Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

برساتي پاڻيءَ جا لنگھ بند ڪندو ته ضرور ٻُڏندو

انگريزن جي زماني ۾ ڪراچيءَ شھر اندر برساتي وھڪرن جي سروي ڪري پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالا تعمير ڪيا ويا پر انھن سڀني نالن مٿان نہ رُڳو عمارتون اڏيون ويون پر انھن کي گند سان بہ ڀريو ويو

اُردو بازار، سنڌ سيڪريٽريٽ جون ڪجھ عمارتون، آرٽس ڪائونسل ۽ قومي عجائب گھر جي وچ ۾ پارڪنگ ايريا جھڙيون وڏي تعداد ۾ اڏاوتون برساتي نالن جي مٿان ٺھيل اھن     

نصير اعجاز

برطانوي بيٺڪي راڄ جي عملدارن ڪراچيءَ ۾ برساتي پاڻيءَ جي وهڪرن جي لنگھن جي سروي ڪري انھيءَ حساب سان شھر ۾ مختلف ھنڌن تي برساتي نالا Storm water drains تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ شھر جي مکيه رستن جي اڏاوت به اھڙي ڪئي جو برسات جو پاڻي رستن تي گڏ نه ٿئي. رستن تان پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڊرينس تعمير ڪيا ويا ھُئا. جن ماڻھن ھن شھر ۾ حياتيءَ جو وڏو حصو گزاريو ھوندو، تِن کي شھر جي مُکيہ رستن جي پاسي ۾ اُھي ڊرين ۽ ٿوري ٿوري پنڌ تي لوھي فريمن وارا ڍڪڻ بہ ياد ھوندا، جن جي وِٿين مان پاڻي وھي ڊرين ۾ ھليو ويندو ھو.   

اسان جي ڪارن انگريزن اھو سمورو سرشتو برباد ڪري ڇڏيو. ھندستان توڙي ملڪ جي ٻين صوبن مان آيل ماڻھن برساتي نالن تي به قبضو ڪري اڏاوتون ٺاھي ڇڏيون. انھن ڊرينس جو ڪم برساتي پاڻيءَ کي رستو ڏئي سمنڊ ڏانھن نيڪال ڪرڻ ھو پر ڪارن انگريزن مٿن اڏاوتون ٺاھڻ سان گڏ انھن نالن کي گندي پاڻيءَ جي نالن ۾ تبديل ڪري ھر قسم جو گند وجھڻ شروع ڪيو. تصور ڪريو ته اٺھتر ورھين جي گند سان ڀريل برساتي نالا ڪيئن شديد برساتن جي پاڻيءَ کي نيڪال ڪري سگھندا.

توھان شھر جي انھن سمورن برساتي نالن جو جائزو وٺندو تہ سڀ ڪجھ پڌرو ٿي ويندو. مان ھتي صرف ھڪ برساتي نالي جو مثال ڏيندس. ھي اھو نالو آھي جنھن جي مٿان سموري اردو بازار جي اڏاوت ٿيل آھي. نوي واري ڏهاڪي ۾، شھر جي گند گڏ ٿين سبب ان نالي اندر ايتريون گئسون ٺھيون ھيون جو ھڪ ڏينھن ڌماڪي سان ڦاٽيون ۽ اردو بازار جا ڪيترائي دڪان تباھ ٿي ويا ھئا. پر ڪنھن سبق ڪونه سکيو ۽ وري اتي دڪان تعمير ٿي ويا.  مونکي اھو وقعو انھيءَ ڪري بہ ياد آھي جو يونس آرائينءَ نالي ھڪ انجنيئر دوست، جنھن جو تعلق مورو شھر سان ھو، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو چيف انجنيئر مقرر ٿيو تہ ھُن انھن برساتي نالن جو جائزو ورتو ۽ ھڪ ڏينھن مونکي چيائين: اُردو بازار ھڪ بم جي مٿان ٺھيل آھي. ڏسجانءِ ڪنھن ڏينھن ان برساتي نالي اندر گئسون ڌماڪي سان ڦاٽنديون.“ ٿوري وقت کانپوءِ بلڪل ايئن ئي ٿيو.  

اڃان اڳتي ايندو ته سنڌ سيڪريٽريٽ (تغلق ھائوس) جي ايڪسٽينشن ڪري تعمير ڪيل عمارت به ان ساڳئي برساتي نالي تي ٿيل آھي ۽ اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ (ھاڻي سنڌ سيڪريٽريٽ جو حصو) توڙي آرٽس ڪائونسل ۽ نيشنل ميوزيم جي وچ ۾ ٺھيل پارڪنگ به ان نالي مٿان ٺھيل آھن. جيڪڏھن ڪير سروي ڪندو ته ھن برساتي نالي جي منڍ کان پڇڙي تائين اڏاوتون ئي نظر اينديون.  

مون سال 2000 کان 2013 تائين پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۽ پاڪستان پريس فائونديشن ۾ نوڪري ڪئي، جنھن جي افيس بلڊنگ والار ڪيل برساتي نالي تي تعمير ٿيل تُغلق ھائوس جي انيڪسي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي نئين بلڊنگ وچ ۾ آھي. اھا بلڊنگ بہ دھليءَ جي پناھگير صھافي معظم عليءَ زمين جي انھيءَ ٽُڪر تي پنجاھ واري ڏھاڪي جي اوائل ۾ قبضو ڪري تعمير ڪرائي ھئي، جنھن زمين جا ڪاڳر پٽ بہ مالڪن وٽ ناھن. انھن تيرھن چوڏھن ورھين ۾ ھر سال نئين سنڌ سيڪريٽريٽ، تغلق ھائوس ۽ پاڪستان پريس انٽرنيشنل جي اڳيان توڙي پُٺيان جو سمورو علائقو ايترو تہ ٻُڏل ھوندو ھو جو پاڻي بلڊنگ جي اندر ڏاڪڻ تائين اچي ويندو ھو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ آڏو ڪبوتر چورنگي توڙي سنڌ اسيمبليءَ وارو سمورو رستو ٽن چئن ڏينھن تائين ٻُڏل ھوندو ھو. ڪلھ 19 آگسٽ تي بہ برسات جا اُتي ساڳيا رنگ نظر آيا ۽ سرڪاري ملازم پنھنجي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل گاڏيون ڇڏي پنڌ پاڻي جھاڳيندا ڏسڻ ۾ آيا.      

 ھاڻي ٿورو پوئتي وڃون ٿا. مون 1976 کان 1992 تائين ھلال پاڪستان اخبار ۾ نوڪريءَ دوران ھر سال لائيٽ ھائوس سئنيما کان ٽاور تائين بندر روڊ کي سمنڊ ۾ بدلجندي ڏٺو. انھيءَ ٻوڏ ۾، بيٺل موٽر ڪارون ٻيڙين جيان ترنديون پري تائين ھليون وينديون ھيون. اتي بہ لائيٽ ھائوس ۽ ڪي ايم سي جي تاريخي بلڊنگ جو وچ ۾ ھڪ برساتي نالو آھي جنھن تي پٺاڻن جي لُنڊا بازار قائم آھي، ھيڏانھن رام باغ تائين ۽ اڳتي بہ ان ڊرين تي اڏاوتون آھن. 

مون تہ پنھنجي اکين  سان گلشن اقبال ۾ ھڪ برساتي نالي تي جماعت اسلاميءَ جي ھڪ ٽائون ميونسپل چيئرمن کي قبضو ڪري ڊزن کان وڌيڪ ڊپليڪس ٽائيپ گھر تعمير ڪرائيندي ڏٺو جيڪي اڄ به موجود آهن ۽ ھڪ ھڪ ڊپليڪس جي قيمت ڪروڙين رپيا آھي.

توھان ڏسندو تہ خُود دفاعي ادارن بہ وسان ڪونہ گھٽايو آھي. شاھراھ فيصل جي ٻنھي پاسن کان اڪثر ھنڌن تي سندن تجارتي ۽ رھائشي عمارتون آھن جن مان کوڙ برساتي پاڻيءَ جا لنگھ بند ڪري تعمير ڪيون ويون آھن. تازي برسات انھن کي بہ وائکو ڪري ڇڏيو آھي.

لياري ۽ ملير ندين تي والار جي تہ سڀني کي خبر آھي. پنجاب ۽ ٻين صوبن مان غريب، پيشيور فقير ۽ قبضي گيرن ٻنھي بدين جي ٻنھي ڪنڌين تي ڪلوميٽرن ۾ والار ڪئي آھي. لياري ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ اربين رُپيا معاوضو ۽ متبادل پلاٽ ڏئي کين اُٿاريو ويو پر ٿوريوقت اندر وري قبضا شروع ٿي ويا. رھي سھي ڪسر ڪراچيءَ ورھين کان شروع ڪيل اورينج لائين ۽ ريڊ لائين جھڙين رٿائن پوري ڪري ڇڏي آھي جنھن جي ڪري سمورو شھر کوٽيو پيو آھي. ھنن برساتن ۾ تہ انھن کوٽيل ھنڌن تي وڏيون ڍنڍون ٺھي ويون آھن.    

ھي سڀ ڪجھ لکڻ جو مقصد اھو ٻڌائڻ آھي ته برساتي پاڻيءَ جا لنگھ بند ڪندو ته شھر ضرور ٻڏندو. برساتي پاڻيءَ جي لنگھن تان قبضا ختم ڪرائڻ لازمي آھي تہ جيئن شھر کي ھر سال ٻُڏڻ کان بچائي سگھجي. شھر ٻڏڻ جو ٻيو ڪارڻ آهي ڪامورن جي مالي ڪرپشن جيڪي سمورو سال فنڊ ھڙپ ڪندا رھن ٿا ۽ برساتي نالن کي صاف نه ٿا ڪرائن. جڏھن مينھن شروع ٿين ٿا تہ وري سندن ڪمائيءَ جي موسم شروع ٿئي ٿي ۽ چاليھ پنجاھ ڪروڙ حڪومت کان جاري ڪرائي کائيو وڃن ۽ ڪم ذرو به نه ٿا ڪن. جيڪڏھن سڄو سال باقاعدگيءَ سان برساتي نالن جي صفائي ٿيندي رھي، شھر جي رستن جي تعمير پاڻيءَ جي نيڪال وارين ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃي، تہ وڏو فرق اچي ويندو. ھي ساڳيا فارمولا سنڌ جي ٻين شھرن سان بہ لاڳو ٿين گھرجن ڇو تہ ڪراچيءَ لاءِ تہ ھرڪو دانھن ڪُوڪ ڪري ٿو پر سنڌ جا باقي شھر ۽ وستيون واھڻ بيوس ۽ لاچار ڏسندا رھجي ٿا وڃن. انھن جي ٻُڏڻ جا ڪارڻ بہ پاڻيءَ جي لنگھن تي والار، ڊرينيج سرشتو نہ ھجڻ ۽ ڪامورن جي ڪرپشن آھن.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. Red salute to Ada Nasir Aijaz for giving such a valuable information through this article.Very kind.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button