ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي: سنڌ جي تاريخ ساز آدرشي ۽ انقلابي شخصيت!
ڪامريڊ ھڪ اعليٰ درجي جو مفڪر, انقلابي ,جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ، تحريڪن کي منظم ڪندڙ ۽ سنڌ جي قومي وجود ۽ ھارين لاء جدوجھد جو سرواڻ هيو .ڪامريڊ پنھنجي شاعري، پمفليٽن ۽ سياسي سرگرمين جي ڪري مختلف ڪيسن ۾ اٺن سالن جي لڳ ڀڳ جيل ڪاٽيو. پر وفات کان اڳ مشھور نظم جيئي سنڌ لکڻ تي کيس ھڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ آچر ڏينھن حيدر بخش جتوئيءَ جي ياد ۾ ٿيل مذاڪري ۾ تقرير
رياض شاھد دايو
سنڌي سماج اندر اهڙا ڪردار بہ پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي عمل سان عظيم ۽ اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، جن پنهنجي ۽ فيملي جي ذاتي آسائشن ۽ آرام کي هڪ پاسي رکي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي. اهڙا ماڻهو تاريخ ۾ تمام گهٽ هوندا آهن پر جيڪي جنم وٺندا آهن،تاريخ انهن کي عظمت ڀرين لفظن سان محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ جو هر پل ڌرتيءَ واسين کي خوشبو ڏيندو رهندو آهي. اهڙين ئي مهان شخصيتن مان سنڌ جي هاري جدوجهد جو هڪ عظيم ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پڻ هڪ آهي. ڪامريڊ پنھنجي جدوجھد ۽ قلم ذريعي سڄي زندگي سماج کي بدلائڻ لاءِ وقف ڪئي. هو سنڌ جي شعوري جدوجهد ۽ تاريخ جو عظيم ديو مالائي ڪردار هيو، جنهن پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان شاندار روايتون متعارف ڪرايون.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن دور ۾ جنم ورتو، انھيءَ دور ۾ هر طرف سياسي بيچيني جي فضا موجود هئي، ساڳئي وقت اهو انقلابي سرڪشي ۽ شعوري سجاڳي جو دور پڻ هيو. اهڙي دور ۾ سرڪاري منصب واري ڪامورڪي ڇڏڻ بيحد ڏکي هئي، انھي ڪامورڪي نوڪري ۾ اڄوڪي دور جهڙي غلامي، بيوسي ،خوشامد ۽ ڪرپشن جي گندگي ڪو نه هئي پر انهي دور جي ڪامورڪي نوڪري جي تمام وڏي حشمت ۽ دهشت هوندي هئي، انگريزن جو متعارف ڪرايل قانون صرف ڪامورڪي نوڪري کي هٿي ڏيندو هو پر ڪامريڊ انهي 1945ع واري دور ۾ بہ ۾ انگريز سرڪار جي اهڙي ڪامورڪي منصب کي کي لت هڻي ڪمال ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ سنڌ جي هارين، پورهيتن ۽ انقلابين جي تيار ٿيل سنڌ ھاري ڪميٽي جو حصو بڻجي ويو. ڪامريڊ
ھُو برصغير ۾ انگريزن خلاف جدوجھد کان وٺي ون يونٽ جي قھري ڪوٽ ڪيرائڻ واري جدوجھد جو متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار رھيو،سندس نالو سياست ۽ ھاري ڪميٽي جي حوالي سان تہ تاريخ ۾ شاندار لفظن ۾ لکجي چڪو آھي پر پنهنجي ٻولي، ادب، شاعري، فڪر ۽ فلسفي لاءِ ڪامريڊ جيڪا مشعل روشن ڪئي، انھيءَ کي اها عظمت ڀري مڃتا ملي نہ سگهي آهي، ڪامريڊ جي تخليقي ڪردار جا تمام گهڻا پهلو آهن، شاعري، هاري تحريڪ ،فلسفو، سياسي ۽ سماجي ادب انهن سڀني تي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي گهرجي تہ ڪامريڊ جي سڀني شايع ٿيل ۽ اڻ شايع ٿيل مواد کي ڇپرائي هڪ دور جي تاريخ کي محفوظ ڪيو وڃي. ڪامريڊ جي عوامي ۽ فڪري انداز واري شاعريءَ تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪيو وڃي تہ سندس زندگيءَ ۾ ڪيل جدوجهد مان اڄ جو نوجوان گهڻو ڪجهہ پرائي سگهي ٿو. سندس شخصيت کي پرکڻ لاءِ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جا لفظ اسان کي وڏو حوصلو ۽ اتساهه ڏيئي رهيا آهن، جنهن چيو هو تہ ڪامريڊ ھڪ اعليٰ درجي جو مفڪر (Thinker, Philospher)، انقلابي (Revolutionary)، جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ (Agitator)، تحريڪن کي منظم ڪندڙ (Organizer)، ۽ سنڌ جي قومي وجود ۽ ھارين لاء جدوجھد جو سرواڻ ڪردار هيو، هڪ هڪ لفظ ڪامريڊ جي عظمت جو اقراري آهي.
اسان جيڪڏهن گهرائي سان جائزو وٺندا سين تہ محسوس ٿيندو تہ واقعي ڪامريڊ جي انھن ڪمن اڳيان ٻيا ڪم ڌنڌلا نظر ايندا.

تنهنڪري ڪامريڊ جي سياست واري پاسي ۽ ليکڪ واري جستجو کي جدا جدا ڪري ڏسڻ سان سندس شخصيت کي سمجھي نٿو سگھجي، ان ڏس ۾ جيڪا ڳانڍاپي واري ڪم جي شروعات ٿي آھي ان ۾ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو جي ايڊٽ ٿيل ڪتاب an Anthology of comrade Hyder bux Jatio : Peasant Perspective سان ٿي آھي.
ڪامريڊ جي شاعري بہ تمام وڏي سياسي بصيرت واري آھي،ھن شاعري جي شروعات تہ اسڪول جي زماني کان ڪئي ھئي پر جڏھن 1931ع ۾ بدين ۾ مختيار ڪار ھو تڏھن ھن ھڪ شاعري جو ڪتاب ‘تحفۂ سنڌ’ ڇپرايو جنھن ۾ علامہ اقبال جيان شڪوہ جي سري ھيٺ لکيل شعر بہ موجود ھئا، اهڙي شاعري تي انهي وقت جي دقيانوسي خيالن جي موجود ماڻهن ۽ رجعت پسند مُلن ، انھن جي ھم نوا اخبارن وڏي واويلا ڪئي،نيٺ اهڙن پراڻ پسندن جي سازش ڪامياب ٿي ۽ انهي دور جي حڪومت ڪامريڊ جي شاعري جي مجموعي کي ضبط ڪري ڇڏيو.
ڪامريڊ جو اگر هڪ شاعر طور جائزو وٺندا سين تہ ھو ترقي پسند تحريڪ جي وجود کان بہ اڳ ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريندي نظر اچي ٿو،ھن پنھنجي شروعاتي شاعري ۾ مذهبي رياڪاري کي بي نقاب ڪيو آهي،جيڪا اسان جي ڪلاسيڪل شاعري جو صوفيانہ ۽ باغيانہ روپ آھي، ڪامريڊ لاء ترقي پسند اسڪالر مولانا غلام محمد گرامي شاندار نموني لکيو آھي تہ ‘حيدر’ ، مولانا روميءَ جي نظريي جو زندہ مثال ھو، هن جديد علم بہ پڙھيا، ڪميونزم ۽ سوشلزم جو بہ مطالعو ڪيو،پر مذھبيت ۽ لامذھبيت جي دائرن ۾ رھندي روميءَ جي چوڻ موجب ھميشہ پنهنجي منزل ۽ حقيقت جو ڳولائو رھيو.
اھا ڳولا کيس جدلياتي ماديت جي ان مرحلي ڏانھن ڇڪي آئي جيڪا کيس فرسودہ سماج کي بدلائڻ، ظلم جي خلاف عَلم بلند ڪرڻ ۽ پنھنجي قلم ذريعي پيڙھيل ماڻھن جو آواز بڻجي چڪي هئي، اھڙي طرح ڪامريڊ سياست سان گڏوگڏ ھڪ عوامي شاعر طور بہ سماج جي ڦورو طبقن کي وڏي بهادري ۽ بيباڪي سان للڪاري ڏيکاريو ، ھارين لاءِ هن هڪڙو گيت جيڪو 1948ع ۾ لکيو ھو،سو ھارين جي سڄاڳي جي ترانو سان مشھور ٿي سنڌ جي ڳلين ،جهنگن ۽ جهرن ۾ گونجندو رهيو.

قوم ساري ٿي ھينئر ڳائي ترانو تنھنجو،
اُٿ ھاري اجھو آيو آ زمانو تنھنجو.
توکي انگريز ٿي ڦريو ۽ زميندار لٽيو،
وياج خورن ٿي ڦريو ۽ توکي ٿي عملدار لٽيو،
توکي پِيرن ٿي ڦريو، قوم جي سردار لٽيو،
توکي بيدردي سان ھر ھڪ نمڪ خوار لٽيو،
ظالمن ٿي لٽيو گھر ٻار خزانو تنھنجو،
اُٿ ھاري اجھو آيو آ زمانو تنھنجو.
حيدربخش جتوئي جي ڪم جو جائزو وٺندي محسوس ٿئي ٿو تہ ھن پنھنجي وقت ۾ ٿيندڙ عالمي تبديلين جي اثر کي تمام گھڻو قبول ڪيو،ھو مارڪسي نقطئہ نظر رکندڙ ھو ۽ عملي سياست ۾ سوشلزم ۽ قومن جي حقن جو پرچارڪ ھو، ھن جي شاعري ان نظريي سان وابستگيء جو ثبوت آھي. چئي ٿو تہ:
آدميءَ مان انسان ٿيو،
آدمي انسان، عالمي شان ٿيو
آدمي عالمي ٿيو، محسن ٿيو
ڊارون ٿيو، مارڪس ٿيو، لينن ٿيو!
جڏهن ھيروشيما ۽ ناگاساڪيء تي آمريڪا پاران جيڪي ايٽم بم ڪيرايا ويا ھئا، ان سامراجي جبر ۽ قتل عام جو ذڪر ڪامريڊ ھنن لفظن ۾ ڪيو آھي.
اي آمريڪي ايٽم بم
لعنت توتي صبح ۽ شام
تو برباد ڪيو، قتل عام
توکان ٿيو آ الانسان بدنام
ھيرو شيما ناگاساڪي.
ڪامريڊ انقلابي شاعر ھو، ھن غزل جي صنف ۾ روايتي گل ۽ بلبل کي نہ ڳاتو پر فڪري طور پنھنجي غزل ۾ بہ رجعت پسندي کي للڪاريندي ترقي پسند فڪر ۽ سوچ کي پيش ڪيو.
ملو سڙي ٿو بزم اسان جي ڏسي ڏسي،
سيني سندس ۾ ڪيني جي آتش ڀري ڀري
انگريزن کان آزادي ملڻ کان پوء جڏھن پاڪستان تي جاگيردار ۽ سرمايہ دار قابض ٿيا ۽ نئين ملڪ ۾ بہ عوام سان ساڳيو ظلم روا رھيو تہ ڪامريڊ بہ اقتداري ڌرين کي آئينو ڏيکاريندي ھڪ تاريخي نظم لکيو:
ڀريو ڀل قيدخانن کي يا ڪريو قابو جوانن کي
ماريو مھربانن کي، نھوڙيو نڪتہ دانن کي
اجھايو شمع دانن کي، ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي
پڙھو قومي ترانن کي تہ پاڪستان زندہ باد
شاگردو ڏسو دنيا جي جوانن کي
وڏي ھڪ امتحان خاطر ڇڏي پيو امتحانن کي
بنايو پنھنجي نئي دنيا، ڀڃو ڀوتخانن کي
مٽيو نقش پراڻن کي ،تہ پاڪستان زندہ باد.
ڪامريڊ جو”ڀلي آئين جي آئين درياھ شاھ“ ان دور جو شھڪار نظم آھي جڏھن درياھ تي ڪو ڊيم نہ ھو، ڪا روڪ ٽوڪ نہ ھئي ۽ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو موج مستي ۾ ھو ۽ لکي ٿو تہ:
تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو اخير
جا آ عشق تنھنجي اصلاً اسير
ڪري تنھنجي پوڄا مڃي توکي پير
اي سنڌو سدائين تون ڪر سنڌ سائي،
تون ھن مام سان رھ وفا سان ھميشہ،
جو سنڌو سواء، سنڌ ڪجھ بہ ناھي
ڀلي آئين جي آئين درياھ شاھ.
ڪامريڊ جتوئي ايوب جي مارشل لا ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۾ بہ پنھنجي قلم ۽ عمل وسيلي کيس للڪاريو تنھن ڪري ڪيترا ڀيرا جيل جي سزا ڪاٽي ٻاھر آيو، وري ٻيھر اھا ڪرت شروع ڪيائين پوء بہ ھن حق جو ڪلمو پڙھندي چيو تہ:
مارشل لا ملڪ جو دستور ٿيو،
ھڪ سپاھي گھر جو مالڪ مور ٿيو،
عقل ويچارو ٿيو، مجبور ٿيو،
زورِ بازو قابض ۽ مغرور ٿيو
” سڀ زبانون بند ڪيو” اعلان ٿيو
آدمي انسان مان حيوان ٿيو.
ڪامريڊ پنھنجي شاعري، پمفليٽن ۽ سياسي سرگرمين جي ڪري مختلف ڪيسن ۾ اٺن سالن جي لڳ ڀڳ جيل ڪاٽيو. پر وفات کان اڳ مشھور نظم جيئي سنڌ لکڻ تي کيس ھڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو.
توتي سنڌ ھزار سلام
خوش رھ باغ بھار مدام
خوش رھ خندان با آرام
جيئي سنڌ جيئي سنڌ
ڀاء آ پنھنجو ھر انسان
پنھنجو آھي ھي ايمان
پنھنجو آھي ھي اسلام
جيئي سنڌ جيئي سنڌ
ڪامريڊ جو ھي نظم تہ ڄڻ اڄ جي سنڌ جي عڪاسي ڪري ٿو:
ھي تنھنجي لاء سنڌي، ڪھڙو ڪم ٿيو،
ھي پاڪستان طرفان، ڇا ڪرم ٿيو،
روا تنھنجي مٿان آ ھر ستم ٿيو،
ڪيائين ڪيڏو نقصان، سنڌ پياري،
ٿيون قربان توتان سنڌ پياري.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي حصي جو ڪم سياسي جدوجهد ۽ پنھنجي لکڻين ذريعي ڪيو. جنهن ۾ طبقاتي جدوجهد سان گڏ قومي سجاڳي ذريعي منزل تائين پهچڻ جي جاکوڙ شامل هئي، اسان سڀني باشعور ماڻهن تي اهو فرض آهي تہ ڪامريڊ جهڙن عظيم ڪردارن جي فڪر، فلسفي ۽ جدوجهد کان پنهنجي نوجوانن کي واقف ڪيون، اڄ جڏهن سنڌ تمام گهڻي پيڙا، تڪليف ۽ مصيبت مان گذري رهي آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ سنڌ جي وجود کي خطرا لامارا ڏيئي رهيا آهن، رياستي ڌرين سنڌ کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان وٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا عظيم ڪردار ئي آهن، جن جي جدوجهد ۽ تاريخي حاصلات ۽ عظمتن ڀري منشور مان سبق وٺي پنهنجي ڌرتي جي وجود کي بچائي سگهجي ٿو، اچو تہ اڄوڪي ڏهاڙي تي عزم ڪيون ڪامريڊ جي آدرشي مشعل کي روشن رکي، پورھيت ڪاز لاءِ ۽ سنڌ جي ترقي، امن، خوشحالي ۽ عظمتن ڀري منزل لاءِ اڳتي وڌون.
________________
رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو




قرب سائين