذبن کي سنڌي قوم قدر جي نگاھہ سان ڏسي ٿي پر ھن جي چوڻ مطابق تہ 27 آئيني ترميم ۾ بندرگاھن جو بہ ذڪر آھي تہ کيس خبر ھئڻ گهرجي تہ ڪجهہ ئي عرصو اڳ صدر آصف زرداري ”لينڊ پورٽ اٿارٽي بل “ تي صحيحون ڪري منظوري ڏيئي اسان جو سمنڊ، اسان جا ٻيٽ ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل سموريون ملڪيتون سنڌ ۽ بلوچستان کان کسي وفاق جي ھنج ۾ اڇلي چڪو آھي، 26 آئيني ترميم آڻڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھيو آھي ۽ 27 ھين آئيني ترميم ذريعي ٿيندڙ سمورين سازشن سميت اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٿيندڙ تبديلين تي پيپلزپارٽي اڃا تائين مڪمل طور خاموش آھي ۽ ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ ڪڍيو آھي. جڏھن تہ سڀني کان وڌيڪ پيپلزپارٽيءَ جي ذميواري بڻجي ٿي تہ اھا سنڌ جي حقن جي نگهبان ٿي پير کوڙي بيھي ۽ پنھنجي مينڊيٽ جو احترام ڪندي حقيقي عوامي نمائندگيءَ جو فرض ادا ڪري. بنا شڪ شبھي جي اھو اعتراف ڪرڻ ضروري آھي تہ 18 ھين آئيني ترميم پيپلزپارٽيءَ ۽ صدر زرداريءَ جو ڪارنامو آھي ۽ پيپلزپارٽي ان جو ڪريڊٽ بہ کڻندي رھي آھي تنھنڪري ان آئيني ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ کان بچائڻ جي ذميواري بہ پيپلزپارٽيءَ جي آھي، جيڪڏھن پيپلزپارٽي عوامي سطح تي ۽ پارليامينٽ ۾ 27 ھين ترميم جي ڀرپور ۽ کلي مخالفت ڪئي تہ اھا ترميم ڪڏھن بہ پاس نہ ٿي سگهندي ۽ پيپلزپارٽي عوام سامھو سرھي ٿي بيھندي، پر جيڪڏھن ھنن قومي مفادن جي ڀيٽ ۾ ذاتي مفادن کي اھميت ڏيندي اقتدار خاطر اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ مطابق سنڌ دشمن 27 ھين ترميم جي منظوريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو تہ سنڌي قوم ۽ تاريخ کين ڪڏھن بہ معاف نہ ڪندي.
سنڌ خلاف ٿيندڙ انھن سمورين خطرناڪ رٿائن ۽ سازشن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ اسان کي اڃا بہ وڌيڪ بھتر حڪمت عمليءَ ۽ برجستائيءَ سان تياري ڪرڻ ۽ ھر محاذ تان جدوجهد ھلائڻ جي ضرورت آھي. سسئي پليجو مطابق ھفتي ڏيڍ ۾ اھو ڊرافٽ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻو آھي ۽ فيلڊ مارشل جي ريٽائرمينٽ جو مدو بہ پورو ٿيڻ وارو آھي. ھو چاھيندو تہ سندس ئي دور ۾ اھا ترميم پاس ٿئي تہ جيئن ھو ايڪسٽينشن حاصل ڪري سگهي. اھا ڳالھہ بہ ذھن ۾ رکڻي پوندي تہ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ۾ جيڪو جبري گمشدگين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، اھو ھن سازش خلاف سنڌي قوم جي امڪاني ردعمل کي روڪڻ جي اڳواٽ تياري جي سلسلي ۾ آھي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مختلف پارٽيون پنھنجي پنھنجي طور تي جدوجهد ڪندي جلسا ۽ سيمينار سڏائي پنھنجو موقف ڏينديون رھيون آھن پر ھاڻي فقط اخباري بيان جاري ڪرڻ سان اسان سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي منھن نٿا ڏيئي سگهون، ڪوبہ فرد انفرادي طور تي سنڌ جي وجود کي بچائي نٿو سگهي پر ان لاءِ سنڌي قوم کي ميدان تي لھڻو پوندو. سنڌ جي وجود تي لاڳيتو وار ٿي رھيا آھن، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ٿي رھي آھي. سنڌ ڌرتيءَ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ شاگردن، استادن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، عالمن، ذاڪرن، ھارين، آبادگارن، اديبن، شاعرن ، صحافين ۽ زندگيءَ جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙن کي ميدان تي اچڻو پوندو. سوشل ميڊيا کي ڀرپور ھٿيار طور استعمال ڪندي مسلسل جاڳرتا مھم ھلائڻي پوندي، آن ايئر سنڌي چئنلن ۽ پرنٽ ميڊيا جي مختلف ڊجيٽل چئنلن تان لاڳيتو سنڌ جي سڄڻ اديبن، ساڃاھہ وندن، وڪيلن ۽ سياستدانن جا تفصيلي انٽرويوز، تبصرا ۽ مذاڪرا تسلسل سان پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي، آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ان سازش خلاف ڀرپور گڏيل آواز اٿاريو وڃي ۽ پرنٽ ميڊيا پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رھندي تہ يقينن سنڌي قوم جو شعور جاڳي پوندو ۽ اسان سنڌ دشمنن خلاف ڀرپور سگهہ بڻجي پوندا سين.
______________
سيد يوسف شاھہ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر سياسي ڪارڪن آھي
Email: yousufshah172@gmail.com



