ڪراچي بندر، جتان ايشيا جو در کُلي ٿو: سن 1915ع ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت
بحثيت بندرگاهه ڪراچيءَ جو پهريون ذڪر انڊيا جي الهندي ساحل ۽ خليج فارس بابت لکيل هڪ عربي مقالي ۾ ملي ٿو. سن 1558ع ۾ لکيل هن تحرير ۾ ملاحن کي ڀنور يعني سامونڊي ڪُن کان پري رهڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. تاريخ نويس ان جو حوالو ان جاءِ طور ڏين ٿا جتان 326 ق.م ۾ سڪندر اعظم جي فوج يوناني جهازن تي سوار ٿي هئي.

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هيءَ عمارت 1400 چورس والن تي پکڙيل آهي. هن عمارت جو ڍانچو 1915ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انجنيئرنگ کاتي جي نگراني ۾ ئي مڪمل ٿيو هو. ان وقت ان جي تڪميل تي 9 لک 74 هزار 990 رپيا خرچ آيو هو. 5 جنوري 1916ع تي بمبئي جي گورنر لارڊ ولنگڊن (Lord Willingdon) هن عمارت جو باقاعدي افتتاح ڪيو. ٻئي طرف، هن عمارت جو هڪ تاريخي پهلو اهو به آهي ته پهرين مهاڀاري لڙائي دوران 7 فيبروري 1916ع کان 6 مئي 1919ع تائين ان کي 500 بسترن جي اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
ليکڪ: ابرھيم صالح محمد
ڪراچي بندر ايراني نار، جنھن کي هرمز لنگھ بہ چئجي ٿو، کان وٺي هندستان جي سرحد تائين 600 ميل ڊگھي ساحلي پٽي سان گڏ هڪ اهم ماڳ تي واقع آهي. بحثيت بندرگاهه ڪراچيءَ جو پهريون ذڪر انڊيا جي الهندي ساحل ۽ خليج فارس بابت لکيل هڪ عربي مقالي ۾ ملي ٿو. سن 1558ع ۾ لکيل هن تحرير ۾ ملاحن کي ڀنور يعني سامونڊي ڪُن کان پري رهڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. تاريخ نويس ان جو حوالو ان جاءِ طور ڏين ٿا جتان 326 ق.م ۾ سڪندر اعظم جي فوج يوناني جهازن تي سوار ٿي هئي.
1852ع تائين ڪراچي سمنڊ پار واپار جي حوالي سان پنهنجي مستند جاءِ ٺاهي چڪي هئي. نيپيئر مول، نيپيئر برج، قديم جيٽي ۽ چينا ڪريڪ جي ٺهڻ سان ڪراچي بندرگاهه جي شروعاتي شڪل سامهون آئي. 1882ع ۾ وارف جي تعمير شروع ٿي ۽ 1914ع تائين ايسٽ وارف (مشرقي وارف) ۽ نيپيئر مول بوٽ وارف جي تعمير مڪمل ٿي. 1927ع کان 1944ع تائين بندرگاهه جي ويسٽ وارف (مغربي وارف)، لائيٽ ريچ برٿ ۽ جهازن جي مرمت جون برٿون مڪمل ٿي چڪيون هيون.
مثالي جاگرافيائي بيهڪ رکندڙ هيءُ بندرگاهه، جنهن جي هيءَ عمارت قائم آهي، افغانستان، وچ ايشيا ۽ الهندي چين تائين پنهنجي رسائي جي ڪري هن خطي جو دروازو سڏجڻ جو پورو حق رکي ٿو.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) بلڊنگ جي طرزِ تعمير
پهرين نظر وجھڻ سان ڪراچي بندرگاهه جي هيءَ عمارت، جنهن کي ڪي پي ٽي بلڊنگ چيو ويندو آهي، اسان کي برطانوي راڄ واري دور جي ياد ڏياري ٿي، پر حقيقي معنيٰ ۾ هيءَ برطانوي، هندو ۽ گوٿڪ (Gothic) ثقافتن جو هڪ شاندار نمونو آهي.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ جي ڊيزائن اسڪاٽلينڊ جي ماهر تعميرات جي. ويٽيٽ (G. Wittet) تيار ڪئي هئي، جيڪو ان وقت بمبئي حڪومت جو ڪنسلٽنٽ هو. ويٽيٽ “پرنس آف ويلز ميوزيم” ۽ 1908ع ۾ تعمير ٿيندڙ “گيٽ وي آف انڊيا” جو معمار پڻ هو.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هيءَ عمارت ڪراچيءَ ۾ ايڊلجي ڊنشا روڊ تي تجارتي مرڪز جي ويجهو واقع آهي. ڪراچيءَ جون ٻه اهم شاهراهون بندر روڊ (موجوده ايم اي جناح روڊ) ۽ مڪلوڊ روڊ (موجوده آءِ آءِ چندريگر روڊ) هتان ئي شروع ٿين ٿيون. هن عمارت جي ويجهو ئي تاريخي نيٽِوِ جيٽي پل ۽ ميري ويدر ٽاور پڻ آهن ۽ ان جي ڀرسان ڪراچي جا قديم ترين اولڊ ٽائون علائقا مِٺادر ۽ کارادر واقع آهن.
تعميراتي خرچ ۽ تاريخي پهلو
رڪارڊ موجب، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هيءَ عمارت 1400 چورس والن تي پکڙيل آهي. هن عمارت جو ڍانچو 1915ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انجنيئرنگ کاتي جي نگراني ۾ ئي مڪمل ٿيو هو. ان وقت ان جي تڪميل تي 9 لک 74 هزار 990 رپيا خرچ آيو هو.
5 جنوري 1916ع تي بمبئي جي گورنر لارڊ ولنگڊن (Lord Willingdon) هن عمارت جو باقاعدي افتتاح ڪيو. ٻئي طرف، هن عمارت جو هڪ تاريخي پهلو اهو به آهي ته پهرين مهاڀاري لڙائي دوران 7 فيبروري 1916ع کان 6 مئي 1919ع تائين ان کي 500 بسترن جي اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
اندروني ۽ ٻاهرين بناوت
عمارت جو رنگ ۽ ان جي تعمير ۾ استعمال ٿيل مٽيريل نهايت منفرد آهي. هي زرد رنگ جو پٿر آهي جنهن کي “سيپيا” چيو ويندو آهي. عمارت جو ڦيرو (گھماءُ) بي مثال آهي جيڪو کيس ان دور ۾ تعمير ٿيندڙ ٻين عمارتن جي ڀيٽ ۾ ممتاز حيثيت ڏياري ٿو. وچين حصي ۾ هڪ وڏو گنبذ آهي، جيڪو رومن تعميرات جي خاص نشاني هو. توڙي جو اسلامي تعميرات ۾ به گنبذ کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي، پر هن عمارت جي گنبذ جي شڪل ڪجهه مختلف آهي.
عمارت جا دروازا، دريون ۽ محراب وڏا ۽ سائي رنگ جا آهن، جنهن ۾ پيلي رنگ جي آميزش ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿي. عمارت جو ٻاهريون ۽ اندروني حصو سادو پر منفرد آهي. عمارت ۾ موجود ڪمرا وڏا ۽ ڪشاده آهن، جن جون ڇتيون عام عمارتن جي مقابلي ۾ تمام مٿانهيون آهن. ظاهري طور تي هيءَ عمارت ٽن کان چار ماڙ نظر اچي ٿي پر عملي طور تي کيس شاندار بڻائڻ لاءِ وچ ۾ ٻن ماڙين جيتري جاءِ ڇڏي وئي آهي.
عمارت جو هڪ ٻيو دلچسپ پهلو ان جي تعمير ۾ استعمال ٿيل شيشم (ٽالي) جو ڪاٺ آهي، جيڪو انتهائي مهانگو ٿئي ٿو. عمارت ۾ هن ڪاٺ جو ڪافي استعمال ڪيو ويو آهي. درين تي ڪاٺ جو ڪم گھاٽي سائي رنگ سان ٿيل آهي جيڪو ان جي شان کي چار چنڊ لڳائي ٿو. عمارت ۾ داخل ٿيڻ جو صرف هڪ رستو آهي، جنهن تي هڪ تمام وڏو دروازو لڳل آهي ۽ ٻنهي پاسن کان ٻه وڏا لنگر (Anchors) رکيا ويا آهن.
وزيٽر گيلري، قديم لفٽ ۽ بورڊ روم
اهو دروازو پنهنجي ڀرپور ۽ متحرڪ تاريخ بيان ڪندڙ وزيٽر گيلري ڏانهن وٺي وڃي ٿو. عمارت جي لنگهن (راهدارين) ۾ خوبصورت محراب رومن طرزِ تعمير جي نشاني آهن. فرش تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جون ٽائلس لڳايون ويون آهن، جن کي سولائي سان صاف ڪري ۽ ڌوئي سگهجي ٿو. عمارت جي لفٽ اڄ به پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي، جيڪا گرائونڊ فلور تان سڌي چيئرمين جي آفيس ڏانهن وڃي ٿي، جيڪا ٻين منزل تي ۽ گنبذ جي بلڪل هيٺان واقع آهي.
لفٽ ۾ به شيشم جو ڪاٺ استعمال ٿيل آهي، جيڪا “ميرٽ اينڊ اسڪاٽ لنڊن” جي تيار ڪيل آهي ۽ هن لفٽ کي باقاعدي نمبر 210412 پڻ الاٽ ٿيل آهي. لفٽ ۾ هڪ ئي وقت ڇهه ڄڻا سوار ٿي سگهن ٿا ۽ اڄ به اها لفٽ ايئن ئي استعمال هيٺ آهي.
ٻي ماڙ تي هڪ وسيع ڪميٽي روم ٺهيل آهي جيڪو مرڪزي گنبذ جي بلڪل هيٺان آهي. ان ڪميٽي روم ۾ مختلف قسمن جون گڏجاڻيون ٿينديون آهن. ان کان علاوه، لنڊن جي ايليٽ برادري ڪمپنيءَ جو هڪ قديم گهڙيال پڻ پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي. بورڊ روم سان گڏ هڪ وڏو ڪانفرنس هال آهي جيڪو چيئرمين جي آفيس سان گڏ ئي آهي. ڪي پي ٽي بورڊ ۽ ٻيون اهم گڏجاڻيون ان ئي ڪانفرنس هال ۾ ٿينديون آهن. ٻي ماڙ تي ٽيون اهم ڪمرو رڪارڊ روم چئبو آهي، جنهن کي سمورو رڪارڊ ۽ خفيه فائل رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هتي 1893ع کان وٺي هيل تائين جا سمورا دستاويز موجود آهن.
ڪراچي پورٽ جي موجوده حيثيت
ڪراچي پورٽ تي ڏينهن رات مال بردار جهازن جي اچ وڃ جاري رهندي آهي، جن ۾ ٽينڪرز، جديد ڪنٽينر جهاز، بلڪ ڪيريئر ۽ جنرل ڪارگو شامل آهن. عمارت جي ويجهو ئي بندرگاهه تي 30 خشڪ ۽ 3 مائع يعني پاڻيٺ واريون گوديون آهن. ڪراچي پورٽ بهترين ٽرانزٽ ۽ اسٽوريج جي سهولتن سان ليس آهي، جنهن ۾ ڪارگو جي هينڊلنگ، اسٽوريج ۽ ڪليئرنس لاءِ گهربل ريل ۽ روڊ جون خدمتون شامل آهن.
هيءَ شاندار عمارت هڪ تاريخي علامت طور پنهنجي شڪل ۾ پوري شان و شوڪت سان قائم و دائم آهي، جنهن کي اسين سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سان تعبير ڪري سگهون ٿا. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي عمارت اسان جي تهذيبي ۽ ثقافتي علامت جو مظهر پڻ آهي. هيءَ عظيم الشان عمارت برصغير ۾ برطانوي حڪومت جي دور ۾ قائم ٿي هئي.
_________________

ابراھيم صالح محمف ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



