Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

واٺو: شڪاري ڪتي کان وٺي سياسي ڪردار تائين هڪ سماجي اڀياس

سنڌي لغت موجب، واٺو ان خاص نسل جي شڪاري ڪتي کي چيو ويندو آهي جيڪو خاص طور تي جهنگلي سوئر يعني مرونءَ جي شڪار لاءِ پاليو ويندو آهي

سماجي طور تي واٺو ان شخص کي چيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن بااثر ماڻهوءَ، وڏيري، سياسي اڳواڻ يا ڪنهن وڏي آفيسر جو اهڙو آلئہ ڪار بڻيل هجي جيڪو پنهنجي سوچ ۽ ضمير کي مالڪ جي قدمن ۾ رکي چڪو هجي.

بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۽ سياسي اوطاقن ۾ ”واٺاگيري“ هڪ ثقافت جو روپ اختيار ڪري وئي آهي. جڏهن ميرٽ ۽ قابليت بدران ”واٺن“ کي نوازيو ويندو آهي ته سماج ۾ نئين سوچ ۽ تبديليءَ جا رستا بند ٿي ويندا آهن.

عبدالله عثمان مورائي

ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هڪ همراهه هڪ وزير کي دانهون پي ڏنيون ته پويان هڪ همراهه ان کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته دانهون ڏيندڙ همراهه ان کي ٽوڪيندي چيو ته ”تون چپ ڪر واٺا”. جنهن تي حال ۾ ويٺلن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. هاڻي اچو ته واٺي کي سمجهون تو اهو آهي ڇا؟

سنڌي ٻولي پنهنجي اندر معنائن جا اٿاهه سمنڊ سمائي بيٺي آهي. هتي هر لفظ پويان هڪ پوري تاريخ، ماحول ۽ انساني نفسيات لڪل هوندي آهي. انهن مان هڪ لفظ آهي ”واٺو“. عام طور تي اسان جي سماج ۾ جڏهن ڪنهن کي طنز جو نشانو بنايو ويندو آهي ته کيس ”واٺو“ چيو ويندو آهي، پر هن لفظ جي اصل معني ۽ ان جو سماجي تناظر ايترو سادو ناهي، جيترو ظاهر ۾ نظر اچي ٿو.

لغوي معني ۽ پسمنظر: سوئر جو شڪاري

سنڌي لغت موجب، واٺو ان خاص نسل جي شڪاري ڪتي کي چيو ويندو آهي جيڪو خاص طور تي جهنگلي سوئر يعني مرونءَ جي شڪار لاءِ پاليو ويندو آهي. هن ڪتي جي اها خاصيت هوندي آهي ته هو انتهائي بهادر، چست ۽ پنهنجي مالڪ جي اشاري جو منتظر هوندو آهي. شڪار دوران واٺي جو ڪم رڳو ڀونڪڻ ناهي هوندو پر هو خطرناڪ جهنگلي سوئر کي ڪن کان پڪڙي ان کي زمين تي سوگهو ڪري ويهي رهندو آهي جيستائين شڪاري پاڻ پهچي ان جو انت نه آڻي.

هتي واٺي يا واٺو جو مطلب آهي سوگهو ڪندڙ يا پڪڙيندڙ. پر اها وفاداري جڏهن انساني روين ۾ تبديل ٿئي ٿي ته اها هڪ وڏي سماجي برائي بڻجي پوي ٿي.

سماجي اصطلاح: خوشامد ۽ غلاماڻي ذهنيت

جڏهن اسان ڪنهن انسان کي واٺو چئون ٿا ته ان جو مقصد کيس بهادر چوڻ نه پر ان جي غلاماڻي ذهنيت تي طنز ڪرڻ هوندو آهي. سماجي طور تي واٺو ان شخص کي چيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن بااثر ماڻهوءَ، وڏيري، سياسي اڳواڻ يا ڪنهن وڏي آفيسر جو اهڙو آلئہ ڪار بڻيل هجي جيڪو پنهنجي سوچ ۽ ضمير کي مالڪ جي قدمن ۾ رکي چڪو هجي.

ان انساني واٺي جي ڪجهه علامتن کي پرکبو ته خبر پوندي ته جيئن شڪاري ڪتو مالڪ جي اشاري کان سواءِ چرپر نه ڪندو آهي، تيئن هي ڪردار به پنهنجي ”صاحب“ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو قدم نه کڻندو آهي، يعني مالڪ جي اشارن تي هلندو آهي. شڪاري ڪتي وانگر هي ماڻهو به پنهنجي مالڪ جي سياسي يا سماجي مخالفن کي دٻائڻ، انهن تي لفظي حملا ڪرڻ ۽ کين ”سوگهو“ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. واٺي جو ڪم رڳو مالڪ جي وفاداري ڪرڻ آهي، ان ڪري هو مالڪ جي هر غلط ڳالهه کي به ”حق سچ“ ڪري پيش ڪندو آهي، يعني ان جي بيجا واکاڻ ۽ خوشامد ڪندو آهي.

واٺاگيري جي ڪري سماجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ

بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۽ سياسي اوطاقن ۾ ”واٺاگيري“ هڪ ثقافت جو روپ اختيار ڪري وئي آهي. جڏهن ميرٽ ۽ قابليت بدران ”واٺن“ کي نوازيو ويندو آهي ته سماج ۾ نئين سوچ ۽ تبديليءَ جا رستا بند ٿي ويندا آهن. اهي ڪردار پنهنجي مالڪن کي خوش رکڻ لاءِ سچي ۽ ايماندار ماڻهوءَ جو گهيرو ڪندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو انصاف ۽ حق کان محروم رهجي ويندو آهي.

واٺاگيري جو نفسياتي رخ

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪو انسان پنهنجو وقار وساري آخر واٺو ڇو ٿو بڻجي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا مثال طور خوف ته طاقتور جي عتاب کان بچي سگهجي. ٻيو وري ان ۾ ننڍن ننڍن مفادن يعني نوڪرين يا پئسن جي حاصلات لاءِ لالچ جو عنصر هجڻ. هڪ رخ اهو به آهي ته بي شعوري ۾ پنهنجي شخصيت ۽ انفرادي سڃاڻپ جي اهميت کان ناواقف هجڻ. مزي واري ڳالهه ته گهڻا واٺا رڳو ان ڪري واٺا ٿا ٿين ته ماڻهو کين سڃاڻن ته فلاڻو فلاڻي صاحب جو ماڻهو آهي يا ان سان گڏ هوندو آهي. 

آخر ۾ حاصلِ مطلب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڌرتي تي جتي انسان کي سرِ نيزي پاند سچ چوڻ جو درس ڏنو ويو آهي اتي واٺو بڻجي زندگي گذارڻ هڪ قومي الميو آهي. اسان کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته وفاداري ۽ غلاميءَ ۾ فرق هوندو آهي. وفاداري اصولن سان هوندي آهي، جڏهن ته واٺاگيري رڳو مفادن ۽ اشارن جي محتاج هوندي آهي.

اڄ جي نوجوانن کي گهرجي ته هو واٺو ٿي يعني شڪاري ڪتي وانگر ڪنهن جي اشاري تي ٻين کي سوگهو ڪرڻ بدران پنهنجي علم ۽ شعور سان سڄي سماج لاءِ ترقيءَ جا نوان افق پيدا ڪن. ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو ٻين کي سوگهو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ٿو اهو اصل ۾ سڀ کان پهريان پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي آزاديءَ کي زنجيرون پارائيندو آهي.

______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button