ڪوريا جي جديد شھري رِٿا يونگسان بين الاقوامي بزنيس ڊسٽرڪٽ جي اڏاوت شروع
نومبر جي 27 تاريخ تي رِٿا جي پيڙھ پٿر رکڻ واري تقريب ۾ سيئول جي ميئر او سي-هون چيو: ”يُونگسان رِٿا 2013 کان وٺي ھڪ ڏهاڪي تائين سردخاني ۾ پئي ھئي، پر اڄ اسان سئول لاءِ ايندڙ 100 سال جي شروعات ڪري رهيا آهيون.
سيئول
ڪوريا جي سڀ کان وڏي شھري ترقياتي رِٿا يونگسان بين الاقوامي بزنس ڊسٽرڪٽ (Yongsan International Business District) جي باقاعدي تعمير شروع ٿي وئي آهي.

نومبر جي 27 تاريخ تي رِٿا جي پيڙھ پٿر رکڻ واري تقريب دوران سئول جي ميئر او سي-هون چيو: ”يُونگسان رِٿا 2013 کان وٺي ھڪ ڏهاڪي تائين سردخاني ۾ پئي ھئي، پر اڄ اسان سئول لاءِ ايندڙ 100 سال جي شروعات ڪري رهيا آهيون. هيءَ ميگا ترقياتي رِٿا، جنھن تي51 کرب وون سيڙپ ٿيندي، انھيءَ ۾ ايندڙ وقت کي نظر ۾ رکندي اھڙو شھري ڍانچو تيار ڪيو ويندو جنھن ۾ 6,000 رهائش يونٽن جي فراهمي ۽ وندر جون جديد سھولتون ھڪ ھنڌ ميسر ھونديون، ۽ انھيءَ سان يُونگسان سيئول کي دنيا سان چٽاڀيٽيءَ جي نئين سطح تي وٺي ويندو.“
اڳوڻي يونگسان ٽرين ڊپوءَ جي وسيع خالي ميدان تي، جيڪو ھڪ ڏهاڪي کان غير فعال رهيو، ميئر او بار بار چيو: “اسين اهو سڀ ڪجھ ڪري ڏيکارينداسين. اسين ھن عظين رٿا کي مڪمل ڪنداسين.“

اصل ۾ ھِن رِٿا جي ابتدا 2007 کان ٿي ھئي جڏھن ميئر او جي “هان ندي رنائزنس“ پلان ھيٺ يُونگسان انٽرنيشنل بزنس ڊسٽرڪٽ وارو سيئول ۾ سڀ کان وڏي شهري ترقياتي منصوبي وارو تصور ڏنو ويو. پر 2008 جي عالمي مالي بحران ۽ بعد ۾ جائيداد مارڪيٽ جي منديءَ ترقي کي روڪيو جنهن سبب انھيءَ جي اڏاوت لاءَ ھڪ بيلچو بہ نہ ھلي سگھيو ۽ 2013 ۾ منصوبو منسوخ ٿي ويو. 2022 ۾ واپس آيل ميئر او رسمي طور منصوبي جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو.
ھن عظين رِٿا وارو علائقو 456،000 چورس ميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آهي جتي گلوبل اسٽريٽجڪ متڪز قائم ڪرڻو آهي جنھن ۾ ڪاروبار، واپار، ثقافت، تفريح، ۽ رهائش جون سڀ جديد سھولتون گڏ ٿينديون.

ماضيءَ جي ڀيٽ ۾، جڏھن گذريل خانگي ڊيولپرز مختلف طريقن سان، زمين وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ھاڻي انھيءَ منصوبي ۾ عوامي ادارن جهڙوڪ ڪوريل (KORAIL) ۽ سول هائوسنگ ۽ ڪميونٽيز ڪارپوريشن (SH) جو وڏو حصو ھوندو. عوامي شعبو زمين ۽ انفراسٽرڪچر کي تيار ڪرڻ لاءِ تقريبا 12 کرب وون جي سيڙپ ڪندو، جنھن کان پوءِ خانگي ڊولپرز زمين جا پلاٽ خريدڪندا. هن طريقيڪار کي مالي خطري کي گهٽائڻ سان گڏ مجموعي استحڪام وڌائڻ جي طور تي ڏٺو پيو وڃي. زمين جا پلاٽ ايندڙ سال جي ٻئي اڌ ۾ وڪرو ٿيڻ جي اميد آهي.
پروجيڪٽ جو تصور هڪڙو ”ڪمپيڪٽ سٽي“ ٺاهڻ جو آهي، جتي ڪم، رهائش، تفريح، ۽ ثقافتي ڪردار هڪ ئي علائقي ۾ مرڪوز هوندا ته جيئن روزاني واريون سرگرميون تيز ٿين ۽ ماڻھوھن علائقي ۾ پنڌ ئي پنڌ اچي وڃي سگھي.
_____________
The AsiaN ڪوريائي ٻولي واري ايڊيشن جي ٿورن سان



