Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڌاڙيل راڄ، آئيني ترميم، ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ ريلي ۽ ڌرڻو

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ۽ لاقانونيت کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي، سنڌ جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ لاءِ شهباز-بلاول اتحادي حڪومت ڳجهي ڊيل ڪئي آهي، آئيني ترميم سنڌين، بلوچن، پشتون، سرائيڪين ۽ ٻين قومن لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهي، عوامي تحريڪ

ڪنڌڪوٽ

ڌاڙيل راڄ، 27هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان آچر ڏينھن گهنٽا گهر چوڪ کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جتي پهچي ڌرڻو هنيو ويو.

ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي صدر ايڊووڪيٽ آصف کوسو، منصور ٻپڙ، گلاب ٻپڙ، صدام کوسو، نواز ٻپڙ، سلطان گجراڻي، گل حسن ٻپڙ، تاج کوسو ۽ صدام ٻپڙ سميت ٻين اڳواڻن ڪئي.

ريليءَ کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ لاءِ شهباز-بلاول اتحادي سرڪار آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪئي آهي. سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، جن تي آمريڪي سامراج جي ميري اک آهي. انهن وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏني وئي آهي.

هن چيو ته سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگرد ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ڌاڙيل سرگرم آهن، جڏهن ته منشيات عام ڪري نوجوانن جي مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ڌرتي ۽ درياهه بچائڻ لاءِ جدوجهد نه ڪري سگهن.

وسند ٿريءَ چيو ته سنڌ مان ڪڻڪ ۽ ٻين کاڌ خوراڪ جي شين کي افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن سمگل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته بدلي ۾ منشيات ۽ هٿيار سنڌ ۾ آندا وڃن ٿا. سمگلرن کي مڪمل سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيٽو جا هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن تائين سرڪاري سردارن جي ذريعي پهچن ٿا.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سردارن جي سرپرستي کانسواءِ ڌاڙيل هڪ ماڻهوءَ کي به اغوا نٿا ڪري سگهن. پيپلز پارٽيءَ جي سردارن لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ اغوا انڊسٽري قائم ڪري عوام کي عذاب ۾ وڌو آهي.

27هين آئيني ترميم بابت ڳالهائيندي وسند ٿريءَ چيو ته ان ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ ملڪ ۾ شامل قومن جي وحدت، ثقافت ۽ وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌي، بلوچ، سرائيڪي، پشتون ۽ پنجابي قومن لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ اهڙي ترميم کي برداشت نه ڪندي ۽ ڀرپور جدوجهد جاري رکندي.

وسند ٿري چيو ته پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون آڻي آئين جي لتاڙ ڪئي وئي آهي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جي آواز کي دٻايو ويو آهي، ماڻهن کي فيئر ٽرائل جهڙي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدليا کي وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ڪنٽرول هيٺ آندو ويو آهي. ميڊيا ۽ عدليا کي مڪمل ڪنٽرول هيٺ آڻي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي وئي آهي.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ ضلعي صدر ايڊووڪيٽ آصف کوسي بہ تقريرون ڪيون. (پريس رليز)

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button