Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گمناميءَ جي ور چڙهيل ٽنڊي الهيار جو قلعو

گمناميءَ جي ور چڙهيل ٽنڊي الهيار جو قلعو ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثانيءَ جوڙايو هو.

هن وقت سڄو قلعو قبضن هيٺ اچي ميسارجي ويو آهي. هاڻ صرف قلعي جي اوڀر اتر واري برج جا نشان وڃي بچيا آهن.

عزيز ڪنگراڻي

ٽنڊي الهيار وارو قلعو ۽ شهر مير الهيار خان ثانيءَ تعمير ڪرايو هو. مير الهيار ٽالپر ثاني ماڻڪاڻي ٽالپرن مان هو. مير ماڻڪ خان جو پونيَر ماڻڪاڻي ٽالپر سڏجڻ ۾ آيو. دراصل مير ڪلهوڙا حڪمرانن جا سپھ سالار هئا. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪاڇي جي علائقي ۾ اول ڊرگهه هيٺين ۾ آباد هئا. ان کان پوءِگاج نئي ويجهو ڊرگھ مٿين ۾ رهائش پذير ٿيا جيڪا هاڻ ڊرگھ پراڻي سڏجي ٿي. ٻاراني واهن يا نئيُن جي پاڻيءَ جي وهڪرن سبب ڊرگھ پراڻي پائجڻ لڳي ته ان کي خيرآباد چئي ڊرگھ نئين جو ڳوٺ ٻڌايائون. اڄ به تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڊرگھ نئين وارو اهو ڳوٺ موجود آهي. هيءُ ڳوٺ هاڻ ڊرگھ بالا جي نالي سان صفحه هستيءَ تي موجود آهي. ڊرگھ بالا ۾ به ميرن جو ٺهرايل ڪوٽ زبون حال ۾ موجود آهي. هيءُ ڪوٽ غالبن مير ماڻڪ خان جوڙايو هو. ڊرگھ بالا ڀرسان مير الهيار خان اول جو تاريخي قبرستان پڻ آهي جنهن ۾ مير سليمان عرف مير ڪَڪو (ڳاڙهن يا ڪَڪڙن وارن وارو) ۽ سندس پُٽ مير ماڻڪ، مير ڇٽو، مير ٺارو، مير سائينداد کان علاوه مير ماڻڪ جو پٽ مير الهيار خان اول ۽ سندن ٻيا گهر ڀاتي پڻ دفن ٿيل آهن. مير الهيار خان اول جي وفات (1729ع) کان پوءِ ميرن ڊرگھ بالا کان نقل مڪاني شروع ڪئي. ميرپور خاص ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڪلهوڙن پاران مليل جاگيرن کي پنهنجو مسڪن بڻايائون. ماڻڪاڻي ٽالپر ميرپور خاص واري علائقي ۾ مقيم ٿيا.

ڄاڻائي آيو آهيان ته گمناميءَ جي ور چڙهيل ٽنڊي الهيار جو قلعو ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثانيءَ جوڙايو هو. هن اول موجوده شهر ٽنڊو الهيار ٻَڌرايو. ٽنڊي الهيار ۾ ئي پنهنجي رهائش لاءِ قلعو تعمير ڪرايا ئين. مير الهيار خان ثاني اصل ۾ مير الهيار خان اول جو پڙ پوٽو هو. مير الهيار خان اول جي پوٽي مير فتح علي خان جو فرزند هو. ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثاني جي زندگي، تعليم ۽ ٽنڊو الهيار ۾ جوڙايل قلعي تي بهترين شاعر ۽ محقق خليل کوسو پڻ لکيو آهي. سندس خيال آهي ته قلعو 1790ع ۾ جوڙايو ويو.

بهرحال ٽنڊي الهيار وارو قلعو اٽڪل 4 ايڪڙن جي ايراضي جي پکيڙ ۾ هو. قلعي جو مک دروازو ڏکڻ طرف هو ۽ قلعي جي هر ڪنڊ تي دفائي برج تعمير ٿيل هئا. باقي بچي ويل برج جي ديوارن مان اندازو ٿئي ٿو ته قلعي جون ديواريون ويڪريون ۽ مضبوط هيون. مليل معلومات موجب قلعي اندر پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽايل هو جنهن جا هاڻ نشان به نه رهيا آهن. هن وقت سڄو قلعو قبضن هيٺ اچي ميسارجي ويو آهي. هاڻ صرف قلعي جي اوڀر اتر واري برج جا نشان وڃي بچيا آهن.

اهو برج هن وقت انتهائي زبون ۽ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ موجود آهي. هلڪين بارشن جي معمولي سٽ به نه سهي سگهندو ۽ پٽ پئجي ويندو. جڏهن اهو برج به ميسارجي ويندو ته قلعي جو وجود هميشه لاءِ گمنامي ڳيهي ويندي. هن برج جي ايتري وڏي ايراضي به ناهي جو درست حاليءَ تي گهڻو خرچ اچي. ٿوري لاڳت سان سنڌ جي هن ورثي جا نشان بچائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ رهجي ويل نشان کي محفوظ ڪيو ويندو ته هن تاريخي قلعي جا ثبوت هميشه لاءِ محفوظ بڻجي ويندا. هن وقت قلعو گمنامي جي ور چڙهندو وڃي پيو. سنڌ جو اهم ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ٽنڊي الهيار جو قلعو جي انهي رهجي ويل نشان کي محفوظ ڪرڻ گهرجي. ايئن ٿيڻ سان سنڌ جو ورثوڪنهن قدر ڪي صديون گمنامي کان بچي ويندو.

___________

عزيز ڪنگراڻي ھڪ اينٿروپولاجسٽ، محقق ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button