Editor's pickMain Slideدنيا

نوبل انعام: سڀ کان وڏو اعزاز يا تڪرار؟ عالمي انعام تي اُٿندڙ سوال

2025ع ۾ نوبل انعامن سان گڏ اڳي وانگر تعريفن کان وڌيڪ اعتراض ۽ تڪرار جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي آهي. ڪيترا فيصلا حيران ڪندڙ هئا، ۽ ڪيترن تي عالمي بحث ڇيڙي پيا آهن. ه

ن سال جو نوبل امن انعام وينزويلا جي مخالف ڌُر  اڳواڻ ماريا ڪورينا ميچادوکي ڏنو ويو، جنهن کي “آمريت خلاف جمهوريت جي جدوجهد جي علامت” قرار ڏنو ويو پر هن فيصلي تي فوري طور سياسي طوفان اڀري پيو.

سوال اهو به اٿيو ته ڇا نوبل ڪميٽي واقعي مڪمل طور آزاد آهي؟ يا عالمي طاقتور ملڪن جا سياسي مفاد ان تي اثرانداز ٿين ٿا؟

مُشتاق ٽانوري

نوبل انعام دنيا جو سڀ کان وڏو بين الاقوامي اعزاز آهي، جيڪو انهن شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي جن پنهنجي فڪر، تحقيق، تخليق يا خدمت ذريعي انسانيت جي فلاح، علم جي واڌ ۽ دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو هجي. هيءُ اعزاز نه صرف فردن جي ذهني صلاحيتن جي سڃاڻپ آهي پر انساني قدرن، امن ۽ ترقيءَ جي علامت به آهي. نوبل انعام جو نالو سويڊن جي سائنسدان، ايجادڪار ۽ صنعتڪار الفريڊ نوبل جي نالي سان منسوب آهي. الفريڊ نوبل 21 آڪٽوبر 1833ع تي سويڊن جي راڄڌاڻي اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو. هو عظيم ڪيمسٽ ۽ انجنيئر هو، جنهن ڊائنامائٽ جي ايجاد ڪئي. ڊائنامائٽ صنعت ۽ تعميراتي مقصدن لاءِ اهم هئي، پر ان کي جنگين ۾ استعمال ٿيڻ سبب نوبل پاڻ کي ڏاڍو ڏوهاري محسوس ڪرڻ لڳو. ان احساسِ جرم ۽ انسانيت لاءِ سچي پشيماني ئي کيس اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي دولت جو وڏو حصو اهڙي فنڊ لاءِ وقف ڪري، جيڪو انهن ماڻهن کي انعام طور ڏنو وڃي جيڪي دنيا کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. الفريڊ نوبل 1895ع ۾  پنهنجي وصيت ۾ لکي ڇڏيو ته سندس ملڪيت مان هڪ نوبل فنڊ قائم ڪيو وڃي، جنهن مان هر سال امن، ادب، طب، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ اقتصادي سائنس جي شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي انعام ڏنو وڃي. نوبل 1896ع ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس وصيت موجب پهريون نوبل انعام 1901ع ۾ ڏنو ويو.

سائنسي دريافتن ۽ فزڪس جي ميدان ۾ وڏن ڪارنامن، نون ڪيميائي اصولن يا ڳولهائن تي فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا الڳ الڳ نوبل انعام ڏنو ويندا آهن، فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا انعام سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز طرفان ڏنا وڃن ٿا. فزيالاجي يا ميڊيسن جي شعبي ۾ انساني صحت، علاج ۽ حياتيات ۾ نئين ڳولا تي به نوبل انعام ڏنو وڃي ٿو. ميڊيسن جو انعام ڪيرولينسڪا انسٽيٽيوٽ طرفان ڏنو ويندو آهي. غيرمعمولي ادبي تخليق، ناول، شاعري يا فڪر تي ادب جو نوبل انعام ڏنو وڃي ٿو، ادب جو انعام سويڊش اڪيڊمي طرفان ڏنو ويندو آهي.  دنيا ۾ امن، انساني حقن يا ڪميونيڪيشن جي واڌ تي امن جو نوبل انعام  انعام ڏنو وڃي ٿو. امن جو انعام ناروي جي نوبل ڪاميٽي اوسلو طرفان ڏنو وڃي ٿو. معاشي تحقيق ۽ نظرياتي يا عملي معاشيات ۾ اهم ڪردار لاءِ اقتصاديات جو نوبل انعام پڻ سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز طرفان ڏنو ويندو آهي. هي انعام 1968ع ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو سوئيڊن جي مرڪزي بئنڪ طرفان نوبل جي ياد ۾ شروع ڪيو ويو.

سال 2025ع جو فزيالاجي يا ميڊيسن جو نوبل انعام آمريڪا جي ميئرِي اي. برنڪو، فريڊ رمسڊيل ۽ جاپان جي شيمون ساڪاگُچي کي ڏنو ويو آهي. انهن ٽنهي سائنسدانن کي انساني مدافعتي نظام ۾ “ريگيوليٽري ٽي سيلز” جي دريافت تي انعام ڏنو ويو، جيڪي جسم کي پنهنجي ئي سيلز تي حملو ڪرڻ کان روڪين ٿا. فزڪس جو نوبل انعام جان ڪلارڪ، مشيل ڊيوروٽ، ۽ جان مارٽينس کي ڏنو ويو آهي.  انهن سائنسدانن کي ”ميڪرو اسڪوپڪ ڪوانٽم ميڪانيڪل ٽنلنگ“ ۽ ”اليڪٽرڪ سرڪٽ“ ۾ انرجي جي مقدار بندي جي دريافت تي انعام ڏنو ويو، جيڪو ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڪيمسٽري جو نوبل انعام ڪيوٽو يونيورسٽي جي سوسومو ڪيتاگاوا، ميلبورن يونيورسٽي جي رچرڊ روبسن، يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا برڪلي جي عمر ياغي کي ڏنو ويو آهي. انهن کي ”ميٽل-آرگينڪ فريم ورڪس“ جي ترقيءَ تي انعام ڏنو ويو، جيڪي گيس اسٽوريج، توانائي، ۽ ڪيٽالسس جي شعبن ۾ اهميت رکن ٿا. ادب جو نوبل انعام هنگري جي اديب لازلو ڪراسناهورڪائي کي ڏنو ويو آهي. ڪراسناهورڪائي کي سندس ”تباهيءَ واري دور ۾ فن جي طاقت کي ٻيهر اجاگر ڪندڙ“ ادبي تخليقن تي انعام ڏنو ويو. سندس مشهور ناول “ساتانٽانگو” ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم عالمي سطح تي ساراهيا ويا آهن. سندس ڪهاڻيون اڪثر ڪري اهڙن سماجن تي مبني آهن، جتي ڪرپشن، لالچ، ۽ بي انصافي عام آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار اڪثر ڪري ذهني پريشاني، اڪيلائي، ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿين ٿا. سندس ڪهاڻيون وجوديت، روحانيت، ۽ اخلاقي سوالن تي غورفڪر ڪراين ٿيون. ڪراسناهورڪائي جي لکڻين کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، ۽ هو اڄ جي دور جي اهم ترين ليکڪن مان هڪ آهي. سندس ڪم سيکاري ٿو ته تباهيءَ جي دور ۾ به فن ۽ ادب انسانيت لاءِ اميد جو سرچشمو بڻجي سگهن ٿا. نوبل امن انعام 2025ع وينزويلا جي بهادر سياستدان ۽ انساني حقن جي علمبردار ماريا ڪورينا ماچادو کي ڏنو ويو آهي، جيڪا ڊگهي عرصي کان پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت، آزادي ۽ پرامن سياسي تبديلي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. نوبيل ڪميٽي پنهنجي اعلان ۾ چيو ته ماريا ڪورينا ماچادو کي هي انعام وينزويلا ۾ جمهوريت جي واڌاري، انساني حقن جي تحفظ، ۽ پرامن سياسي تبديليءَ لاءِ سندس بهادريءَ واري ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته، “مشڪل حالتن، سرڪاري دٻاءَ، ۽ سياسي انتقام جي باوجود، ماچادو جمهوريت جي آواز طور اڀري، ۽ هن ثابت ڪيو ته حقيقي تبديلي پرامن جدوجهد ذريعي ئي ممڪن آهي. ماريا ڪورينا ماچادو وينزويلا جي جرئتمند سياسي اڳواڻ ۽ انساني حقن جي علمبردار عورت آهي، جنهن آمريت خلاف پنهنجي جدوجهد جو آغاز نوجوانيءَ ۾ ئي ڪيو. هن مختلف سياسي ۽ شهري تنظيمن سان گڏجي چونڊن جي شفافيت، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار جي آزاديءَ لاءِ تحريڪون هلايون. حڪومت هن کي بار بار سياسي انتقام، گرفتارين ۽ ڌمڪين جو نشانو بڻايو، پر هوءَ پٺتي نه هٽي. هن جو موقف رهيو ته ”وينزويلا جا ماڻهو جمهوريت جا حقدار آهن، نه ڪي خوف ۽ جبر جا.“ ماچادو جي جدوجهد کي نه صرف وينزويلا ۾ پر عالمي سطح تي به وڏي مڃتا ملي آهي. انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ جمهوريت جا حامي ملڪ سندس حوصلي ۽ جدوجهد کي ”اميد جي علامت“ سڏين ٿا. نوبل امن انعام جو اعلان به ان عالمي اعتراف جو تسلسل آهي، جيڪو ڏيکاري ٿو ته انصاف ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ڪڏهن ضايع نٿي وڃي. ماريا ڪورينا ماچادو کي نوبيل امن انعام ڏيڻ سان وينزويلا جي ماڻهن ۾ نئين اميد پيدا ٿي آهي ته هڪ ڏينهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت، انصاف ۽ آزادي ٻيهر بحال ٿيندي. معاشيات جي نوبل انعام لاءِ  آمريڪا جي جويل موڪير، فرانس جي فليپ اگيون ۽ ڪيناڊا جي پيٽر هوئٽ جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي، نوبل ڪميٽي موجب، انهن ٽنهي ماهرن کي انعام ان نظريي ۽ تجزياتي ماڊلز تي ڏنو ويو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪئين جدت ۽ علمي ترقي معاشي واڌاري کي هلائي سماجن کي وڌيڪ خوشحال بڻائي ٿي.

2025ع ۾ نوبل انعامن سان گڏ، اڳي وانگر تعريفن کان وڌيڪ اعتراض ۽ تڪرار جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي آهي. ڪيترا فيصلا حيران ڪندڙ هئا، ۽ ڪيترن تي عالمي بحث ڇيڙي پيا آهن. هن سال جو نوبل امن انعام وينزويلا جي مخالف ڌُر  اڳواڻ ماريا ڪورينا ميچادوکي ڏنو ويو، جنهن کي “آمريت خلاف جمهوريت جي جدوجهد جي علامت” قرار ڏنو ويو پر هن فيصلي تي فوري طور سياسي طوفان اڀري پيو. آمريڪا ۾  صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين چيو ته ڪميٽي ٽرمپ جي سفارتي ڪوششن کي نظرانداز ڪري “سياست کي امن تي ترجيح ڏني. ڏکڻ آمريڪا ۾ وري ڪيترن حلقن الزام هنيو ته نوبل ڪميٽي هڪ اهڙي شخصيت کي چونڊيو جيڪا اڃا به متنازع آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ شديد سياسي ورهاست جو حصو آهي.سوال اهو به اٿيو ته ڇا نوبل ڪميٽي واقعي مڪمل طور آزاد آهي؟ يا عالمي طاقتور ملڪن جا سياسي مفاد ان تي اثرانداز ٿين ٿا؟ ادب جو نوبل انعام هن ڀيري هنگري جي اديب لازلو ڪراسناهورڪائي کي ڏنو ويو آهي. ڪراسناهورڪائي کي سندس ”تباهيءَ واري دور ۾ فن جي طاقت کي ٻيهر اجاگر ڪندڙ“ ادبي تخليقن تي انعام ڏنو ويو. سندس مشهور ناول “ساتانٽانگو” ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم عالمي سطح تي ساراهيا ويا آهن  پر تنقيد ڪندڙن لاءِ اها چونڊ “ادب جي سطح گهٽائڻ” برابر هئي. انهن جو چوڻ آهي ته نوبل انعام هميشه فڪري گہرائي، فلسفياتي اظهار ۽ زبان جي نواڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي، پر هورڪائي جو ڪم واپاري طور ڪامياب ضرور آهي پر ادبي لحاظ کان عام سطح جو آهي. آفريڪي  ۽ ايشيائي ليکڪن کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي به سخت ردعمل آيو، ۽ سوال اٿيو ته “ڇا نوبل ادب اڃا تائين يورپي ذوق جي قيد ۾ آهي؟ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ فزيشن جي انعامن جن موضوعن تي نوبل انعام اعلانيا ويا آهن، ڪي ماهر چون ٿا ته اهڙا موضوع “سائنس کان وڌيڪ فيشن” بڻجي ويا آهن، جتي ڪميٽي جدت جي نالي تي تجربي کان خالي نظرين کي انعام ڏئي رهي آهي. اقتصاديات جو نوبل انعام يونيورسل بيسڪ انڪم  تي تحقيق ڪندڙ ٽيم کي مليو. ان جو مقصد اهو ڏيکارڻ هو ته هر شهري کي بنيادي آمدني ڏيڻ سان سماج ۾ خوشحالي وڌي ٿي. پر ناقدن جو خيال آهي ته اهو تصور اڃا تجرباتي مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي عالمي معيشت تي لاڳو ڪرڻ حقيقت پسنداڻو نه آهي. ڪجھه ماهرن ان کي “سوشلسٽ رجحان جي ترويج” سڏيو، جيڪو مارڪيٽ جي فطري اصولن جي ابتڙ آهي. نوبل انعامن تي عام تنقيد ٿئي ٿي ته امن ۽ ادب جا انعام اڪثر سياست سان ڳنڍيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڪثر انعام يورپ ۽ آمريڪا کي ملن ٿا، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪارناما پس منظر ۾ رهجي وڃن ٿا. گھٽ عورتن کي نوبل انعام ڏيڻ عالمي صنفي برابريءَ جي دعويٰ لاءِ سوال اٿاري ٿي. نامزدگي ۽ فيصلن جا تفصيل اڃا تائين ڳجھا رکيا وڃن ٿا، جيڪي 50 سالن کان پوءِ ظاهر ٿين ٿا.

نوبل انعام ڏيڻ جي رسمي تقريب 10 ڊسمبر 2025ع تي ناروي جي گاديءَ واري شهر اوسلو ۾ٿيندي. نوبل امن انعام سڀني کان وڌيڪ شهرت وارو انعام آهي. اهو انهن ماڻهن يا تنظيمن کي ڏنو ويندو آهي جيڪي دنيا ۾ امن جي قيام، تڪرارن جي خاتمي ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم ڪن ٿا. هر سال انعام سان گڏ هڪ سونهري تمغو، سرٽيفڪيٽ، ۽ مالي رقم ڏني ويندي آهي، جيڪا عام طور تي 10 لک آمريڪي ڊالر جي لڳ ڀڳ هوندي آهي. انعام جو تمغو نوبل جي تصوير سان گڏ انسانيت جي خدمت ۽ علم جي روشنيءَ جي علامت آهي.پاڪستان مان ٻن شخصيتن  ڊاڪٽر عبداسلام ۽ ملاله يوسفزئي نوبل انعام حاصل ڪري چُڪا آهن. 1979ع ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام کي فزڪس ۾ بوسون نظريي تي تحقيق تي ڏنو ويو. 2014ع ۾ ملاله يوسفزئي کي ٻارن جي تعليم ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد تي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو. اهي ٻئي شخصيتون پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ فخر جو سبب آهن.

 نوبل انعام رُڳو هڪ اعزاز نه آهي، پر اهو انساني فڪر، امن، علم ۽ انسانيت جي خدمت جو عالمي پيغام آهي. الفريڊ نوبل جو اهو خواب، جيڪو هن پنهنجي وصيت ۾ ڏنو، اڄ به هر سال هزارين ماڻهن لاءِ اميد ۽ ترغيب جو سرچشمو بڻجي ٿو. هي انعام ياد ڏياريندو رهي ٿو ته دنيا ۾ تبديلي اهي ئي آڻين ٿا، جيڪي علم، فڪر ۽ انسانيت کي پاڻ کان اڳتي رکن ٿا. نوبل انعام نه رُڳو ڪنهن شخصيت جي عزت ۽ عالمي سڃاڻپ جو سبب بڻجي ٿو، پر انساني فڪر ۽ علمي ترقيءَ جي حوصلا افزائي جو وڏو ذريعو آهي. هي انعام انسانيت ۾ اميد، خلوص ۽ ترقيءَ جو پيغام ڏئي ٿو. نوبل انعامن جي تاريخ هڪ وڏي عزت ۽ ساک سان ڀري پئي آهي، پر 2025 جا انعام هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ياد ڏيارين ٿا ته علم ۽ انصاف جي دنيا ۾ به انسانيت جا مفاد ۽ سياسي ڇانورا گڏجي هلن ٿا. ڪڏهن ته اهو انعام دنيا کي اميد ڏيندو آهي، ته ڪڏهن اهو پاڻ ئي هڪ سوال بڻجي ويندو آهي ”ڇا نوبل انعام واقعي سڀ کان وڏو اعزاز آهي، يا هڪ وڏو تڪرار؟“

________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button