جاگيرداريءَ جو جديد رُوپ: ٽيڪنالاجي طاقتور طبقن کي وڌيڪ سگھارو ڪري سگهي ٿي
سماجي ڏاها چون ٿا، هاڻي وڏيرا شاهي رڳو زمينن تائين محدود ناهي رهي. ان جون نيون صورتون پيدا ٿي به پيون آهن ۽ ڄاڻي ٻجهي ڪيون به ويون آهن، هڪڙا سياسي وڏيرا جيڪي خاندانن ۽ نسلن تائين اقتدار ۾ آهن، هڪڙا معاشي وڏيرا، جن جي هٿن ۾ دولت آهي، هڪڙا ڪارپوريٽ وڏيرا جيڪي وڏين ڪمپنين جي پاليسين تي اثر انداز ٿين ٿا، جڏهن ته قبيلائي يا سرداري نظام جيڪي سماجي ۽ سياسي اثر ذريعي ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ رکن ٿا۔

جيڪڏهن شخصيت پرستي وڌي، دولت چند هٿن ۾ وئي يا ماڻهو تنقيدي سوچ ڇڏي ڏين ته ٽيڪنالاجي طاقتور طبقن کي وڌيڪ طاقت به ڏئي سگهي ٿي. تنهنڪري سوال اهو ناهي ته “وڏيرا شاهي ختم ٿيندي يا نه؟” سوال شايد هي آهي ته ٽيڪنالاجي انساني هٿ ۾ هوندي، يا انسان ٽيڪنالاجيء جي هٿ ۾؟
حميد منگي
دنيا جا ڪجهه اٽي ۾ لوڻ برابر ترقي يافته ملڪ، جن مان جاگيرداراڻن نظامن کانپوءِ هاڻي سرمائيداراڻا نظام به آهستي آهستي موڪلاڻي ڪري رهيا آهن ۽ نئين ٽيڪنالاجي ۽ آئيڊيالاجيءَ واري دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن۔ ان جي ڀيٽ ۾ پاڻ سميت دنيا جا کوڙ سارا ملڪ، جتي اڃا جاگيراداراڻا نظام پنهنجا چنبا کوڙي غريب ماڻهن ۽ هارين جو رت ست چوسي هڏا اڇلائي، مسڪين ماروئڙن کي اڃا به ڊيڄاڙا ڏئي رهيا آهن، اهي ان جاگيرداراڻي نظام مان ڪيئن پنهنجي جند آجي ڪرائي، ٽيڪنالاجيءَ واري دئور ۾ داخل ٿي سگهندا۔ جڏهن ته اتان جون ٻهراڙيون ۽ ڳوٺ جيڪي سرمائيداراڻي نظامن کي به پوريء طرح پروڙي ناهن سگهيا، تن لاء اهو ڪيئن ممڪن هوندو، اهي نئين ٽيڪنالاجيء ۽ آئيڊيالاجيءَ واري دئور ۾ سڌيء طرح داخل ٿي فائدا حاصل ڪري سگهندا۔ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جي جواب جي ڳولها ڪرڻ موجوده دئور خاص ڪري جاگيردارڻن نظامن جبر ۾ جيئندڙ ملڪن جي ماڻهن جي پهرين ضرورت هئڻ گهرجي۔
ڪجهه ڏاها، انهيء مسئلي تي ان چين جهڙي ملڪ جا مثال ڏئي ڪي نه ڪي حل ته ضرور ٻڌائيندا۔ جنهن چين جاگيرداراڻي نظام توڙي جاپان جي غلاميءَ مان آزادي ماڻي ڪميونزم ۾ داخل ٿيو هئو، وري اتان ٽيڪنالاجي نظام ۾ داخل ٿي، ان ڏکئي سوال جو آسان جواب ڏئي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو، جيڪڏهن قومون ۽ قيادتون سچائيءَ تي اچن ته، ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون۔ پر ڇا دنيا جا اهي ملڪ يا انهن مان ڪو هڪڙو پوئتي پيل ملڪ، جيڪو هن وقت به جاگيرداراڻي نظام جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي۔ انهن جي موجوده يا ايندڙ دئور جي قيادتن ۾ مائو زي تنگ ۽ چو اين لائي جهڙيون خوبيون هونديون؟ ان جو جواب ڪنهن هڪ ماڻهوءَ وٽ ته نه هوندو پر، دنيا جي ساڃاهه وند ماڻهن کي ان ڳالهه تي گڏجي سوچڻو ضرور پوندو۔
جاگيرداراڻي سماج ۾ ”وڏيري“ نالي سان هڪ ڪرتا ڌرتا ڪردار موجود رهي ٿو ۽ سندس ڀاڙي تي رکيل ڪجهه پالتو نوڪر، جن کي ماڻهو ”ڪمدار“ چوندا آهن پر هارين لاء هوندا اهي ڀوتارن کان به وڏا ڀوتار آهن، انهن کي اڪثر اها به ڄاڻ هوندي آهي ته، سندس تر يا ڳوٺ ۾ ڇا ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، ڪير ڪهڙا ٻول ٻولي ماڻهن کي گڏ يا سندن خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ پڻ کين اهڙن ماڻهن جي علاج جي به خبر هوندي اٿن، جو وقت سر هڪ اشاري سان ان ماڻهوءَ جو اهڙو علاج ٿي ويندو آهي جو ٻيا ته رهيا پنهنجي جاء تي، خود سندس خاندان جي ڪنهن ڀاتيءَ کي به خبر ناهي پئجي سگهندي ته، آخر هيڏو وڏو ڪنڌار مڙس ڪيئن ”مري“ يا ”ڦري“ ويو۔ مطلب ته وڏيرن ۽ ڪمدارن وارا ڪردار پنهنجن پنهنجن علائقن جا وڏي ۾ وڏا نفسياتي ماهر ليکيا ويندا آهن۔
اصل ۾ وڏيري جي هاڻوڪي سياسي، سماجي حيثيت ۽ بيهڪ، ان جي اصليت کا ڪجهه مختلف آهي. اصل ۾ وڏيرو لفظ ”وڏي“ مان نڪتل لفظ آهي، جنهن جي بنيادي معني آهي، اهو معزز، تجربيڪار ۽ ذميوار ماڻهو، جيڪو پنهنجي عمر، تجربي يا سماجي حيثيت سبب ٻين ماڻهن ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت رکندو هجي. جڏهن ته انهيءَ وڏيري جا ڪم به هيٺيئن ريت هوندا هئا ته، هو ماڻهن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرارن ۽ اختلافن جو انصاف ڀريو نبيرو ڪندو هئو، ڳوٺن يا علائقي جي ڀلائيء لاءِ اڳواڻيءَ سميت ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪري، سماجي ذميواريون نڀائيندي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ، انهن ۾ اتحاد پيدا ڪندي مشڪل وقت ۾ رهنمائي ڪرڻ به شامل هوندو هئو۔ مطلڀ ته اڳ ۾ وڏيرو خدمت ڪندڙ اڳواڻ هئو، نه ڪي حڪم هلائيندڙ يا ڳوٺ ۽ ديهه جو مالڪ.
پر اڳتي هلي، جاگيرداريءَ ۽ زمينداري نظام جتي جتي به پنهنجي جڪڙ مضبوط ڪئي، اتي وڏيري لفظ واري معني به ڄڻ ته بدلجڻ لڳي. اڪثر هنڌن تي اهو وڏيرو غريبن توڙي هارين جو همدرد نه پر رڳو زميندار، طاقتور يا سياسي اثر رکندڙ شخص لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. انهيءَ ڪري هاڻي ماڻهن جي ذهنن ۾ وڏيري واري لفظ جو ”تصور“ طاقتور ۽ بالادست ٺهي ويو آهي. انهيءَ ڪري جن ماڻهن جو ڪنهن وڏيري ۾ ڪم ڦاسي ٿو، اهي نه رڳو ساڻس ملڻ لاء ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪن ٿا، پر جڏهن هو اچي ٿو، ته ماڻهو ايئن اٿي بيهندا آهن جيئن ڪورٽ ۾ جج ايندو آهي۔ انهيء سڄي بحث مان هڪ دلچسپ فڪري نقطو اهو به نڪري ٿو، ته ڇا هر وڏو ماڻهو وڏيرو هوندو آهي يا وڏيرو اهو هوندو جيڪو ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو؟ منهنجي خيال ۾ ماڻهو، اصل سنڌي روايت جي پوئين خيال ڏانهن وڌيڪ متفق هوندا.
تاريخ جا ورق اٿلائبا ته، دنيا ۾ وڏيرا شاهي ۽ زمينداراڻي بالادستيء جي شروعات، ڪنهن هڪڙي خاص هنڌ کان نه ٿي هئي، پر انساني سماج جي ارتقا سان مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ شڪلين ۾ ظاهر ٿي. جڏهن زراعت وڌي، زمينون ناڻي ۽ طاقت جو ذريعو بڻيون، تڏهن ڪجهه ماڻهن زمينن ۽ ٻين وسيلن تي قبضا ڪري اتان جي امن پسند ماڻهن تي حڪمراني ڪرڻ لڳا. تاريخي طور تي وڏيرا شاهيءَ ڪجهه اهم مرحلا طعي ڪري ئي اهو مقام حاصل ڪيو۔ قديم زماني ۾ نيولٿڪ Neolithic Revolution کان پوءِ جنهن جو مطلب آهي ته، انساني زندگيءَ ۾ اهو وڏو تبديليء وارو دور، جڏهن انسان شڪار ۽ جهنگلي خوراڪ گڏ ڪرڻ واري زندگيءَ کي الوداع ڪري، زراعت ۽ مستقل آبادين ڏانهن وڌيو. هي انقلاب لڳ ڀڳ ڏهه ٻارنهن هزار سال اڳ شروع ٿيو هو. جنهن جا اهم مقصد يا خاصيتون هيون، زراعت جي شروعات يعني انسان اناج ۽ ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪيا. جانورن جي پالنا يعني اٺ، رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ ڪڪڙيون وغيره پالي انهن جو کير ۽ ٻچا توڙي آنا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا.
جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ مستقل ڳوٺن جو قيام يعني ماڻهو گڏ رهڻ لڳا. ٽئين مرحلي ۾ اوزارن ۾ بهتري آڻيندي، وڌيڪ تيز اوزار ۽ هٿيار ٺاهيا ويا، جنهن ڪري گڏيل سماج، خاندان ۽ ڳوٺ وڌيڪ منظم ٿيڻ لڳا. هي “انقلاب” ان ڪري سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ انسان جي انهيء عمل انساني تاريخ جو رخ ئي مٽائي ڇڏيو. ان کان اڳ ماڻهو گهڻو ڪري خانه بدوشن واريء زندگي گذاريندا هئا پر ان کان پوءِ شهر، واپار، حڪومتون ۽ بعد ۾ سلطنتون وجود ۾ آيون. نيولٿڪ انقلاب انسان کي گڏيل زندگي ڏني، هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ سيکاريو ۽ سماجي ذميوارين واري نئين مرحلي ۾ داخل ڪيو، جنهن سان انساني تهذيبن جا بنياد پيا، انسان شڪار واري زندگي ڇڏي، زراعت واري ڪرت ڏانهن آيو۔ ان دئور ۾ زمين جي مالڪي اهم بڻجي وئي. قديم مصر، عراق ۽ چيني تهذيبن ۾ به بادشاهن ۽ جاگيردارن جهڙا طبقا پيدا ٿيا هئا.
يورپ اندر به وچئين دور ۾ “فيوڊل نظام” منظم ٿيو. بادشاهه وڏا زميني ٽڪرا، ها ۾ ها ملائيندڙ سردارن کي ڏيندا هئا ۽ اهي وري ننڍن جاگيردارن ۽ هارين کي زمين سان ٻڌي رکندا هئا. جڏهن ته سنڌ ۽ اوسي پاسي ۾ وڏيرا شاهي انهن دورن ۾ وڌي جڏهن عرب، ترڪ، مغل، ايرانين ۽ انگريزن سنڌ ۽ هنڌ مٿان هلائون ڪيون ۽ هتي جا حڪمران ٿي ويٺا۔ جن جن علائقن ۾ شورش هلندي هئي، انهن علائقن ۾ ڌاريا حڪمران پنهنجن همدردن کي جاگيرون ڏيڻ سان گڏ انتظامي پاور به ڏيندا هئا. مطلب ته نوآبادياتي نظامن دوران اسان جي خطي ۾ زمينداري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو. اهڙيء طرح ڪيترن ئي علائقن ۾ زمينون، ادارن جي مالڪي ۽ سياسي طاقت ڪجهه خاندانن جي هٿ ۾ ڄاڻي ٻجهي ڏني وئي ته، جيئن هو مخالفن سان منهن ڏين ۽ سندن ڪم ۾ رنڊڪ پيدا نه ڪن۔
انهيءَ کانپوء وڏيراشاهي اُڏهيءَ وانگر نه رڳو سنڌ پر اسان جي پوري خطي جي ماڻهن کي کائيندي رهي، جنهن جا هونئن ته ٻيا به ڪيترا ئي بنيادي سبب رهيا، پر خاص ڪري اتي اهڙا قانون ٺاهيا ۽ لاڳو ڪيا ويندا رهيا جيڪي وڏيرڪي نظام لاء ڪمزور هئا ۽ هارين نارين لاء حد کان وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيندا رهيا، مطلب ته ڌارين جي نوآبادياتي نظامن کانپوءِ ٻيا به جيڪي حڪمران ايندا ويا، انهن دولت ۽ هٿيارن جي طاقت ۽ ادارن جون واڳون مخصوص هٿن ۾ ڏنيون، موٽ ۾ انهن کان عام ماڻهن جي عام فهم، تعليم ۽ سياسي شعور کسڻ وارا مطالبا رکيا۔ جيڪو ڪڌو ڪم وڏيرن انهن دئورن ۾ به ڪيو ۽ هن جديد دئور ۾ به اڃا هلندڙ آهن۔ جڏهن ته دنيا ايڪويهين صديء ۾ اهڙا اهڙا ڪم ڪري رهي آهي، جن جا عام ماڻهن خواب به نه ڏٺا هئا۔
جيتوڻيڪ، اڄوڪي دنيا ۾ وڏيرا شاهيءَ جو اثر، پراڻي شڪل ۾ هر هنڌ موجود ناهي، پر ان جون ٻيون نيون شڪليون اڃا به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪٿي زميندار رڳو خاندانن جي صورت ۾ موجود آهن، ڪٿي اهي سياست جا محرڪ آهن، ڪٿي دولت ۽ ڪاروباري طاقت جي مرڪزيت جي صورت ۾ موجود رهندا پيا اچن. جنهن جا ڪجهه مثال وٺون ٿا، اسان جي ملڪ ۾ خاص طور ڪجهه ٻهراڙيء وارن علائقن ۾ وڏيرا، زميندار ۽ سياسي خاندان اڃا به مضبوط اثر رکن ٿا. زمينون، سياست ۽ سماجي طاقت ڪجهه خاندانن تائين محدود پئي رهندي اچي. هندستان ۾ به ڪيترن رياستن ۾ وڏا زميندار ۽ سياسي گهراڻا صدين کان اثرائتا ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ به قبيلائي، سرداري ۽ مقامي طاقتور شخصيتن جو اثر ڪجهه علائقن ۾ موجود آهي. ڪجهه ٻين ملڪن بابت تجزئيڪارن جو چوڻ آهي ته، دولت ۽ سياسي طاقت چند امير حلقن وٽ موجود هجڻ سبب “نئين قسم جي وڏيرا شاهي” يا اوليگارڪي جا عنصر پيدا ٿين ٿا. برازيل ۽ ميڪسيڪو جي ڪجهه زرعي علائقن ۾ به وڏا زميندار تاريخي طور اثرائتا رهيا آهن.
ڪيترائي سماجي ڏاها چون ٿا، هاڻي وڏيرا شاهي رڳو زمينن تائين محدود ناهي رهي. ان جون نيون صورتون پيدا ٿي به پيون آهن ۽ ڄاڻي ٻجهي ڪيون به ويون آهن، هڪڙا سياسي وڏيرا جيڪي خاندانن ۽ نسلن تائين اقتدار ۾ آهن، هڪڙا معاشي وڏيرا، جن جي هٿن ۾ دولت آهي، هڪڙا ڪارپوريٽ وڏيرا جيڪي وڏين ڪمپنين جي پاليسين تي اثر انداز ٿين ٿا، جڏهن ته قبيلائي يا سرداري نظام جيڪي سماجي ۽ سياسي اثر ذريعي ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ رکن ٿا۔ هتي هڪ اهم سوال اهو به اٿي ٿو ته جيڪڏهن طاقت ۽ وسيلا ٿورڙن هٿن ۾ گڏ ٿين ته ڇا برابري ۽ عالمي امن ممڪن رهندو؟ اهو سوال اڳ به بحث هيٺ رهيو آهي اڄ به بحث هيٺ آهي. جڏهن ته هيءَ به هڪ گهرو ۽ فڪري سوال آهي ته، ٽيڪنالاجي ۽ آئيڊيالاجيءَ واري دور ۾ پراڻي قسم جي وڏيرا شاهي شايد گهٽجي سگهي، پر ان جي مڪمل خاتمي جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي. ڇو ته اها پنهنجي شڪل بدلائي، نئين شڪل ۾ به اچي سگهي ٿي.
ان حوالي سان ڪجهه پهلو هي به ڏسبا ته نئين اميد جاڳي پوندي ته ٽيڪنالاجي وڏيرا شاهيءَ کي ڪمزور به ڪري سگهي ٿي، ڇو ته تعليم، انٽرنيٽ ۽ ڄاڻ عام ٿيڻ سان ماڻهن ۾ شعور وڌي سگهي ٿو. سوشل ميڊيا، ڊجيٽل رابطا طاقتور طبقي جي اثرن کي ضايع ڪري سگهن ٿا. مصنوعي ذهانت، خودڪار نظام ۽ جديد معيشت انهن جي طاقت کي گهٽائي سگهن ٿا. پر افسوس انهيء ڳالهه جو به آهي ته پراڻي دور ۾ زمين معني طاقت هئي، پر هاڻي اڪثر هنڌن تي ڄاڻ + ٽيڪنالاجي + ناڻو = طاقت ٿي پئي آهي۔ انهيء حوالي سان ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، جيڪڏهن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا ڪجهه ماڻهن يا ادارن وٽ محدود ٿي وئي ته، نئين دئور ۾ نئين قسم جي “ڊجيٽل وڏيرا شاهي” به پيدا ٿي سگهي ٿي. مثال طور وڏيون ٽيڪنالاجيون ۽ ڪمپنيون معلوماتي دنيا تي وڏو اثر رکن ٿيون. الگورٿم، ڊيٽا ۽ ميڊيا به طاقت جا اوزار بڻجي سگهن ٿا.
هاڻي پاڻ اچون ٿا، آئيڊيالاجي جي ڪردار ڏانهن جيڪڏهن مستقبل جي آئيڊيالاجي انسان دوستي، برابري ۽ عالمي سهڪار تي ٻڌل هوندي، ته وڏيرا شاهيءَ جي گنجائش گهٽ ٿيندي. “انٽرنيشنل ازم” جهڙي تصور ۾ انسان جي حيثيت خاندان يا قبيلن کان مٿي تعليم سڀني لاءِ، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ٿي ته وڏيرا شاهيءَ کي جاءِ گهٽ ملي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن شخصيت پرستي وڌي، دولت چند هٿن ۾ وئي يا ماڻهو تنقيدي سوچ ڇڏي ڏين ته ٽيڪنالاجي طاقتور طبقن کي وڌيڪ طاقت به ڏئي سگهي ٿي. تنهنڪري سوال اهو ناهي ته “وڏيرا شاهي ختم ٿيندي يا نه؟” سوال شايد هي آهي ته ٽيڪنالاجي انساني هٿ ۾ هوندي، يا انسان ٽيڪنالاجيء جي هٿ ۾؟
______________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو



