عالمي امن جي خواهش: بنگلاديش جي جابلو ضلعن ۾ ’بِجو ميلو‘ شروع
پراڻي سال کي الوداع چوڻ ۽ نئين سال کي ڀليڪار ڪرڻ جو هيءُ ڏِڻ چڪما قبيلي ۽ ٻين جابلو ماڻهن لاءِ زندگيءَ جو ميلو سمجھيو وڃي ٿو. ميلي جي شروعات صبح جو مقامي نديون، تلاءَ ۽ جابلو چشمن سميت مختلف آبي ذخيرن ۾ گل تارڻ سان ڪئي وئي.

تحرير: ڀانو رنجن چڪرورتي
ڍاڪا: بنگلاديش جي رانگاماٽي ۽ کاگڙاڇڙي جابلو ضلعن ۾ چڪما برادريءَ جو ٽن ڏينهن وارو ’بِجو ميلو‘ آچر 12 اپريل کان شروع ٿي ويو آهي. هيءُ ميلو گذريل سال کي الوداع ڪرڻ ۽ نئين سال جي آجيان لاءِ ملهايو ويندو آهي. ميلي جي شروعات صبح جو مقامي نديون، تلاءَ ۽ جابلو چشمن سميت مختلف آبي ذخيرن ۾ گل تارڻ سان ڪئي وئي.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جابلو برادريءَ جي هن ميلي جي پهرين ڏينهن کي ’ڦول بِجو‘ چيو ويندو آهي. ان ڏينهن گهرن کي سجايو ويندو آهي ۽ ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. چڪما برادريءَ جا مرد، عورتون ۽ ٻار پاڻيءَ ۾ گل تاري هڪ خوبصورت دنيا لاءِ دعائون گهرندا آهن.
هن موقعي تي، هُو پنهنجا روايتي لباس پهري ميلي ۾ شريڪ ٿيندا آهن. آچر ڏينھن صبح جو مختلف نسلي گروهن پاران رانگاماٽي ۾ ڪپتائي ڍنڍ سميت مختلف ندين ۽ جابلو وهڪرن ۾ گل تاري پراڻي سال کي رخصت ڪرڻ ۽ نئين سال کي ڀليڪار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.

ان کانسواءِ، ضلعي جي پنڇڙي اپزيلا ۾ چينگي نديءَ تي به وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو گل تارڻ لاءِ گڏ ٿيا. سندن چوڻ هو ته، ”اسان سڀني گڏجي نديءَ ۾ گل تاريا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن لاءِ خوشين ۽ امن جي خواهش ڪئي آهي، گڏوگڏ عالمي امن لاءِ به دعا گهري آهي. هتي سوين مردن ۽ عورتن ميلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ دعائون گهريون.“

ان موقعي تي هڪ مقامي عوامي نمائندي چيو ته، بِجو ميلو قديم زماني کان هلي رهيو آهي. بِجو جو مطلب آهي خوشي ۽ جشن. هي ميلو ڀائيچاري جا رشتا پيدا ڪري ٿو ۽ سماج ۾ امن قائم ڪري ٿو.
پراڻي سال کي الوداع ڪرڻ ۽ نئين سال جو استقبال ڪرڻ جو هيءُ جشن جابلو ماڻهن لاءِ ’زندگيءُ جو ميلو‘ سڏبو آهي. هو پاڻ کي ميلي جي رنگن ۾ رنگيندا آهن. جبلن ۾ رهندڙ مختلف نسلي گروهن جي هن سڀ کان وڏي سماجي ميلي کي بجو، سانگرائي، بشو ۽ بيهو جي نالن سان سڃاتو ويندو آهي.
مختلف برادريون پنهنجي ثقافت ۽ عقيدن موجب هن ميلي کي پنهنجي پنهنجي نالن سان ملهائينديون آهن. اصل ميلي جي پهرين ڏينهن، نديءَ ۾ گل تارڻ کانپوءِ، ننڍا ۽ وڏا پنهنجي خاندان جي بزرگن کان دعائون وٺندا آهن.
ان ڏينھن صبح جو چڪما برادريءَ جا ماڻهو ٻڌ جي مورتيءَ کي سنان ڪرائيندا آهن ۽ ان جي پوڄا ڪندا آهن. ٻئي ڏينهن کان مهمانن جي آجيان جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. ٽئين ڏينهن، جانورن کي کاڌو کارايو ويندو آهي ۽ بزرگن کان دعائون ورتيون وينديون آهن.
نئين سال جي پهرين ڏينهن، چڪما برادري ٻڌ خانقاهن (Monasteries) ۾ دعا گهرندي آهي. ان ڏينهن روايتي کاڌا ۽ مختلف قسمن جا ’پيٽا‘ (مٺيون ڪوڪيون) پيش ڪيا ويندا آهن.
جيتوڻيڪ هي مکيه ميلو چيٽ جي مهيني جي آخري ٻن ڏينهن ۽ ويساک (سال جو پهريون مهينو) جي پهرين ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي، پر جابلو ڳوٺن ۾ هي جشن سڄو پندرهن وار جاري رهندو آهي.
________________

ڀانو رنجن چڪرورتي اَي ٽي اين بنگلا ٽي وي جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر آھي.
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



