چين، جتي لِڪ ڇُپ ۾ ”ڏِنو پُٽ ڇُٽَي جو“ اُصول بہ ھلي ٿو
هتي گاڏين جي رفتار مقرر آهي. ان موجب ئي هلائڻيون پون ٿيون. ان کان ٿوري به تيز ٿي ته ڏنڊ لڳي ويندو ۽ اُھو پاڻمرادو اوهان جي ’وي چيٽ‘ اڪائونٽ مان ڪٽجي ويندو.
هِتان جي همراهن ان جو به حل ڪڍي ورتو آهي. جي وِي چيٽ اڪائونٽ مان پوائنٽون ڪٽجي وڃن ٿيون، پنھنجي ڪنھن دوست کي ڪجهه پئسا ڏيئي، ان کان ڇھه پوائنٽون خريد ڪندا آهن، پر ان لاءِ به پوليس جو تعاون ضروري آهي ۽ اهي پوليس وارا وري لڪ ڇُپ ۾ ’ڏنو پٽ ڇُٽيَ جو‘ تي هلن ٿا
هتي ٻليون وڪامن ٿيون. ھڪ دڪان ۾ گهڙياسين ته ننڍيون توڙي وڏيون ٻليون نھايت صاف سُٿريون، شيشي جي شوڪيس ۾ ويٺيون هيون ۽ انهن جي ٻاهران انهن جي قيمت به لکيل هئي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
يارهين بجي ڌاري وشال سان گڏجي وشال جي ’ذائقه پاڪستاني اسٽائيل ريسٽورنٽ‘ تي وڃي بيدي، پراٺي ۽ چانھه سان ناشتو ڪيوسين، ڳچ دير اتي ويٺو رهيس ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ڊگهو چڪر هڻي آيس، موٽي آيس ته وشال چيو ”ابو وڃائجي نه وڃين.“ جنھن تي وڏو ٽھڪ ڏيندي چيم، ”پوءِ پيو ڳولھج“، جنھن تي وري گڏجي ٽھڪ ڏنوسين.
ٿوري دير کان پوءِ وشال چيو ته ابو هل ته ’والمٽ مال‘ جو چڪر به هڻي اچون، کير ۽ ٻيو سامان به وٺي اچون.
ٻاهر نڪري وشال بائيڪ اسٽارٽ ڪئي ۽ آءٌ سندس پويان ٿي ويٺس. وشال جي اها بائيڪ بيٽريءَ تي آهي. هتي ٻن قسمن جون گاڏيون هلن ٿيون. هڪڙيون بيٽري تي، ٻيون پئٽرول تي، بئٽري تي هلندڙ گاڏين جي نمبر پليٽ سائي ۽ پئٽرول تي هلندڙن جي نمبر پليٽ بليو رنگ جي آهي. اسان جي بائيڪ رستن تان ٿيندي ’والمٽ مال‘ ڏانھن هلڻ لڳي. هتي گاڏين جي رفتار مقرر آهي. ان موجب ئي هلائڻيون پون ٿيون. ان کان ٿوري به تيز ٿي ته فائين لڳي ويندو ۽ فائين پاڻمرادو اوهان جي ’وي چيٽ‘ اڪائونٽ مان ڪٽجي ويندو. جن کي لائسنس ڏيندا آهن. انهن کي ٻارهن پوائنٽون مليل هونديون آهن. جي مقرر رفتار کان تيز هلائي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته هڪدم ڇھه پوائنٽون ڪٽجيو وڃن ۽ وري جي ٻيو ڀيرو قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته باقي ڇھه پوائنٽون به ڪٽجي وينديون، پوءِ نه رڳو فائين پوندو، پر ليسن به رد ۽ همراهه گاڏي هلائڻ کان ويو. پر هِتان جي همراهن ان جو به حل ڪڍي ورتو آهي. جي پھريون ڇھه پوائنٽون ڪٽجي وڃن ٿيون، ته هو پنھنجي ڪنھن دوست کي ڪجهه پئسا ڏيئي، ان کان ڇھه پوائنٽون خريد ڪندا آهن، پر ان لاءِ به پوليس جو تعاون ضروري آهي ۽ اهي پوليس وارا وري لڪ ڇُپ ۾ ’ڏنو پٽ ڇُٽيَ جو‘ تي هلن ٿا. وشال ٻڌايو ته سندس زال تيز رفتار گاڏي هلائي ته سندس ڇھه پوائنٽون ڪٽجي ويون، سو اچي پريشان ٿي، نيٺ پنھنجي هڪ دوست کان ڇھه پوائنٽون ڪجهه ڏوڪڙن جي عيوض خريد ڪري، پنھنجون ٻارهن پوائنٽون مڪمل ڪيائين. ان عيوض پوليس کانئس لڪ ڇپ ۾ ٻه سئو آر ايم بي ورتا. معني چين ۾ به اهڙا صدورا پوليس وارا آهن، پر سڀ ڪم لڪ ڇپ ۽ رازداري ۾، جي ڳالهه ڦاٽي پئي ته وٺندڙ جو سرئي ويو.

اسان مختلف رستن تان ٿيندا نيٺ ’والمٽ مال‘ اچي پھتاسين. رستا صاف سٿرا هئا ۽ رستن جي ٻنهي پاسن وڻ لڳل هئا ۽ ننڍا ننڍا پارڪ جام هئا، جنھن سبب رستن جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو هو. بائيڪ بيھاري اسان ٻئي اليڪٽرڪ ڏاڪڻ تي چڙهي هيٺ لٿاسين. هت ته وڏو جھان هو. وشال هڪ دڪان ڏانھن اشارو ڪري ٻڌايو ته هتي ٻليون وڪامن ٿيون، مون چيس ته پوءِ ڏسون، دڪان ۾ گهڙياسين ته ننڍيون توڙي وڏيون ٻليون نھايت صاف سُٿريون، شيشي جي شوڪيس ۾ ويٺيون هيون ۽ انهن جي ٻاهران انهن جي قيمت به لکيل هئي. خير اسان کي ته ڪا ٻلي يا ٻلو وٺڻو نه هو، سو سرسري طور ڏسي ٻاهر نڪري آياسين ۽ ٿورو اڳتي وڌي هڪ دڪان ۾ گهڙياسين. دڪان ڇا هو، بس سپر مارڪيٽ هئي، هر شئي موجود هئي، وشال ٽرالي کنئي ۽ گهربل سامان اُن ۾ وڌو. مون ڏٺو ته هڪ هنڌ شرابن طھورا نھايت خوبصورت بوتلن ۽ پيڪنگ ۾ سجايو رکيو هو. خبر هوندي به وشال کان پڇيم، ”وشو هي ڇا آهي؟“ شراب آهي، جواب ڏنائين ته چيومانس يار منھنجو هتي هڪ فوٽو ڪڍ ته يارن کي موڪليان ۽ سندن گِگَ ڳاڙهيان، جنھن تي کلندي وشال منھنجو فوٽو ڪڍيو ۽ اسان ورتل سامان جي ادائيگي ڪري مال مان ٻاهر نڪري آياسين ۽ بائيڪ تي چڙهي ڪچھري ڪندا واپس اچي پنھنجي ماڳ پھتاسين.
شام جو وري وشال، نسيم، کشين ۽ سندس وڏي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ سڀ گڏجي ڇائو يانگ اسڪوائر وياسين. ڇائو يانگ اسڪوائر نئننگ جو مرڪزي هنڌ آهي، جتي اڪثر ماڻهو تفريح لاءِ ايندا آهن. فيصلو ڪيوسين ته سب وي ۾ هلجي، جنھن جي اسٽيشن وشال واري رهائش کان مُنو ميل کن پري هئي. اسان چارئي ڄڻا پنڌ ئي پنڌ سب وي اسٽيشن پھتاسين، جيڪا زمين جي هيٺ سمجهو ته ٽه ماڙ هئي. ان جو پنج لائينون هيون سب وي چين ۾ نھايت سستو ۽ تيز رفتار سفر جو ذريعو آهي. ٽڪيٽ وٺي اليڪٽرڪ ڏاڪڻين تان هيٺ لھي، ٻيو نمبر لائين تي پھتاسين ته اسان جي اڳيان ويندڙ هڪ چيني جهوني چيو ته ’اوهان سڀ خوبصورت آهيو.‘ اڳتي وڃي وري هن ٻي چينيءَ کي چيو ’تون خوبصورت آهين.‘ جنھن جو ترجمو ڪري وشال ٻڌايو. اسان اچي کلياسين ته صفا ڪو چريو آهي. جو هر ڪنھن کي چوندو وتي ته تون سھڻو آهين. لائين نمبر 2 جي گيٽ وٽ بيٺاسين، ٿوري دير ۾ سب وي اچي ويئي لھڻ وارا لٿا ۽ اسان چڙهياسين، اسٽيشن توڙي سب وي سڀ اي. سي هئڻ سبب ماحول پُرسڪون هو. اسان مان هر ڪنھن سيٽون سنڀاليون ۽ سب وي رواني ٿي اتي مريم جي کل کل جاري هئي. وڏي شرارتي آهي. اڄ ٻيو ڏينھن آهي، پر اڃا تائين اسان ڏانھن نه ٿي اچي. سب وي توڙي هر هنڌ ماڻهن جو منھن موبائيل ۾، ويندا پيا تڏهن به اک موبائيل ۾، مون سمجهيو ته اهو مرض رڳو اسان وٽ آهي، پر هتي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. موبائيل ۾ منھن هئڻ سبب آسپاس ڪا سڌ ئي ڪانه هُين. البت پاڻ وٽ ائين موبائيل ڪڍي رستي ويندي ڏسندا وڃون ته اوچتو يا ته ڪو ڦورو اچي يا وري موٽرسائيڪل وارا ڇورا جهپو هنيو هٿ مان اُڏايو وڃن، پر هتي اهڙو ڪو خطرو ڪونهي.
چين ۾ سب وي جي شروعات 1969ع ۾ بيجنگ کان ٿي. هاڻ ته هر شھر ۾ انڊر گرائونڊ سب ويز جو ڄار وڇايل آهي. يعني زمين جي هيٺان هڪ نئون جھان.
اسان ٻن ٽن اسٽيشن گذرڻ کان پوءِ ’ڇائويانگ اسڪوائر‘ اسٽيشن تي لٿاسين. ٽڪيٽون ٽچ ڪري اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهي آياسين، ڇائويانگ اسڪوائر جي روشنين اسان جو استقبال ڪيو. اتي وڏا وڏا مال ۽ هر شئي جون مارڪيٽون آهن. سڀني جا سائين بورڊ چينيءَ ۾ هئا، البت ڪٿي ڪٿي گڏ انگريزي ۾ به لکيل هئا. اسان اتي وڙڪڻ ۽ فوٽو گرافي شروع ڪئي. هڪ هنڌ کشين اسان کي بيھڻ جو اشارو ڪيو. اسان اتي پيل بئنچن تي ويٺاسين ۽ تيسين کشين ۽ سندس ڀيڻ ليمن جوس جا وڏا وڏا گلاس وٺي آيون. گڏوگڏ مريم لاءِ آئسڪريم، جوس، پيئڻ لاءِ اسٽڪ کوليسين ته ان جي هڪ پني اسان کان هيٺ ڪري پئي، جيڪا اڏي پريان هلي ويئي، ٿوري دير ۾ ئي هڪ صفائي ڪندڙ مائي آئي ۽ اسان کي عجيب نظرن سان ڏسي اها ٻھاري هلي ويئي. صفائي جو هر هنڌ ايڏو ته بندوبست جو ڪٿي به هڪ پنو به نظر نه ٿو اچي ۽ روڊ رستا ائين پيا چمڪن ڄڻ انهن جي مٿان مک پئي ترڪي. صفائي ڪندڙ عملو هر وقت ڦڙت نظر ٿو اچي، ڪٿي ڪو ڪاڳر يا ڪا ٻي شئي پيل ڏسي ٿو ته هڪدم صاف ڪريو ڇڏي.

جوس پي ۽ آئسڪريم کائي، اسان اڳتي وڌياسين ته سامهون روڊ تي ڊگهي قطار نظر آئي، چينين جي ويٺل. هنن جي اڳيان ننڍن ننڍن پڃرن ۾ مختلف نسلن جا ڪتا، ٻلا، ڪئا، طوطا ۽ جهرڪيون وغيره رکيون هيون، جيڪي سڀ وڪري لاءِ هيون. چيني جانورن، خاص ڪري ڪتن ۽ ٻلين پالڻ جا شوقين آهن. ڪئا به سانڍين ٿا، ڪئا به پاڻ وارن ڪوئن کان ٿورا مختلف هئا اڇي رنگ جا. سڀني جي اڳيان قيمتن جي چٽڪي لڳل هئي. انهن وڪرو ڪندڙ همراهن ۾ مايون، نوجوان ۽ پوڙها به هئا، پر منھن سڀني جو موبائيلن ۾. نه هوڪو نه ريڙهه پيڙهه، نه گوڙ نه گهمسان. مريم جو اهي ڏٺا ته ماڻهنس جي ڪڇ مان لهي، انهن کي ڏسندي هلڻ لڳي ۽ اسان به کلندا سندس پويان پويان هلڻ لڳاسين. ائين هلندا اچي ٻي مارڪيٽ ۾ پهتاسين، جتي هر قسم جي شين خاص ڪپڙن، بوٽن ۽ سون جا دڪان هئا. ان مارڪيٽ ۾ ٽريفڪ جي اچڻ جي بندش هئي. دڪانن جي ٻاهران نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿن ۾ ڊسڪائونٽ وارا بينر جهلي گراهڪن کي متوجهه ڪري رهيا هئا. سڄي مارڪيٽ ۾ هر دڪان جي اڳيان چيني جهنڊو لڳل هو. چين ۾ پهرين آڪٽوبر کان وٺي ستين آڪٽوبر تائين ’آزادي جو هفتو‘ ملهايو ويندو آهي. اهي ست ئي ڏينهن عام موڪل هوندي آهي. اهو ڄڻ سندن قومي عيد جو هفتو هوندو آهي، جيڪو چيني ڀرپور نموني ملھائيندا ۽ انجواءِ ڪندا آهن. گهرن ۽ دڪانن کي سينگاريندا آهن. قومي جهنڊا جهولائيندا آهن. ائين ڪنھن به چيني اڳواڻ جي تصوير يا ڪو پينافليڪس لڳل نه آيو. جيئن پاڻ وٽ اهڙن موقعن تي حشر هوندو آهي. اسان اتي ڪافي دير هلندا رهياسين، پوءِ هڪ شوز هائوس ۾ گهڙياسين. جتي سيل لڳل هئي، کشين، نسيم کي ٻه نرم سينڊل وٺي ڏنا. وشال مون کي به ڪو بوٽ وٺڻ جي لاءِ چيو، پر مون نه ورتو ۽ چيومانس هڪ بوٽ ۽ سئنڊل پاڪستان مان کڻي آيو آهيان، ٻيو بوٽ تو اچڻ شرط مون کي ڏنو آهي، سو هيترن بوٽن کي ڇا ڪندس. سندس ڪافي زور ڀرڻ جي باوجود به مون نه ورتو.

زيور هر عورت جي ڪمزوري هوندا آهن. سو بوٽن جي دڪان تان لھي مايون پاسي ۾ سون جي دڪان تي چڙهيون ۽ چوڙيون، جهومر، جهومڪ وغيره ڏسڻ لڳيون. وشال وري ڇا ڪيو جو ڪارن سھڻن ياقوتي بلورن وارو هڪ چوڙو وٺي منهنجي ٻانهن ۾ وڌو، چيائين ته ابو هي پٿرلڪي آهي. مون چيومانس ’مون کي پٿرن ۾ لڪَ ٻڪَ تي اعتبار ڪونهي.‘ پر بهرحال کيس خوش ڪرڻ لاءِ ٻانهن ۾ وڌم.
اسان کي اتي گهمندي رات جا ٻارهن ٿي چڪا هئا، هاڻ دڪان به بند ٿيڻ شروع ٿيا. چين ۾ رات جو ٻارهين بجي سب ڪاروبار ۽ مارڪيٽون بند ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. سب وي به ٻارهين بجي بند ٿي ويندي آهي، سو اسان به ٽئڪسيون ڪري گهر پهتاسين. هڪ ۾ آءٌ، وشال ۽ ماڻهنس ۽ ٻي ۾ کشين ۽ ڀيڻس. وشال ته مريم کي کڻي اسان سان گڏ پويان ويٺو، کيس اڳيان ويهڻ لاءِ چيم ته چيائين هتي چين ۾ ننڍي ٻار کي کڻي اڳينءَ سيٽ تي ويهڻ جي پابندي آهي ۽ ساڳئي نموني ٽئڪسي ۾ ڊرائيور کان سواءِ باقي ٽي ماڻهو ئي ويھي سگهن ٿا. جي هجي ها پاڪستان ته اسان پنجئي هڪئي ٽئڪسي ۾ سوڙها سنگهڙا ٿي ويھون ها، پر هي ته سائين چين آهي، جتي هر ننڍي توڙي وڏي ڳالهه ۾ قانون جي پاسداري ڪرڻي ٿي پوي، جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڏنڊ ۽ ٻي سزا. البت ذاتي گاڏيءَ ۾ چئن ڄڻن جي ويھڻ جي اجازت آهي.
_____________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي ۽ ھن وقت چين ۾ آھي