ڪيٽي بندر: ترقيءَ جو خواب، سرمائيدارڻا مفاد، مهاڻن جا خدشا ۽ سنڌو ڊيلٽا جو مستقبل!
ڪيٽي بندر جي ميگا سامونڊي بندرگاهه جو تصور سنڌ لاءِ معاشي موقعو ضرور بڻجي سگهي ٿو، پر ان کي رڳو سيڙپڪاريءَ جي انگن ۽ عالمي واپار جي نعري تائين محدود رکڻ مناسب نه ٿيندو. ان رٿا جي اصل اهميت ان ڳالهه ۾ آهي ته ڇا اهو سنڌ جي ساحلي ماڻهن جي زندگين ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهندو؟ ڇا مهاڻن جي روزگار کي تحفظ ڏيندو؟ ڇا سنڌو ڊيلٽا جي ماحولياتي بحاليءَ سان گڏ اڳتي وڌندو؟ ۽ ڇا ان مان حاصل ٿيندڙ دولت جو مناسب حصو مقامي ماڻهن تائين پهچندو؟

نسيم بخاري
سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کي ترقي وٺرائڻ جي نالي ۾ هڪ وڏو معاشي مامرو ٻيهر بحث هيٺ آيو آهي. صدرِ مملڪت آصف علي زرداري 2 نومبر 2026ع تي ٺٽي جي دوري دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان ڪيٽي بندر جي تجويز ڪيل ميگا سامونڊي بندرگاهه، گهارو ـ ڪيٽي بندر شاهراهه ۽ ڀنڀور ـ ڪيٽي بندر سامونڊي شاهراهه سميت مختلف ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ورتي. اها بريفنگ ٺٽي جي علائقي ۾ هڪ نجي فارم تي ٿي. وڏي وزير صدر کي ٻڌايو ته ڪيٽي بندر کي عالمي معيار جو سامونڊي بندرگاهه بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت عملي قدم کنيا پيا وڃن ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ساڳئي وقت گهارو ـ ڪيٽي بندر روڊ جي تعمير ۾ دير جو مسئلو به سامهون آيو، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت وفاقي اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. ڀنڀور ـ ڪيٽي بندر شاهراهه بابت بہ ڪم جي اڳڀرائيءَ جي دعوا ڪئي وئي. پر هن سڄي معاملي ۾ هڪ بنيادي حقيقت ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته حڪومتي بريفنگ، منصوبي جو تصور، فزيبلٽي، مالي منظوري، سيڙپڪاريءَ جو معاهدو ۽ عملي تعمير هڪ ٻئي کان مختلف مرحلا آهن.
ڪيٽي بندر کي جديد سامونڊي بندرگاهه بڻائڻ جو تصور نئون ناهي. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ کي واپار، مڇيءَ جي صنعت ۽ سامونڊي آمدرفت جو مرڪز بڻائڻ جون تجويزون مختلف وقتن تي سامهون اينديون رهيون آهن. پر هن ڀيري ان منصوبي کي وڌيڪ منظم اقتصادي راهداريءَ جي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جي 2026-27ع واري بجيٽ ۾ ڪيٽي بندر ميري ٽائيم، فشريز اينڊ پيٽروليم اڪنامڪ ڪوريڊور جو تصور شامل ڪيو ويو آھي.
وڏي وزير سيڙپڪاري کاتي کي هڪ کان اڍائي ارب ڊالرن تائين امڪاني سيڙپ واري منصوبي لاءِ جامع پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ان تصور ۾ جديد مڇيءَ جو بندرگاهه، سامونڊي خوراڪ جي تياري ۽ برآمد جا مرڪز، پيٽروليم ٽرمينل، گدام، صنعتي زون، توانائيءَ جون سهولتون ۽ سياحت شامل آهن. لڳ ڀڳ چار هزار ايڪڙ زمين جي نشاندهيءَ جو ذڪر به ڪيو ويو هو. پر اهو سڀ امڪاني سيڙپ جو اندازو آهي.
هن رٿا بابت 24 آگسٽ 2026ع تي هڪ وڌيڪ اهم اڳڀرائي ٿي، جڏهن چائنا هاربر انجنيئرنگ ڪمپنيءَ صدر آصف علي زرداري آڏو ڪيٽي بندر جي مجوزه گهري پاڻيءَ واري بندرگاهه جو تصوراتي ماسٽر پلان پيش ڪيو. انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پڌرائيءَ مطابق ان منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ 500 ميٽر ڊگهي گهڻ مقصدي سامونڊي ڀت ۽ ٽرمينل ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن جي ابتدائي انجنيئرنگ لاڳت 522.34 ملين ڊالر ڄاڻائي وئي. صدر ان موقعي تي سنڌو ڊيلٽا جي نازڪ ماحولياتي نظام ۽ مقامي مهاڻن جي روزگار جي تحفظ کي خاص اهميت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. هن روڊ، بجلي، پاڻي ۽ صنعتي سهولتن کي به بندرگاهه جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري قرار ڏنو هو.
اهو به سمجهڻ ضروري آهي ته ڪيٽي بندر جي ترقيءَ جو منصوبو رڳو جهازن جي اچ وڃ تائين محدود ناهي. جيڪڏهن ان کي مڪمل معاشي راهداريءَ طور اڳتي وڌايو وڃي ٿو ته ان سان سامونڊي واپار، مڇيءَ جي صنعت، ٽرانسپورٽ، توانائي، گدامن ۽ مقامي ڪاروبار جا نوان رستا کلي سگهن ٿا. ڪراچيءَ جي موجوده بندرگاهن تي واپاري دٻاءُ گهٽائڻ ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن کي نئين معاشي سرگرمين سان ڳنڍڻ جو امڪان آهي. مقامي ماڻهن کي مڇيءَ جي نيلامي، ٿڌن گودامن، ٻيڙين جي مرمت، مڇيءَ جي پروسيسنگ ۽ سامونڊي خوراڪ جي برآمد ۾ روزگار به ملندو؟
انهن فائدن جو حقيقت بڻجڻ ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته منصوبي ۾ مقامي آباديءَ کي ڪيتري حصيداري ڏني وڃي ٿي.
ڪيٽي بندر جي تاريخ ڏسجي تہ ڪنهن زماني ۾ هي علائقو سامونڊي واپار ۽ مڇيءَ جي ڪاروبار جو سرگرم مرڪز هو. پر درياهه جي وهڪري ۾ گهٽتائي، سامونڊي پاڻيءَ جي زمينن ۾ داخل ٿيڻ، قدرتي ماحول جي تبديلي ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب هتان جي معاشي زندگيءَ کي وڏو نقصان پهتو. اڄ به علائقي جي وڏي آباديءَ جو گذر سفر مڇيءَ جي شڪار ۽ سامونڊي وسيلن تي آهي. تنهنڪري هن علائقي جي ترقيءَ جو تصور ان جي موجوده سماجي ۽ ماحولياتي حقيقتن کان الڳ ڪري نٿو سگهجي.
هن حوالي سان هڪ اهم بين الاقوامي تحقيقي ڪم MIGNEX جو آهي، جيڪو ناروي جي Peace Research Institute Oslo (PRIO) سان لاڳاپيل تحقيقي منصوبي تحت ڪيو ويو. 17 ڊسمبر 2021ع تي شايع ٿيل تحقيق ”Hope and Despair in the Indus River Delta“ ۾ ڪيٽي بندر جي ماڻهن جي زندگي، موسمياتي تبديلين، مڇيءَ جي ڪاروبار، قرضن، سرمائيداراڻي مارڪيٽ ۽ لڏپلاڻ جي مسئلن جو جائزو ورتو ويو. ان تحقيق ۾ واضح ڪيو ويو ته درياهه مان مٺي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ گهٽتائيءَ سبب ڊيلٽا جي زرعي زمينن جي زرخيزي متاثر ٿي آهي ۽ سامونڊي کارو پاڻي وڌيڪ اندر داخل ٿيو آهي
ان ئي تحقيقي سلسلي جي 2022ع واري رپورٽ ”Migration and Development Dynamics in Keti Bandar, Pakistan“ ۾ هڪ دلچسپ حقيقت سامهون آئي ته نوجوانن جي وڏي اڪثريت، لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو، ايندڙ پنجن سالن تائين ڪيٽي بندر ۾ رهڻ جي اميد رکي ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته مقامي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان جذباتي ۽ سماجي وابستگي رکن ٿا. هو رڳو ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ بدران پنهنجي علائقي ۾ ئي عزت ڀري زندگي، روزگار ۽ سهولتون چاهين ٿا. تحقيق ۾ اهو به بيان ڪيو ويو ته سامونڊي سطح وڌڻ سبب ڪجهه ويجهن ٻيٽن جي غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪيٽي بندر ڏانهن به لڏي آيا هئا.

هن تحقيق جو هڪ اهم فڪري پاسو اهو آهي ته ماحولياتي تبديليءَ کي رڳو قدرتي آفت سمجهي سماجي ۽ سياسي ذميوارين کان ڌيان هٽائڻ درست ناهي. پاڻيءَ جي ورڇ، معاشي اڻبرابري، عالمي مارڪيٽن جي اثرن ۽ حڪومتي جوابدهيءَ کي به ان بحث جو حصو بڻائڻو پوندو. اهڙي تحقيق کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر جي نئين بندرگاهه بابت رٿابنديءَ ۾ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ان مان فائدو ڪنهن کي ٿيندو ۽ ممڪن نقصان ڪنهن جي حصي ۾ ايندو.
پاڪستان جي سطح تي به هن معاملي بابت اهم صحافتي تحقيق سامهون آئي آهي. دي ايڪسپريس ٽربيون 7 جون 2025ع تي ”Keti Bandar teeters on the verge of annihilation“ جي عنوان سان هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي ھئي . ان ۾ ڪيٽي بندر جي مقامي ماڻهن جون شڪايتون، زرعي زمينن جي زرخيزيءَ ۾ گهٽتائي، مٺي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سامونڊي پاڻيءَ جي زمينن ۾ داخل ٿيڻ جا مسئلا بيان ڪيا ويا ھئا. رپورٽ ۾ مقامي رهواسين جا اهي خدشا به شامل آهن ته ترقياتي منصوبن جي نالي تي سندن پاڻيءَ ۽ زمينن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران کين وڌيڪ ڏکيائين ۾ نه وڌو وڃي. مقامي ماڻهن جو بنيادي مطالبو اهو آهي ته انهن جي علائقي بابت فيصلا ڪرڻ کان اڳ کين اعتماد ۾ ورتو وڃي.
ڊان اخبار ۾ 2017ع تي شايع ٿيل ماحولياتي رپورٽ پڻ هن بحث لاءِ اهم آهي. ان ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف انوائرمينٽل اسٽڊيز جي تحقيق جو حوالو ڏنو ويو ھو، جيڪا برطانوي تحقيقي رسالي ”Desalination and Water Treatment“ ۾ شايع ٿي هئي. تحقيق ۾ ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر جي چئنلن مان 36 هنڌن تي پاڻيءَ جا نمونا ورتا ويا هئا. انهن ۾ لوڻياٺ، آلودگي، ڳري ڌاتن، تيل ۽ ٻين ڪيميائي عنصرن جو جائزو ورتو ويو. تحقيق ۾ سامونڊي پاڻيءَ جي اندروني علائقن ڏانهن وڌڻ، انساني آبادين جي گندي پاڻيءَ ۽ ٻين آلودگيءَ سبب آبي ماحول کي نقصان پهچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا. ان مان واضح ٿئي ٿو ته نئين صنعتي ۽ سامونڊي سرگرميءَ کان اڳ پاڻيءَ جي موجوده معيار ۽ ماحولياتي حالت جو تفصيلي جائزو ضروري آهي.
پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافيءَ جو جنوري 1996ع وارو فني دستاويز به تاريخي اهميت رکي ٿو. ان ۾ ڪيٽي بندر جي سامونڊي چئنلن کي گهري پاڻيءَ واري بندرگاهه لاءِ امڪاني ماڳ طور ڏٺو ويو هو. پر ان وقت به اداري واضح ڪيو هو ته بندرگاهه جي قيام لاءِ وڌيڪ تفصيلي سروي جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري ۽ گاد جي فراهميءَ ۾ گهٽتائيءَ کي ڊيلٽا جي قدرتي ۽ معاشي وسيلن تي اثرانداز ٿيندڙ اهم عنصرن طور بيان ڪيو ويو هو. ان مان خبر پوي ٿي ته ڪيٽي بندر کي بندرگاهه بڻائڻ جو تصور ڏهاڪن پراڻو آهي، پر ان جي فني ۽ ماحولياتي پيچيدگين کي سمجهڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ مناسب نه ٿيندو.
سنڌ حڪومت جي ٻيلي کاتي جي سرڪاري ڄاڻ پڻ تمر جي ٻيلن جي اهميت کي واضح ڪري ٿي. کاتي موجب سنڌو ڊيلٽا جا تمر جا ٻيلا مٺي پاڻيءَ جي وهڪري تي وڏي حد تائين ڀاڙين ٿا. انهن ٻيلن جي تباهيءَ سان مڇين جي پيدائش، سامونڊي حياتي، مقامي ماڻهن جي روزگار، زمينن جي تحفظ ۽ ساحلي علائقن جي قدرتي بچاءَ تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا. تمر جا ٻيلا سامونڊي طوفانن ۽ لهرن جي شدت گهٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن بندرگاهه جي تعمير، سامونڊي چئنلن جي کوٽائي، جهازن جي اچ وڃ يا صنعتي سرگرمين سبب انهن ٻيلن کي نقصان پهچي ٿو ته ان جا اثر رڳو ماحول تائين محدود نه رهندا، پر مقامي ماڻهن جي معاشي زندگيءَ کي به متاثر ڪندا.
هتي سنڌ جي ترقي پسند ۽ ڪميونسٽ فڪر سان لاڳاپيل ڌرين جي نقطه نظر کي به سمجهڻ ضروري آهي. ترقي پسند سياست جو هڪ بنيادي اصول اهو رهيو آهي ته قدرتي وسيلن تي عوام جو حق، پورهيتن جي معاشي تحفظ، مقامي آباديءَ جي شرڪت ۽ دولت جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي. ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر جي فڪري روايت ۾ به اهڙن منصوبن بابت اهو سوال بنيادي اهميت رکي ٿو ته پيداوار ۽ سيڙپڪاريءَ مان فائدو ڪنهن کي ملي ٿو ۽ وسيلن تي اختيار ڪنهن جو قائم ٿئي ٿو.
ڪيٽي بندر جي حوالي سان موجود تحقيقي مواد ۾ سرمائيداراڻي مارڪيٽ، قرضن، مڇيءَ جي واپار ۽ مقامي ماڻهن جي معاشي ڪمزوريءَ بابت جيڪي خدشا سامهون آيا آهن، اهي ان ترقي پسند بحث سان سڌيءَ طرح لاڳاپيل آهن. سيڙپڪاريءَ جو تصور پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان جا معاهدا ڪهڙين شرطن تي ٿيندا؟ سرڪاري زمين ۽ سامونڊي وسيلن جي استعمال جا اختيار ڪهڙي اداري وٽ هوندا؟ خانگي ڪمپنين کي ڪهڙيون رعايتون ڏنيون وينديون؟ بندرگاهه مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ ۾ حڪومت ۽ مقامي آباديءَ جو حصو ڪهڙي نموني طئي ٿيندو؟ انهن ڳالهين کي ڳجهن معاهدن بدران عوامي بحث ۽ قانوني شفافيت جو حصو بڻائڻ گهرجي.
مهاڻن لاءِ به رڳو روزگار پيدا ڪرڻ جا اعلان ڪافي ناهن. سندن ٻيڙين جي اچ وڃ، مڇي مارڻ جا روايتي هنڌ، سامونڊي رستا ۽ قدرتي وسيلن تائين رسائي محفوظ رکڻ ضروري آهي. جيڪڏهن صنعتي جهازن جي آمدرفت سبب مڇيءَ جي شڪار جا علائقا محدود ٿين ٿا يا سامونڊي آلودگي وڌي ٿي ته ان جو سڌو اثر انهن ماڻهن تي پوندو، جيڪي نسلن کان سمنڊ سان وابسته آهن. ان ڪري مقامي مهاڻن جي نمائندن کي منصوبي جي رٿابنديءَ، نگراني ۽ فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
ان کان سواءِ منصوبي جي ماحولياتي اثرن بابت آزاد ۽ تفصيلي جاچ لازمي هجڻ گهرجي. سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري کان ماحولياتي اثرن جي جائزي، سامونڊي چئنلن جي کوٽائي، تمر جي ٻيلن، پاڻيءَ جي معيار، سامونڊي حياتي ۽ مقامي آباديءَ تي اثرن بابت واضح رپورٽون سامهون اچڻ گهرجن. جيڪڏهن صنعتي علائقا يا تيل ۽ گئس جا ٽرمينل قائم ٿين ٿا ته انهن مان پيدا ٿيندڙ فضلي ۽ ممڪن تيل جي رساءَ کي روڪڻ لاءِ به اڳواٽ انتظام ضروري آهن.
ترقيءَ جي اصل ڪاميابي ان ڳالهه ۾ هوندي ته ڪيٽي بندر جي ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي، معياري تعليم، صحت جون سهولتون، بجلي، رستا ۽ روزگار ملن. نوجوانن لاءِ سامونڊي صنعت، انجنيئرنگ، ٽيڪنيڪل ڪم ۽ مڇيءَ جي جديد ڪاروبار بابت تربيت جا ادارا قائم ٿين. عورتن کي مڇيءَ جي پروسيسنگ ۽ مقامي ڪاروبار ۾ حصيداري ڏني وڃي. زمينن جي قانوني ملڪيت ۽ روايتي استعمال ڪندڙن جي حقن کي تحفظ ڏنو وڃي. اهڙي رٿابنديءَ کان سواءِ بندرگاهه جي معاشي ترقي مقامي خوشحاليءَ جي ضمانت نٿي بڻجي سگهي.
ڪيٽي بندر جي ميگا سامونڊي بندرگاهه جو تصور سنڌ لاءِ معاشي موقعو ضرور بڻجي سگهي ٿو، پر ان کي رڳو سيڙپڪاريءَ جي انگن ۽ عالمي واپار جي نعري تائين محدود رکڻ مناسب نه ٿيندو. ان رٿا جي اصل اهميت ان ڳالهه ۾ آهي ته ڇا اهو سنڌ جي ساحلي ماڻهن جي زندگين ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهندو؟ ڇا مهاڻن جي روزگار کي تحفظ ڏيندو؟ ڇا سنڌو ڊيلٽا جي ماحولياتي بحاليءَ سان گڏ اڳتي وڌندو؟ ۽ ڇا ان مان حاصل ٿيندڙ دولت جو مناسب حصو مقامي ماڻهن تائين پهچندو؟
صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي بريفنگن کان پوءِ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته منصوبي جا تفصيل، فزيبلٽي رپورٽ، سيڙپڪاريءَ جا معاهدا، ماحولياتي اثرن جو جائزو ۽ عملي ڪم جو شيڊيول عوام آڏو آندو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ذميوارين جو تعين ڪيو وڃي ۽ تعميراتي معيار جي آزاد نگرانيءَ جو نظام قائم ڪيو وڃي.
اسان کي اهڙي ترقي گهرجي، جيڪا بندرگاهه به تعمير ڪري، روزگار به پيدا ڪري، سامونڊي واپار به وڌائي ۽ ساڳئي وقت سنڌو ڊيلٽا، تمر جي ٻيلن، مهاڻن جي روايتي معيشت ۽ مقامي ماڻهن جي حقن کي به محفوظ رکي. ڇو ته ترقيءَ جو مطلب رڳو زمين تي نوان منصوبا ٺاهڻ ناهي، پر ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ آهي. ڪيٽي بندر جو مستقبل تڏهن ئي روشن ٿي سگهي ٿو، جڏهن معاشي ترقي، سماجي انصاف ۽ ماحولياتي تحفظ هڪ ٻئي جا مخالف نه، پر ساٿي بڻجن.
____________
نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



