ھانس جارج گئڊامر: سچ صرف سائنسي طريقي سان ڄاڻي نٿو سگھجي
جرمن فلسفيءَ موجب انساني علمن (Human Sciences) ۾ سچ ان وقت ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن انسان تجربي، گفتگو ۽ روايت جي عمل ۾ پاڻ کي شامل ڪري ٿو.
نويد سنديلو
ھانس جارج گئڊامر (Hans-Georg Gadamer) جو جنم 11 فيبروري 1900ع تي ماربرگ (Marburg)، جرمنيءَ ۾ ٿيو. سندس والد يوھاننس گئڊامر طب ۽ حياتيات جو پروفيسر ھو، جيڪو سائنسي طريقي ۾ ايمان رکندڙ شخص ھو، پر ھانس گئڊامر فلسفي، ادب ۽ تاريخ ڏانھن لاڙو رکيو.
گئڊامر ماربرگ ۽ لئپزگ يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ايڊمنڊ ھسرل (Edmund Husserl) ۽ خاص طور تي مارٽن ھائيڊگر (Martin Heidegger) جي شاگرديءَ ۾ فلسفي جي گھري سمجھ حاصل ڪئي. ھائيڊگر جي فڪر ۾ وجود (Being) جي معنائي کوجنا، گئڊامر لاءِ ”سمجھڻ“ ۽ ”تشريح“جي فڪر ۾ نئون رخ پيدا ڪيو. کيس 1939ع ۾ لئپزگ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو، پوءِ گيسن ۽ آخرڪار ھائيڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ ڊين ۽ صدر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. سندس زندگيءَ جا 102 سال علم، فڪر ۽ گفتگوءَ جي جستجوءَ ۾ گذريا. گئڊامر 2002ع ۾ وفات ڪئي، پر سندس فڪر اڄ به جديد فلسفي ۾ زنده آھي.

Truth and Method (سچ ۽ طريقو)
فڪر جو خاڪو:
سچ ۽ طريقو(1960ع) گئڊامر جو سڀ کان وڏو فڪري ڪم آھي، جيڪو “سمجھ” (Understanding) ۽ “تشريح” (Hermeneutics) جي فلسفي بابت آھي. ھن ڪتاب ۾ گئڊامر اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته “سچ” صرف سائنسي طريقي ذريعي ڄاڻي نٿو سگهجي. انساني علمن (Human Sciences) ۾ سچ ان وقت ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن انسان تجربي، گفتگو ۽ روايت جي عمل ۾ پاڻ کي شامل ڪري ٿو.
گئڊامر جي نظر ۾ سچ ڪو تجرباتي فارمولو نه آھي، پر معني جو اڀرندڙ تجربو آھي، جيڪو انسان جي شعور ۽ تاريخ جي لاڳاپي مان جنم وٺي ٿو.
گئڊامر جا بنيادي فڪري نڪتا
1. پيش فرض (Vorurteil / Prejudice)
گئڊامر چوي ٿو ته پيش فرض منفي شيءِ نه پر سمجھڻ جي شروعاتي حالت آھي. هر ماڻهو ماضيءَ جي تجربن، علمي پسمنظر ۽ ثقافتي روايتن سان ڪنهن متن يا ڳالهه کي سمجهي ٿو. ان ڪري پيش فرض “سمجھ” جي پُل آھي، جيڪا ماضي ۽ حال کي ڳنڍي ٿي.
2.هن سمجھ جي تاريخيت (Historicity of Understanding)
سمجھ ھميشه تاريخي آھي. انسان پنهنجي وقت، ماحول ۽ فڪري پسمنظر کان ڌار ٿي نٿو سمجهي سگھي. گئڊامر جي خيال ۾، سمجھ پاڻ وقت سان گڏ بدلجندڙ ۽ متحرڪ عمل آھي.
3. افقن جو ميلاپ (Fusion of Horizons)
گئڊامر لاءِ سچي سمجھ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن پڙهندڙ جو اُفق (Horizon) (سندس فڪر، تجربو ۽ وقت) ۽ متن جو افق (ان جو معنيٰ ۽ دور) پاڻ ۾ ملي وڃن. اها “افقن جي گفتگو” ئي نئين معنيٰ ۽ نئين سچ جو سرچشمو بڻجي ٿي.
4. ٻوليءَ جي حيثيت (Language as the Medium of Understanding)
ٻولي گئڊامر جي فڪر جو مرڪز آھي. ٻوليءَ ذريعي ئي انسان دنيا سان ڳالهائي ٿو ۽ دنيا انسان سان. ٻولي مان ئي سچ ۽ معنيٰ جنم وٺن ٿا. گفتگو (Dialogue) ۾ معني هڪ ڌر جي نه پر ٻنهي جي شرڪت مان پيدا ٿئي ٿي.
5. طريقيڪار کان مٿانهون سچ (Truth Beyond Method)
گئڊامر چوي ٿو ته سچ کي سائنسي ماپن سان ڪٿي نٿو سگهجي. ماڻهو ۾ سچ تڏهن ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن ھو تجربي، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي عمل ۾ حصو وٺي ٿو. اھو “سچ” مخلوقي ۽ تجربي سان جڙيل آھي، نڪي ڪن فني فارمولن سان.
گئڊانر، هائيڊگر ۽ هرمنيوٽڪس جي تاريخي ارتقا
هرمنيوٽڪس (Hermeneutics) جي فڪر جو بنياد اصل ۾ بائيبل جي تشريح لاءِ رکيو ويو، پر پوءِ ان کي فلسفي ۾ “سمجھڻ جي نظريي” طور استعمال ڪيو ويو.
شلائرمائخر (Schleiermacher) ۽ ڊلٿي (Dilthey) ان کي انساني علمن ۾ آندو، جنهن لاءِ ڊلٿي جو چوڻ هو ته انسان کي سمجهڻ لاءِ ماضي، تاريخ ۽ تجربي سان لاڳاپو ھجڻ ضروري آھي.
مارٽن هائيڊگر (Heidegger) ان فڪر کي نئون رخ ڏنو ۽ چيو ته “سمجھڻ” وجود جو بنيادي طريقو آھي. انسان جو وجود ئي “سمجھڻ” آھي.
گئڊامر ھائيڊگر جي هن وجودياتي هرمنيوٽڪس کي وڌيڪ فلسفياڻي سطح تي آندو ۽ چيو ته سمجھ سدائين هڪ “گفتگو” آھي — ماضي ۽ حال جي وچ ۾، انسان ۽ دنيا جي وچ ۾. معنيٰ گفتگوءَ مان پيدا ٿئي ٿي، نڪي ڪنهن طريقي مان.
گئڊامر جي فڪر ۾ هرمنيوٽڪس جي فقط تشريح جو فن نه رهيو، پر “انساني وجود جي حرڪت” بڻجي ويو، جيڪو پاڻ کي سمجهڻ جي عمل ۾ نروار ٿئي ٿو.

فن جي هرمنيوٽڪس (Hermeneutics of Art)
گئڊامر لاءِ فن (Art) سچ جي تجربي جو سڀ کان اهم ميدان آھي. ھو چوي ٿو ته فن جو ڪم رڳو جمالياتي خوشي پيدا ڪرڻ نه آھي، پر انسان کي سچ جي تجربي تائين رسائڻ آھي.
جڏهن ڪو ماڻهو فن جي تخليق ڏسي ٿو، مثلاً ڪا مصوري، شاعري يا موسيقي، ته اھو صرف ڏسندڙ نه پر معنيٰ جي تخليق ۾ حصو وٺندڙ بڻجي وڃي ٿو. فن جو تجربو، گئڊامر جي خيال ۾، “پراڻي ۽ نئين” جي گفتگو آھي: يعني ماضيءَ جو فن(آرٽ) جديد شعور ۾ پاڻ کي ٻيهر ظاهر ڪري ٿو.
گئڊامر لکي ٿو ته:
”فن اسان سان ڳالهائيندو آهي ۽ اسين فن سان ڳالهائيندا آهيون.“
اهو ئي “افقن جو ملاپ” آهي، جتي ڏسندڙ ۽ فن جي تخليق جي وچ ۾ هڪ جيئري گفتگو جنم وٺي ٿي، جيڪا نئين معنيٰ پيدا ڪري ٿي.
فن، گئڊامر جي فڪر ۾، سچ جو ميدان آھي، ڇاڪاڻ ته اھو انساني تجربن کي اهڙي طرح بيان ڪري ٿو، جيئن ٻيو ڪو علم نٿو ڪري سگهي.
گئڊامر مر چوي ٿو ته:
“فن جو تجربو، سچ جي ان صورت سان لاڳاپيل آھي، جيڪا انساني تجربي ۾ ظاهر ٿئي ٿي.”
فن وقت ۽ جاءِ جي حدن کان مٿانهون آھي، ڇاڪاڻ ته اھو هر دور ۾ نئين معني سان جنم وٺي ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو فن کي ڏسي ٿو، ته اھو رڳو هڪ “شئي” نٿو ڏسي، پر پاڻ کي ان ۾ ڳولي ٿو.
اهڙي طرح فن انسان ۽ سچ جي وچ ۾ رابطو بڻجي ٿو، جيڪو “طريقي” سان نه پر “شرڪت” سان حاصل ٿئي ٿو.
نتيجو
گئڊامر جو Truth and Method جديد فلسفي ۾ ھڪ زبردست تبديلي آندي. ھن جديد سائنس جي ماپ ۽ طريقن کان ٻاهر نڪري، انسان جي زنده تجربي، فن، ٻولي ۽ گفتگوءَ کي “سچ” جي سرچشمي طور پيش ڪئي.
گئڊامر لاءِ سچ، گفتگوءَ جي هڪ زنده حرڪت آھي ــ ماضي ۽ حال جي وچ ۾، پڙهندڙ ۽ متن جي وچ ۾، انسان ۽ فن جي وچ ۾.
ان ڪري گاڊامر جديد فلسفيءَ کي ٻيهر “سمجھڻ جي انساني عمل” ڏانھن واپس وٺي آيو. ھن جو فڪر اسان کي سيکاري ٿو ته سچ، ڪنهن طريقي سان نه پر انسان جي گفتگو، تجربي ۽ شعور جي شرڪت سان حاصل ٿئي ٿو.
Truth and Method دراصل ھڪ فلسفياڻي دعوت آھي ــ ته انسان ٻيهر “سمجھڻ” جي زنده روح ڏانھن موٽي اچي، جتي فن، تاريخ ۽ ٻولي سچ جي معنيٰ کي نئين روشنيءَ ۾ ظاهر ڪن ٿا.
________________

شاعر، ليکڪ ۽ نقاد نويد سنديلو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي فلسفي واري شعبي ۾ ليڪچرار آھي. ھُو فلسفي جي موضوع تي پنج ڪتابن جو ليکڪ آھي ۽ ھن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فلسفي واري شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي



