ڪير آ ڏوهي، ڪير آ ڊوهي: ديس جي مٽي، وقت جا سوال ۽ ضمير جي عدالت
اصل ڏوهي اهي آهن جيڪي اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا، پر انهن جي ڪالرن تي ڪڏهن به رت جو داغ نظر نٿو اچي
ديس سان ڊوهه ڪندڙ اهي ناهن جيڪي سرحد پار بيٺا آهن، پر اهي به آهن جيڪي هن ملڪ جي وسيلن کي اڏوهيءَ وانگر کائي رهيا آهن. اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن جو حب الوطنيءَ جا گيت ڳائين ٿا ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ هن ڌرتيءَ جي سوديبازي ڪن ٿا، اهي ئي اصل ’ڊوهي‘ آهن.
حڪيم پريم چاندواڻي
ڪير آ ڏوهي، ڪير آ ڊوهي،
ڇو ڪير ڀلا آ، ديس دروهي۔
تاريخ جي گليء ۾ جڏهن به سچ کي گهٽيو ويو آهي، تڏهن لفظن جنم ورتو آهي. شاعري رڳو قافئي ۽ رديف جي ترتيب جو نالو ناهي، پر شاعري ان دٻيل دانهن جو پڙاڏو آهي جيڪا هڪ حساس دل مان نڪري سڄي سماج جو نوحو بڻجي ويندي آهي. جڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙايون ٿا، ته ذهن جي اسڪرين تي ڪجهه سوال چٽجي بيهن ٿا۔ آخر هي معاشرو ڪهڙي رخ ۾ وڃي رهيو آهي؟!، اسان جي سماج ۾ هيرو ڪير آهي ۽ ولين ڪير آهي؟ وفادار ڪنهن کي چئجي ۽ غداريء جو تمغو ڪنهن جي سيني تي سجايل آهي؟!۔

ڏوهه ۽ ڏوهي: هڪ سماجي الميو
عام طور تي ’ڏوهي‘ ان کي چيو ويندو آهي جيڪو قانون جي لتاڙ ڪري، پر ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته ان ڏوهه جي پٺيان ڪهڙا عوامل ڪارفرما آهن؟ ڪير آ ڏوهي؟ اشارو رڳو روڊ تي ٿيندڙ ڏوهن ڏانهن ناهي، پر ان ذهني ڏوهه ڏانهن آهي جيڪو اسان کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري رهيو آهي.
ڏوهي اهو ناهي جيڪو پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ هٿ ڦهلائي ٿو، پر اصل ڏوهي اهو نظام آهي جيڪو دولت جي اڻبرابر ورڇ ڪري ٿو. اصل ڏوهي اهي آهن جيڪي اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا، پر انهن جي ڪالرن تي ڪڏهن به رت جو داغ نظر نٿو اچي. اسان اهڙي دؤر ۾ رهون ٿا جتي ڏوهاري، معزز بڻجي اسٽيج تي ويهن ٿا ۽ بي گناهه ماڻهو ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي زندگي ختم ڪري ڇڏين ٿا.
ڊوهه ۽ منافقت جي سياست
لفظ ’ڊوهي‘ (دوکيباز) تمام گهرو آهي. ڊوهه هميشه محبت ۽ اعتماد جي لباس ۾ ايندو آهي. ديس سان ڊوهه ڪندڙ اهي ناهن جيڪي سرحد پار بيٺا آهن، پر اهي به آهن جيڪي هن ملڪ جي وسيلن کي اڏوهيءَ وانگر کائي رهيا آهن. اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن جو حب الوطنيءَ جا گيت ڳائين ٿا ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ هن ڌرتيءَ جي سوديبازي ڪن ٿا، اهي ئي اصل ’ڊوهي‘ آهن.
اسان جي سنڌي سماج ۾ ’ڊوهه‘ کي هميشه نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. پر اڄڪلهه مفاد پرستي جو اهڙو طوفان آيو آهي جو ماڻهو پنهنجي ننڍڙي فائدي لاءِ قومي مقصدن کي به قربان ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿا ڪن. ڇا اهو ڊوهه ناهي ته اسين پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ تباهه ٿيل تعليمي نظام ۽ ڪرپٽ سماج تحفي ۾ ڏيون؟!۔
ديس دروهي جو تمغو ۽ حقيقت
سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ سوال اهو آهي ته ”ڇو ڪير ڀلا آ، ديس دروهي؟“. تاريخ شاهد آهي ته هن ڌرتيءَ جي سچن عاشقن کي هميشه ’ديس دروهي‘ (غدار) چيو ويو. جنهن به پنهنجي حق لاء آواز اٿاريو، جنهن به مظلوم جي حمايت ڪئي، تنهن کي وقت جي حاڪمن غداريء جو سرٽيفڪيٽ ڏنو.
* سقراط کي زهر جو پيالو پياريو ويو ڇاڪاڻ ته هو نوجوانن کي سچ سيکاريندو هو.
* منصور کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ڇاڪاڻ ته هن عشق جو اظهار ڪيو.
* شاهه عنايت شهيد کي غدار چيو ويو ڇاڪاڻ ته هن ”جوکيڙي سو کائي“ جو نعرو هنيو.
حقيقت ۾، ديس دروهي اهو ناهي جيڪو نظام جي غلطين تي تنقيد ڪري، پر ديس دروهي اهو آهي جيڪو ديس جي عوام کي بک، جهالت ۽ بيماريءَ جي ور چاڙهي، پاڻ محلن ۾ ويهي عيش ڪري.
ضمير جي عدالت ۾ پيشي
اسان کي هاڻي ٻين تي آڱر کڻڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻي پوندي. اسين پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون؟!، جڏهن اسين پنهنجي ٻوليءَ سان بيوفائي ڪريون ٿا، جڏهن اسين پنهنجي تهذيب کي وساري غيرن جي تقليد ڪريون ٿا، جڏهن اسين سچ ڏسي به خاموش رهون ٿا، ته ڇا اسين به انهن ’ڊوهين‘ جي فهرست ۾ شامل ناهيون ٿي ويندا؟۔
هي شعر هڪ انتباھہ آهي، هڪ جاڳرتا آهي. هي اسان کي اها دعوت ڏئي ٿو ته اسين نقاب پوشن کي سڃاڻون. اسان کي اهڙو سماج گهرجي جتي سچي کي سچو ۽ ڏوهيء کي ڏوهي چوڻ جي جرئت هجي. جتي وطن سان محبت جو مطلب رڳو زمين جو ٽڪر نه، پر ان تي رهندڙ انسانن جي عزت ۽ خوشحالي هجي.
شعر جا اهي لفظ رڳو شاعري ناهن پر هڪ گهري سماجي تشخيص آهن. اسان کي ضرورت آهي هڪ اهڙي نئين عهد جي، جتي انصاف رڳو ڪتابن ۾ نه پر عمل ۾ هجي. جتي ڪو به پنهنجي وطن ۾ اجنبي نه بڻجي ۽ جتي ڪو به سچو انسان ’ديس دروهي‘ جي تهمت هيٺ نه اچي.
ديس ان وقت عظيم بڻجندو آهي جڏهن ان جا رهواسي ڊوهه ۽ ڏوهه کان پاڪ ٿي، هڪ ٻئي جي درد کي پنهنجو درد سمجهندا آهن. اچو ته عهد ڪريون ته اسين پنهنجي عمل سان ثابت ڪنداسين ته اسين هن ڌرتيءَ جا سچا وارث آهيون، نه ڪي ڊوهي آهيون۔
حقيقت کي، حقيقت مڃجي،
نڪي تاويلن تي، ڏاڍ ڪجي۔
حق جي مرندا، ڏوهي وڌندا،
ڏوهي وڌي پوءِ، وحشي ٿيندا۔
لالچ شخصيت جي، دشمن آهي،
پڪ ڳالھہ اھا، روز روشن آھي۔
____________
حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو



