سنڌي ادب: مان کان ماٺ تائين (آزاد نظم)
شاعر: نثار ٻانڀڻ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا.

مان کان ماٺ تائين
زندگي شايد ڪنهن پراڻي مزار جي بند ڪوٺڙي آهي،
جنهن جو دروازو ٻاهران نه، اندر کان کلي ٿو.
ماڻهو سڄي عمر ان جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو؛
ڀتين تي پنهنجو نالو لکندو،
موسمون بدلجندي ڏسندو،
چنڊ کي کِڙندي ۽ لهندي ڏسندو،
پر دروازو نٿو کلي.
پوءِ هڪ رات…
جڏهن شهر جون آخري بتيون به وسامي وڃن ٿيون،
جڏهن وقت پنهنجي هلچل سهيڙي وٺي ٿو، جڏهن ماڻهوءَ وٽ پنهنجي ساهه جي آواز کان سواءِ ڪجهه به نٿو رهي،
تڏهن اندر کان ڪا هلڪي کڙڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
شايد اهو دروازي جو کڙڪڻ نه هوندو.
شايد…
اهو پاڻ اسان جو اندر هوندو آهي،
جيڪو پهريون ڀيرو اسان کي سينڍ ڏئي ٿو.
زندگيءَ جي وڏي حيرت شايد اها ئي آهي ته جنهن کي اسين سڄي عمر ٻاهر ڳوليندا رهون ٿا،
اهو ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي نه،
اسان جي پنهنجي اندر ويٺو هوندو آهي.
اسين ان کي محبت چئون ٿا،
ڪڏهن خدا،
ڪڏهن تنهائي،
ڪڏهن ڪنهن وڇڙي ويل محبوب جي ياد
نالا ڀلي الڳ هجن…
درد جي پاڙ هڪ ئي هوندي آهي.
پرينءَ جي ياد به شايد ان ڪري ايتري گهري هوندي آهي،
جو اها اسان کي آهستي آهستي پاڻ کان ڌار ڪري ٿي.
ماڻهو جڏهن ڪنهن کي سچي دل سان چاهي ٿو،
ته پنهنجي ذات جي چوڌاري ٻڌل ڀتيون پاڻ ئي لاهڻ لڳي ٿو.
جيئن سنڌوءَ جو وهڪرو صدين کان ڪناري کي ڇهندو رهي
۽ هڪ ڏينهن خبر پوي ته جتان ڪالهه واٽ هئي،
اتي هاڻي پاڻي وهي رهيو آهي.!
عشق به شايد اهڙيءَ ريت ماڻهوءَ جي اندر جون حدون کڻي وڃي ٿو.
پوءِ هڪ گهڙي اچي ٿي،
جڏهن محبوب ۽ طالب جي وچ ۾ فرق ايترو نه ٿو رهي،
جيترو شروع ۾ هوندو آهي.
جنهن کي هو ڳولي رهيو هوندو آهي،
شايد اهو ئي کيس ڳولي رهيو هوندو آهي.
چيٽ جون راتيون مون کي هميشه ياد اينديون آهن.
هوا ۾ نئين ڦٽل پنن جي خوشبو هوندي آهي،
وڻن تي ماٺ هوندي آهي
۽ آسمان تي چنڊ ڪنهن اڻپوري ڳالهه وانگر ٽنگيل هوندو آهي.
اهڙي ئي ڪنهن رات تون منهنجي دل ۾ آئينءَ.
تنهنجي اچڻ سان اونداهي ختم نه ٿي هئي؛
بس مون کي اونداهيءَ ۾ ڏسڻ جي عادت پئجي وئي هئي.
تنهنجي موجودگي روشني نه هئي،
پر روشنيءَ جو اهڙو احساس هئي،
جيڪو تنهنجي وڃڻ کان پوءِ به ختم نه ٿيو.
۽ ياد…
ياد ڪڏهن ڪڏهن موجودگيءَ کان وڌيڪ ويجهو هوندي آهي.
مون توکي وسارڻ لاءِ گهڻا رستا ورتا،
پر هر واٽ جي آخر ۾ ڪو نه ڪو اهڙو هنڌ اچي بيهندو هو،
جتي تنهنجي ياد اڳ ئي ويٺي هوندي هئي.
تڏهن سمجهيم ته ڪي ماڻهو وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به وڇڙندا ناهن.
اهي گهرن مان نڪري وڃن ٿا،
پر دل جي اوطاق ۾ پنهنجو بسترو ڇڏي وڃن ٿا.
انهن سان پوءِ ملاقات ڪنهن شهر ۾ نه ٿيندي آهي.
نه ڪنهن خط ۾.
نه ڪنهن رستي تي.
اهي اوچتو پنهنجي ئي اندر ملي ويندا آهن.
اتي، جتي ماڻهوءَ جي اندر جون ڳالهيون به آهستي ڳالهائڻ لڳنديون آهن.
قونيه جي ڪنهن خاموش شام ۾
روميءَ جو رقص ياد اچي ٿو ته سوچيان ٿو، شايد اهو ڪنهن محبوب جي چوڌاري ڦرڻ کان وڌيڪ
پنهنجي ”مان“ کان ٻاهر نڪرڻ جو رقص هو.
پاڻ کي هلڪو ڪرڻ جو رقص.
انهيءَ مقام تائين پهچڻ جو رقص،
جتي ماڻهو پنهنجي وجود جو بار به لاهي ڇڏي.
سچل سرمست جي مستي به شايد انهيءَ ئي ڳالهه کي پنهنجي نموني چئي ٿي
جڏهن ماڻهو پاڻ کان گذري وڃي ٿو،
ته پوءِ دنيا ۾ هر شيءِ الڳ الڳ نٿي لڳي.
سنڌوءَ جو وهڪرو هجي،
وڻن جي گهاٽي ڇانوَ هجي،
مٽيءَ مان ايندڙ مينهن جي سڳنڌ هجي،
يا ڪنهن پرين جي اکين ۾ لڪل اداسي…
هر شيءِ اندر ڪنهن هڪ ئي سڏ جي گونج محسوس ٿئي ٿي.
منهنجا پرين!
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان
مان توکي چاهيان ٿو،
يا تنهنجي نالي جي اوٽ ۾ پنهنجي اندر لڪل ان اڻڄاتل کي؟
ان کي، جيڪو هر رات مون کي بي چين ڪري ٿو.
جيڪو ننڊ جي آخري ڪناري تي اچي بيهي ٿو،
ڄڻ ڪنهن پراڻي گهر جو رهواسي،
جيڪو در کڙڪائڻ بدران رڳو نالو وٺي سڏي.
۽ چوي ٿو
اڃا سفر ختم نه ٿيو آهي.
مان پڇان ٿو
ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟
هو خاموش رهي ٿو.
مان پڇان ٿو
ڪنهن کي ڳولڻو آهي؟
هو وري خاموش رهي ٿو.
پوءِ اندر ئي اندر ڪا ڳالهه اڀري ٿي
جنهن کي ڳولين ٿو،
ان تائين پهچڻ لاءِ پهريان پاڻ کي وچ تان هٽاءِ.
شايد تصوف جي پهرين ڏاڪي جو نالو اهو ئي آهي
پاڻ کان دستبردار ٿيڻ.
پنهنجي خواهش،
پنهنجي انا،
پنهنجي سڃاڻپ،
پنهنجي دعويٰ،
ايستائين جو پنهنجي محبت کي به هڪ ڏينهن ان وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏڻ، جيڪو پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهيندو آهي.
سنڌوءَ کي ڏسو؛
هو ڪنهن هڪ ڪناري جو ٿي نٿو رهي.
جتي زمين نرم ملي ٿي،
اتي پنهنجي واٽ ٺاهي وٺي ٿو؛
جتي پٿر اچي وڃن،
اتي رخ بدلائي ٿو.
شايد عشق به اهڙو ئي آهي.
هو ماڻهوءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان نه، پنهنجي وهڪري سان وٺي وڃي ٿو.
تڏهن خبر پوي ٿي ته عشق ڪنهن هڪ شخص جو نالو ناهي.
عشق ته اها باهه آهي،
جنهن ۾ ماڻهو آهستي آهستي پنهنجي نالي، پنهنجي صورت ۽ پنهنجي ”مان“ کان آزاد ٿيندو وڃي ٿو.
۽ شايد انهيءَ ڪري هاڻي،
جڏهن رات جي آخري پهر ۾
هوا کڙڪيءَ مان اندر اچي
منهنجي چهري کي ڇهي ٿي،
ته لڳي ٿو ڄڻ ڪو پراڻو زخم وري جاڳي پيو هجي.
هوا لفظ نٿي لکي…
يادن جا بند در کولي ٿي.
هر زخم اندر هڪ واٽ آهي.
هر واٽ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ در.
هر در جي پويان هڪ اهڙي خاموشي،
جتي پنهنجي ساهه جو آواز به ڪنهن ٻئي جو لڳي ٿو.
۽ هر خاموشيءَ جي آخري ڇيڙي تي…
تون آهين.
يا شايد…
اهو، جيڪو تنهنجي نالي سان مون کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿو.
هاڻي مان فيصلو نٿو ڪري سگهان ته توکي ياد ڪري رهيو آهيان يا ان کي.
بس ايترو ڄاڻان ٿو ته جڏهن رات تمام گهڻي اونهي ٿي وڃي ٿي،
جڏهن پري ڪنهن ڳوٺ ۾ آخري ڏيئو به وسامي وڃي ٿو،
جڏهن رستي تي هلندڙ ماڻهوءَ جون وکون به ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن،
تڏهن منهنجي اندر ڪو ننڍڙو ڏيئو ٻري پوي ٿو.
ان روشنيءَ ۾ نه تنهنجو چهرو صاف نظر اچي ٿو،
نه منهنجو.
رڳو روشني رهي ٿي.
۽ مان دير تائين انهيءَ روشنيءَ ۾ منهن مونن ۾ هڻي ويٺو رهندو آهيان.
شايد زندگيءَ جو آخري لطف به اهو ئي آهي
ته ماڻهو آخرڪار پنهنجي ”مان“ کان گذري وڃي،
پنهنجي ئي اندر جي ان جاءِ تي پهچي،
جتي سڄي عمر ٻاهر ڳوليندو رهيو هو،
۽ اتي وڃي ڏسي ته…
جنهن کي هو سڄي عمر ڳوليندو رهيو،
اهو ڪنهن رستي جي پڇاڙيءَ ۾ نه هو؛
هو ته سندس ئي اندر
سجدي ۾ جهڪيل هو.
__________________

نثار ٻانڀڻ



