علي حسن ملاح: سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ڪندڙ ماھر
علي حسن ملاح سنڌي ٻوليءَ سميت ڏکڻ ايشيا جي مختلف ٻولين جي لکتن جو ڄاڻو ۽ ماهر ڪيليگرافر ھو. هن مختلف ڏکڻ ايشيائي لکتن جهڙوڪ گرمکي، هندي، شاهه مکي، گجراتي، رومن، تامل، تيلگو، ڪنڙ، مليالم، اڙيا ۽ بنگالي لکتن ۾ سنڌي متن کي تبديل ڪرڻ جو منفرد ڪم ڪيو.
”لکت بدل“ جهڙي جدت ذريعي هن مختلف ٻولين جي وچ ۾ رابطي کي سولو ڪيو، جنهن سان نه رُڳو مطلب سمجهڻ سولو ٿيو پر ثقافتي ويجهڙائپ به وڌي آهي.

مُشتاق ٽانوري
ڄامشوري مان علي حسن ملاح جي وڇوڙي جي خبر پهتي، تمام گهڻو ڏک ٿيو. سنڌ کيس سنڌي نوجوانن ۾ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي تعليم لاءِ هميشہ فڪرمند ڏٺو. گذريل سال 23 جنوري 2025ع تي ھڪ سنڌي ٽي وي نيٽ ورڪ حيدرآباد جي ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختياراداري“ جي هال ۾ ”سنڌ ٽي وي سوشل ميڊيا ڪانفرنس“ ڪوٺائي هُئي، جنهن ۾ موبائل فون کان وٺي مصنوعي ذهانت تائين ميڊيا جي ترقي ۽ واهپي تي پُرمغز سيشن ٿيا. پنهنجي نوعيت جي انوکي ڪانفرنس ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي ماهرن سنڌي ٻولي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ان جي واهپي جي حوالي سان ويچار ونڊيا. ان ڪانفرنس ۾ مون علي حسن ملاح کي ڏٺو ۽ ٻُڌو. ان ڪانفرنس ۾ علي حسن ملاح سان گڏ ٻين ماهرن جون تقريرون ۽ خيال ٻڌي ان ڳالھ تي ويساھ وڌيو ته اهي ئي” آنڌيءَ ۾ جوت جاڳائڻ واراسنڌي آهن“ جيڪي بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي پنهنجي ڌرتي ، ٻولي ۽ علم وادب سان محبت جي جذبي سان پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري ڪم ڪري رهيا آهن. سندن سوچ بس اها آهي ته جديد ٽيڪنالوجي جي شور وغُل ۾ لطيف جي ٻولي پنهنجو وجود نه وڃائي ويهي. ماجد ڀرڳڙي کان علي حسن ملاح تائين انهن ماهرن جو سنڌي ٻولي سان اٿاھ عشق آهي جو ٽيڪنالاجيءَ جي ان زبردست لهر ۾ سنڌي ٻولي وري به پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺي آهي.

سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ٽيڪنالاجي ميدان ۾ جِن شخصيتن پنهنجي محنت، صلاحيت ۽ جدت سان نمايان سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي ان ۾ علي حسن ملاح جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. هو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ سميت ڏکڻ ايشيا جي مختلف ٻولين جي لکتن جو ڄاڻو ۽ ماهر ڪيليگرافر ھو پر هڪ حساس دل شاعر ، برجستو صحافي ۽ ذميوار استاد طور به سڃاتو ويندو ھو. سندس خيال، سوچون ۽ خواب عام رواجن کان هٽي ڪري نوان رستا کوليندڙ هُئا.
علي حسن ملاح 8 آگسٽ 1968ع تي ضلعي ڄامشوري جي تاريخي علائقي لڪي شاهه صدر ڀرسان ڳوٺ آباد نونداڻي ۾ محنتي هاري، حاجي خان ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان شروع ٿي، جنهن بعد هن ميٽرڪ ڄامشوري جي آر بي بي ڪالوني هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي مان مڪمل ڪئي. اعلي تعليم لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيو، جتان هن بي اي مڪمل ڪرڻ سان گڏ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. مهراڻ يونيورسٽي مان پي سي آءِ ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي مان ماسٽرس ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. پيشي طور هو تعليم سان وابسته ۽ پرائمري استاد جي حيثيت سان سماج جي نئين نسل جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو پر سندس سڃاڻپ رڳو هڪ استاد تائين محدود نه هُئي . هو ”انڊس ليڪان سافٽ ويئر“ جو باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پڻ هو، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. علي حسن ملاح جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌي ٻولي کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. هن سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي سافٽ ويئر ۾ تبديل ڪري هڪ نئون باب کوليو. هن رڳو سنڌي لکت تائين پاڻ کي محدود نه رکيو پر مختلف ڏکڻ ايشيائي لکتن جهڙوڪ گرمکي، هندي، شاهه مکي، گجراتي، رومن، تامل، تيلگو، ڪنڙ، مليالم، اڙيا ۽ بنگالي لکتن ۾ سنڌي متن کي تبديل ڪرڻ جو منفرد ڪم ڪيو. ”لکت بدل“ جهڙي جدت ذريعي هن مختلف ٻولين جي وچ ۾ رابطي کي سولو ڪيو، جنهن سان نه رُڳو مطلب سمجهڻ سولو ٿيو پر ثقافتي ويجهڙائپ به وڌي آهي. سندس اهم تخليق سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جو اليڪٽرانڪ روپ آهي، جنهن ۾ سنڌي الفابيٽ کي آواز ۽ تصويرن سان پيش ڪيو ويو آهي. هن جديد تعليمي سافٽ ويئر ۾ انگن اکرن، رنگن، شڪلين، جانورن ۽ پکين جي آوازن کي شامل ڪري سکيا کي دلچسپ ۽ اثرائتو بڻايو آهي. هي ايپ نه رڳو ٻارن لاءِ پر بالغن لاءِ به سکڻ جو هڪ نئون ۽ آسان ذريعو بڻجي چڪو آهي. علي حسن ملاح ۽ سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو جو گڏ تيار ڪيل هي ايپ گوگل پلي اسٽور تي عالمي سطح تي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي لاءِ وڏو سنگ ميل آهي. هن ڪاميابي جو راز ايپ جي ”واهپيدار دوست“ ۽”انٽرايڪٽو“ هجڻ ۾ لڪل آهي، جنهن سکيا کي راند جي صورت ڏئي ڇڏيو آهي.

هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي به جديد انداز ۾ پيش ڪندي ”شاهه جو رسالو“ پنج مختلف لکتن ۾ تيار ڪيو، جنهن سان سنڌي ادب کي عالمي سطح تي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿي آهي.علي حسن ملاح نه رڳو ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرو هو پر سنڌي ٻولي جي عالمي سڃاڻپ لاءِ به سرگرم رهيو آهي. يوني ڪوڊ ۾ سنڌي ٻولي جي شامل ٿيڻ لاءِ سندس ڪوششن سبب اڄ سنڌي ٻولي دنيا جي اهم ڊجيٽل ٻولين ۾ شامل آهي. هن جوخيال ۽ پختو يقين هو ته سنڌي ٻولي کي ڪو به خطرو ناهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم جي نظام ۾ جدت آندي وڃي. هو روايتي پڙهائي بدران موسيقي ۽ جديد طريقن سان سکيا ڏيڻ جو حامي آهي.
ادب جي دنيا ۾ به سندس سڃاڻپ مضبوط آهي. سندس شاعري ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ مشهور فنڪارن ان کي ڳائي به پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي تعليمي دور ۾ صحافت سان به وابستگي رکي ۽ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
علي حسن ملاح مارچ مهيني جي وچين هفتي ۾ جيري جي تڪليف سبب حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ٿيو، جتي 23 مارچ 2026ع تي 57 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. علي حسن ملاح گهڻ رخي شخصيت هو، جنهن علم، ادب، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي ميدانن ۾ پنهنجي محنت سان نوان مثال قائم ڪيا. سندس ڪم نه رڳو سنڌي ٻولي کي جديد دور سان جوڙيو، پر ايندڙ نسلن لاءِ سکيا جا نوان در به کوليا.
___________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com
—




ھڪ اورچ انسان کي خوبصورت ڀيٽا