تاريخ مان ڪو سبق وٺو، دنيا ۾ انقلاب تاريخ مان ڪجھ سکڻ سان ئي برپا ٿيدا رھيا آھن
غلاميءَ خلاف تحريڪون، آزاديءَ جون جدوجهدون ۽ انساني حقن لاءِ ٿيندڙ دانهون ڪوڪون سڀ تاريخ جو نتيجو آهن. تاريخ کان بي خبر ماڻھو بي پاڙو وڻ آهي جيڪو ڪنهن به وقت ڪري سگھي ٿو
تاريخ صرف ماضي ناهي، پر اها اسان جو حال بہ آهي تہ مستقبل جي رھنما ۽ استاد بہ آهي . قومون پنھنجي ماضي ۽ حال جي آڌار ايندڙ وقت جا فيصلا ڪنديون آھن
سنڌي نوجوانن لاءِ ته تاريخ پڙهڻ اڃا وڌيڪ اهم آهي. ڇو ته سنڌ جي تاريخ قربانين، جدوجهدن، علم، ادب ۽ ثقافت جي خزانن سان ڀريل آهي.
عبدالله عثمان مورائي
تاريخ ڇا آهي؟ اها صرف ماضيءَ جي واقعن، بادشاهن جي نالن يا جنگين جو داستان ناهي. تاريخ اصل ۾ انسانن جي زندگيءَ جي گذريل دورن، تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو اهڙوهڪ آئينو آهي، جيڪو اسان کي اهو ڏيکاري ٿو ته اسان ڪير آهيون ۽ ڪٿان آيا آهيون. ان آئيني ۾ نه رڳو قومون پنهنجي سڃاڻپ ڏسن ٿيون پر ايندڙ مستقبل لاءِ رستو به ڳولين ٿيون. اڪثر ماڻهو تاريخ کي رڳو پراڻن قصن ۽ واقعن جو ذڪر سمجهن ٿا، پر حقيقت ۾ تاريخ انساني شعور ۽ فڪر جي تعمير لاءِ انتهائي اهم آهي.
اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته ماضيءَ کي ڇڏي صرف مستقبل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پر اِها سوچ صحيح ناهي. جيڪڏھن تاريخ صحيح نموني لکيل هجي ته ان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ اسان جي لاءِ اڄ به تمام ضروري آهي.

تاريخ رڳو جنگين يا حڪمرانن جو ذڪر ناهي، پر اها ماڻهن جي ثقافت، ريتن رسمن ۽ روايتن جو به ذريعو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي تاريخ پڙهندو آهي ته کيس خبر پوندي آهي ته سندس ڪپڙا، کاڌا، موسيقي ۽ ٻولي ڪيئن ارتقا مان گذري اڄ تائين پهتا آهن. هيءَ ڄاڻ کيس پنهنجي ثقافت تي فخر ڪرڻ سيکاري ٿي.
سنڌي نوجوانن لاءِ ته تاريخ پڙهڻ اڃا وڌيڪ اهم آهي. ڇو ته سنڌ جي تاريخ قربانين، جدوجهدن ۽ علمي ڪوششن سان ڀريل آهي. صوفي شاعرن جو پيغام، ارغونن ۽ ترخانن جو دور، انگريزن خلاف جدوجهد اهي سڀ سبق ڏين ٿا ته ڪيئن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتيءَ، ٻولي ۽ سڃاڻپ کي زنده رکيو. جيڪڏهن نئون نسل اها تاريخ نه پڙهندو ته شايد ايندڙ وقت ۾ پنهنجي اصل کان پري ٿي ويندو.
تاريخ پڙهڻ سان وسيع سوچ پيدا ٿئي ٿي
جيڪو ماڻهو تاريخ پڙهندو آهي، اهو دنيا کي صرف اڄ جي اک سان نٿو ڏسي، پر ماضي ۽ مستقبل جي سلسلي ۾ ڏسي ٿو. اهڙي سوچ کيس وڌيڪ بردبار، ذميوار ۽ باخبر بڻائي ٿي. تاريخ انسان کي اهو سيکاري ٿي ته ڪي به حالتون هميشه لاء هڪ جهڙيون ناهن هونديون پرخوشحالي ۽ ڏکن سورن جو سلسلو بدلجندو رهندو آهي.

حال کي سمجهڻ لاءِ تاريخ انسان کي ڄاڻ ڏئي ٿي
اسان جو موجوده سماج، سياست، مذهب ۽ ثقافت اڄ تائين ڪيتريون ئي تبديليون ۽ واقعا ڏسي چڪي آهي. هر موجوده رسم يا قانون جي پويان هڪ ڊگهي تاريخ آهي. مثال طور، اسان کي اڄ جي سماجي انصاف جي تحريڪن يا بين الاقوامي لاڳاپن کي سمجهڻ لاءِ ماضي جي تاريخي حالتن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. تاريخ اسان کي هن دنيا جي مسئلن ۽ ان جي ترقي جي اصلي سببن کي ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ماضي کي نٿو سڃاڻي، اهو پنهنجي حال کي به پوري طرح سمجهي نٿو سگهي.
جيڪو ماڻهو پنهنجي ماضيءَ کان واقف هوندو، اهو ئي پنهنجي سڃاڻپ محفوظ رکي سگهي ٿو. سنڌي ماڻهن لاءِ به تاريخ پڙهڻ ان ڪري ضروري آهي جو ان ۾ سندن تهذيب، ٻولي، مزاحمت ۽ محبت جون ڪهاڻيون لڪل آهن. جيڪڏهن ڪو نوجوان اهو نه ڄاڻي ته موهن جو دڙو ڇا هو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام ڪهڙو هو يا مياڻيءَ جي جنگ ڇو ٿي، سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دور ڪهڙو هو ته پوءِ هو پنهنجي سڃاڻپ کان خالي رهندو.
غلطين مان سبق سکڻ ۽ مستقبل لاءِ راهه ڳولڻ
تاريخ هڪ عظيم استاد آهي, ان مان هزارين مثال ملن ٿا، جتي قومون پنهنجي عقل ۽ اتحاد سان اڳتي وڌيون ۽ ڪي اهڙيون به آهن جيڪي بي اتفاقي ۽ غلط فيصلن ڪري تباهه ٿي ويون. تاريخ اسان کي سٺن ۽ خراب فيصلن جو نتيجو ڏيکاري ٿي. ماضي ۾ ڪهڙا فيصلا وڏي تباهي جو سبب بڻيا ۽ ڪهڙن فيصلن عظيم ترقي ۽ ڪاميابي آندي؟ تاريخ جي مسلسل اڀياس سان اسان انساني روين، سماجي تبديلين ۽ اقتصادي نظامن ۾ موجود رجحانن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ انهن غلطين جو پتولڳائي سگهون ٿا جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن ڪيون ۽ ان سان اسان انهن غلطين کي ورجائڻ کان بچي سگهون ٿا.
تاريخ اسان کي بهتر منصوبابندي ڪرڻ، مسئلن کي اڳواٽ سڃاڻڻ ۽ سٺا فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. مثال طور، جنگين جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڇا ٿو ٿئي جڏهن انسان امن ۽ گفتگو بدران تشدد جو رستو اختيار ڪري ٿو. تاريخ اها ڏاڪڻ آهي جيڪا استاد بڻجي اسان کي حال کان مستقبل طرف وٺي وڃي ٿي.
سياسي ۽ سماجي شعور
سڄي دنيا ۾ جيڪي انقلاب آيا، اهي ماڻهن جي تاريخ مان سکڻ بعد ئي برپا ٿيا. غلاميءَ خلاف تحريڪون، آزاديءَ جون جدوجهدون ۽ انساني حقن لاءِ ٿيندڙ دانهون ڪوڪون سڀ تاريخ جو نتيجو آهن. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي تاريخ پڙهن ته هو سماجي ۽ سياسي شعور سان اڳتي وڌندا. پر جيڪڏهن تاريخ کان بي خبر رهندا ته آسانيءَ سان ڌوڪي ۾ اچي ويندا ۽ پنهنجو حق وڃائيندا.
تنقيدي سوچ کي وڌائڻ
تاريخ صرف هڪ ڪهاڻي ناهي، پر ڪيترين ئي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. تاريخي واقعن کي مختلف نقطه نظر سان ڏسڻ سان اسان جي اندر تنقيدي سوچ (critical thinking) پيدا ٿئي ٿي. اها اسان کي سيکاري ٿي ته ڪنهن به دعويٰ يا معلومات کي سڌو قبول نه ڪجي، پر ان جي ذريعن کي جانچجي. ان سان اسان جي اندر ڪنهن به مسئلي کي گهري سوچ ۽ تجزئي سان سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي.

سڃاڻپ ۽ ثقافت کي سمجهڻ
تاريخ اسان جي قومي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو بنياد آهي. جڏهن اسان پنهنجي ماضي جو اڀياس ڪندا آهيون ته اسان کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جدوجهد، قربانين ۽ ڪاميابين جو پتو پوي ٿو. سنڌ جي تاريخ، ان جي لوڪ ڪهاڻين، صوفي شاعرن ۽ قديم شهرن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان اسان کي پنهنجي ورثي ۽ ثقافت جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو. اها ڄاڻ اسان کي اهو محسوس ڪرائي ٿي ته اسان رڳو هڪ فرد نه آهيون، پر اسان هڪ وڏي قومي ۽ ثقافتي ورثي جو حصو آهيون.
آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته تاريخ صرف ماضي ناهي، پر اها اسان جو حال آهي، اسان جي استاد آهي ۽ اسان جي سڃاڻپ جو هڪ اهم حصو آهي. تاريخ پڙهڻ هر فرد لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيتري روزاني جي زندگيءَ لاءِ هوا ۽ پاڻي. ان کي پڙهڻ جو مقصد رڳو ماضي جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ناهي، بلڪه ان مان سبق سکي، پنهنجي حال کي بهتر بڻائي ۽ هڪ روشن مستقبل جو بنياد رکڻ آهي.
صحيح نموني لکيل تاريخ اسان کي سچائي ۽ دانائي جي سڃاڻپ ڏئي ٿي، سبق سيکاري ٿي، شعور پيدا ڪري ٿي ۽ ثقافت سان ڳنڍي ٿي. هر انسان کي پنهنجي ذاتي، سماجي ۽ قومي ترقي لاءِ تاريخ کي پڙهڻ کي اهميت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي تاريخ کان بي خبر آهي ته اهو اهڙو وڻ آهي جيڪو بغير پاڙن جي بيٺو هجي ۽ ڪنهن به وقت ڪري پوي.
اسان سڀني کي گهرجي ته تاريخ پڙهون، سمجهون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچايون. ڇو ته تاريخ ئي اسان جي سڃاڻ ۽ مستقبل جي ضمانت آهي.
________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ سياح آھي ۽ انگريزيءَ، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندڙ آھي