سنڌ جو بھترين ثقافتي ورثو اميناڻي شريف جي قديم مسجد زبونَ حاليءَ جو شڪار
سنڌ جي ثقافت کاتي کي گھرجي ته دادو ضلعي ۾ تاريخي شھر خُدا آباد ويجھو واقع هن ثقافتي ورثي جي درست حاليءَ ڏانھن ڌيان ڏئي ته جيئن هيءُ ورثو گم ٿيڻ کان بچي سگهي.
عزيز ڪنگراڻي
اميناڻي شريف نهايت قديم ڳوٺ آهي جيڪو ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ جي تاريخي شھر خدا آباد ويجھو واقع آهي. ميان يار محمد ڪلهوڙي مغل آشيرواد ۾ 1718ع ۾ سنڌ تي راڄ قائم ڪري شڪارپور پنھورڪِيءَ تي خدا آباد نالو رکيو ۽ ڪلھوڙن جي پھرين راڄڌاني بڻايو هئو ته اُن جي آس پاس جي ڳوٺن جي به اهميت وڌي هئي.

آسپاس جي ڳوٺن ۾ امير پير، آبساڻي، باداڻي، ڪلري (نائونمل جو ڳوٺ)، سامتاڻي،ڦڪا، ڳاها(دولھ دريا خان جو ڳوٺ، موجوده بھار شاھ)، ڳوٺ چڪ، گلڻ پنھور ٻيلاڻي، نونر، گاريبي، جتوئي (احمد خان)، چنگلاڻي،دائود پنھور ۽ ٻيا ڳوٺ شامل هئا جيڪي واپاري مرڪز هئا. واپاري يا واڻيا (وڻج وارا) هندو هوندا هئا جن هٽ واڻڪِي لِپِي جوڙي جنھن کي پوءِ خداوادي يا خدا آبادي پڻ سڏيو ويو.
انھن ڳوٺن ۾ اميناڻي شريف پڻ اهم ڳوٺ هئو. اميناڻي شريف تي اميناڻي نالو ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو؟ هن سلسلي ۾ تاريخ خاموش آهي. نه وري ڪا اعتبار جوڳي روايت ملي ٿي. بھرحال، ڪلھوڙن جي دور ۾ اميناڻي واپار ۽ زراعت جي حوالي سان مرڪزي ڳوٺ پڻ رهيو.

هن قديم ڳوٺ ۾ آڳاٽي زماني جي تعمير ٿيل مسجد تعميراتي فن جو شاندار نمونو آهي. مسجد جي ڀتين تي خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي. مسجد جي اندر ۽ ٻاهر ديوارن تي چٽسالي وڏي ڪاريگري ۽ مھارت سان ٿيل آهي. چٽساليءَ جو نمونو مغل ۽ اسلامي آرٽ جو لُڀائيندڙ مثال آهي.
چٽساليءَ ۾ گلن، پنن جي ڊزائينن کان علاوه اسلامي چٽساليءَ جو اربيسقيو نمونو ججھي مقدار ۾ چٽيل آهي. چٽساليءَ ۾ فوليئيٽيڊ يعني پنن جون ڊزائنون،گلن جي ڊزائينن ۾ فلورل اسڪرول ڊزائن جو هنر گهڻو استعمال ٿيل آهي. ان کان علاوه ٽائيل ڊزائين، اِنلي ڊزائين ۽ جاميٽريڪل ڊزائينون پڻ فني مھارت سان چٽيل آهن.

مسجد جي ديوارن تي ڪيليگرافي پڻ نھايت خوبصورت ٿيل آهي. ڪيليگرافي ۾ مقدس اسلامي نالا، آيتون ۽ حديثون گھڻي تعداد ۾ چٽيل آهن. مقامي رهواسي محمد جمن جسڪاڻيءَ ٻُڌايو ته وڏڙن ۽ بزرگن چواڻي مسجد جي تعمير ۽ چٽساليءَ ۾ نه رڳو گھڻو خرچ آيو هئو پر مسجد جي ٺھي راس ٿيڻ ۾ عرصو پڻ وڏو لڳو هئو. مسجد جي ڀتين تي باريڪ ٻيڻي سان ٿيل چٽسالي ۽ اعلي نموني جي اڏاوت جو ڪم پڻ تصديق ڪري ٿو ته مسجد جي اڏاوت ۾ وڏو وقت لڳو هوندو.

اميناڻي شريف جي تعمير ٿيل هيءَ آڳاٽي مسجد سنڌ جو بھترين ثقافتي ورثو آهي. هن وقت زبونَ حالي جو شڪار آهي.سنڌ جي ثقافت کاتي کي گھرجي ته هن ثقافتي ورثي جي درست حالي ڏانھن ڌيان ڏئي ته جيئن هيءُ ورثو گم ٿيڻ کان بچي سگهي.
_______________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي



