ملير ڪراچيءَ جو آسو ڳوٺ مشھور حلوائي آسُومل جي نالي تي ٻڌل آھي
ورهاڱي کان پوءِ آسو مل جا پونئير بمبئيءَ لڏي ويا جتي سندن ڪاروبار وڌيڪ ترقي ڪئي. سندس نالي سان “آسو مل جون مٺايون” جو اشتهار اڪثر بمبئيءَ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ نظر ايندو هو
شبير احمد قريشي
سنڌ جي گاديءَ واري شھر جي ملير علائقي جو آسو ڳوٺ مشھور حلوائي آسُومل جي نالي تي ٻڌل آھي. ورهاڱي کان پوءِ آسو مل جا پونئير بمبئيءَ لڏي ويا جتي سندن ڪاروبار وڌيڪ ترقي ڪئي. سندس نالي سان “آسو مل جون مٺايون” جو اشتهار اڪثر بمبئيءَ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ نظر ايندو هو.

ملير جي آسُو ڳوٺ ۾ ھڪ مندر بہ ھوندو ھو. آسُو ڳوٺ ۾ سنڌي، ڪلمتي، مڪراني ۽ ايراني بلوچ بہ رھندا ھئا ۽ اڄ بہ رهن ٿا پر ڪراچيءَ ۾ ورهاڱي کان اڳ سڀ کان مشهور آسو مل جون مٺايون هونديون هيون.
ملير 15 جي اسٽاپ اڳيان ان وقت جي مشهور ملير هوٽل، بار ۽ ڦٽل ملير مندر اڄ ڏينهن تائين به موجود آهي.
هن ڳوٺ جا جهونا ٻڌائين ٿا ته هتي موجوده ٻڪرا پڙيءَ وٽ آسومل جا وڏا وڏا مينهُن جا واڙا هئا، جتي خالص کير مکڻ ڪڍي موجوده گوشت مارڪيٽ وٽ هڪ وڏي دوڪان ۾ مٺايون ٺاهي ٽرڪ ۾ لوڊ ڪري شهر کڻي ويندا هئا.
شهر ۾ ٻيو چندو حلوائي هو جنهن جي به مٺائي مشهور هئي. ان جو دُڪان سنڌ مدرسي سامهون هوندو هو.آسو مل جي مٺائي ۽ چندو حلوائيءَ جي مٺائي ايئن هئي جينئن مهاجرن اچڻ کان پوءِ “احمد” ۽” حنان” مٺائي وارا مشهور ٿيا.
ملير 15 جي ڦاٽڪ کان وٺي ملير پل تائين رونق، ٿڌڪار، وڻندڙ ھوا، پاڻيءَ جا اونها کوه ۽ باغات ھجڻ ڪري هي علائقو جنت نظير لڳندو هو.
اڪثر ڪري لِي مارڪيٽ مان آيل بسون يا ٻيون سواريون ملوڪ لاشاري هوٽل وٽ ڊاٻو ڪنديون هيون، جنهن جي چانهن مشهور هئي. آسو ڳوٺ جي آسپاس زمينون ۽ باغات خواجه ميمڻن جا هوندا هئا.
اسان جي بلوچن ۾ مائٽي هئي، جنھنڪري مان ننڍي هوندي آسو ڳوٺ مائٽن وٽ گهمڻ ايندو هئس.
هي ڳوٺ ڪشادو ۽ هوادار هو جو رات ۽ ڏينهن وقت ڪڏهن به بجلي جي، پکي جي ضرورت محسوس نه ٿي.
هاڻي اتي سيمنٽ ۽ سرئي جا جبل کڙا آهن، آسو ڳوٺ تنگ ٿي ويو آهي، گندگي، غربت، نشو ۽ بي روزگاري ان جي سڃاڻپ وڃي بچي آهي.
هي حصو قاضي لطيف صاحب وڌايو آهي:
ھتي آسو مل کان علاوہ جيڪي ٻيا مشھور ھندو ھئا تن مان ھڪڙو مولارام ھيو جنھن جي نالي تي مولارام ڪمپائونڊ مشھور آھي. مولارام جي ڌيءَ ضياءَ جي دور ۾ آئي ھئي ۽ پنھنجي زمين تي دعويٰ بہ داخل ڪئي ھئائين جيڪا پاڪستاني ڪورٽ رد ڪري ڇڏي. امام بخش مارڪيٽ جي اورئين پاسي بہ ھڪ مشھور ھندوءَ جي زمينداري ھئي جنھن جو گھر بہ ھتي ئي ٺھيل ھو. اھو گھر ھاڻي ھڪ ھندستاني انصاري جي قبضي ۾ آھي . باغ جو وڏو گيٽ ھوندو ھو جنھن ۾ گھاٽا وڻ موجود ھوندا ھئا ۽ نار جي وسيلي کوھ مان پاڻي ڪڍيو ويندو ھوندو. ٻاھرين پاسي جانورن کي پاڻي پيارڻ لاء آواڙا ٺھيل ھئا. بازار ريلوي اسٽيشن وٽ ھوندي ھئي.
ملير ھوٽل ۾ بار ٺھيل ھوندو ھو جتي پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ ڪنتري ۽ تاڙي ھلندي ھئي. ھن بار ۾ ويھي دليپ ڪمار، راجڪمار ۽ راجڪپور اسٽائل جا بلوچ زميندار دارون پي ڪوٽ ڪلھن تي وجھي آوارہ ۽ شرابي فلم جا گانا ڳائيندا لڏندا لمندا گھر ويندا ھئا.
قائد اعظم جي پڻ ھتان جي بلوچ زميندارن سان دوستي ھوندي ھئي ۽ سندن ڪچھريون جھوناڳڙھ ھائوس ۾ ٿينديون ھيون جتي نواب آف جھونا ڳڙھ جي ڌيءَ رھندي ھئي. قائداعظم جي دوستن ۾ ھڪڙو نورالدين ڪلمتي ھوندو ھو جيڪو دليپ ڪمار اسٽائل جو ھوندو ھو پر ھُو تمام قداور ھوندو. ٻيو زميندار سيٺ نورالدين بلوچ ھوندو ھو جنھن جي باغ جي کجين مان ڀيا ذات جا ھندو تاڙي لاھيندا ھئا. تنھن کان علاوہ ملير مندر ۾ بہ ھندن جو وڏو ڪمپائونڊ ھوندو ھو.
ملير پورو سربز ۽ شاداب ھوندو ھو. ملير جي شادابيءَ کي وقت جي حڪمرانن سازش جي ذريعي ختم ڪري ڇڏيو جيئن ھتي ڌارين جي آبادڪاري ٿي سگھي. جامعہ مليہ اسڪول بہ باغن جي وچ ۾ ھوندو ھو. صديق ڳوٺ جي چوطرف پي اي ايف تائين باغ ئي باغ ھئا. فقط ريلوي پٽڙيءَ سان لڳ ھندوستان مان لڏي آيلن لاء ڪوارٽر ٺھيل ھئا جن جي ٻاھران ھروقت بدڪون ھلنديون ھيون. چون ٿا تہ صديق ڳوٺ بہ سڌومل جو ھو جتي گوادر جا بلوچ ھاري ھوندا ھئا. ڪجھ ميد قبيلي سان پڻ تعلق رکڻ وارا ھئا جيڪي لانچن جو ڌنڌو ڪندا ھئا. اڄ بہ انھن جو اولاد ھن ڳوٺ ۾ آباد آھي.
________________
مرحوم سائين شبير احمد قريشي جي فيس بُڪ وال تان



