Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سوڀ جو سفر: پُرامن ۽ پُرتشدد فتحن جو تاريخي توڙي فڪري فلسفو

جيڪڏهن فتح انصاف، عوامي رضا، علم ۽ اخلاقي اصولن تي ٻڌل هوندي، ته ان جو اثر ڊگهي عرصي تائين هوندو آهي۔ ماڻهو مطمئن هجن ته فتح مضبوط رهي ٿي، جيڪڏهن ماڻهو دٻاءُ هيٺ هجن ته بغاوت پيدا ٿيندي آهي۔ جڏهن ته فتح کي قائم رکڻ لاء صرف جنگي طاقت ڪافي ناهي۔ ان لاء معيشت، تعليم ۽ ادارا به فتح جي جٽاءَ لاءِ اهم هوندا آهن۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

سوڀ ماڻڻ يا فتح حاصل ڪرڻ وارو تصور تڏهن جڙندو آهي، جڏهن ڪنهن منزل جو تعين ٿيل هجي، ان تائين پهچڻ لاء رستي جي نشاندهي ٿيل ۽ رستن ۾ رڪاوٽن جا نقشا نڪتل هجن، جڏهن ته منزلن تائين پهچڻ لاء وقت جو ڪاٿو به ڪارائتو عمل هجي ٿو، ڇو ته جيسيتائين مختلف حالتن ۾ پاليسين جي وقت جو تعين نه ٿيندو تيسيتائين، رفتار گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي ۽ منزلون ته کڻي پنهنجي جاء تي بيٺل هونديون پر، پانڌيئڙا رستن تي پيا رلندا وتندا يا ڪي ڀٽڪي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙجي ويندا۔ هتي هڪ ٻي الميي جي ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي، اڪثر قيادتون شروع ۾ ئي ڪارڪنن کي ڊيڄارينديون آهن ته ”سوڀون سِرُ گهرنديون آهن“. جڏهن ڪا منزل چڱيء طرح طئہ ٿيل نه هجي، رستن جي مڪمل نشاندهي به ٿيل نه هجي، ورن وڪڙن جي مڪمل آگاهي به نه هجي، رستن تي هلڻ جو ڪو سامان به نه هجي ۽ مٿان وري نون ڪارڪنن کي ”سوڀون سر گهرن“ جا محاورا گهڙي کين ڊيڄاريو وڃي ته، پوء منزلن تي پهچڻ واري سوچ ڪيئن پڪي پختي ٿيندي يا سوڀون ڪيئن ماڻي سگهبيون۔ اصل ۾ اهڙيء صورت ۾ منزل تي پهچڻ جو خواب اڌورو ئي لڳندو آهي۔ چوڻ جو مقصد هي آهي ته، اڳ ۾ منزلون طئي ٿيڻ گهرجن، پوء ئي انهن تائين پهچڻ تي خوشي به ٿيندي آهي ۽ نه پهچڻ جو ڏک به ٿيندو۔

انسان جي کٽڻ ۽ هارائڻ جي شروعات واري تاريخي ڄاڻ ورلي ڪنهن کي هجي، جو ان وقت نه ڪو ڪاڳر ۽ قلم هو ۽ نه ئي ڪو لکندڙ۔ ها البته ڪجهه اندازا لڳائي ڏٺا ويا آهن، جنهن مان هيٺيان وچور سمجهه ۾ اچن ٿا۔ انسان جي کٽڻ ۽ هارائڻ جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن انسان پنهنجن ڪٽنبن، نسلن جي بقا يا گڏيل انساني مفادن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي۔ هتي اهو به واضع ڪندا هلون ته، سوڀ حاصل ڪرڻ جو مطلب رڳو ويڙهه يا جنگي ڪاميابي ناهي، فطرت جي مختلف خطري وارين شين يا انهن جي منفي عملن تي ضابطا آڻڻ، انهن مان فائدا وٺڻ ۽ نقصان گهٽ کان گهٽ ڪرڻ، عقل جي بنياد تي پنهنجن ۽ ٻين جي مفاد ۾ علم حاصل ڪرڻ، ان ۾ وقت سان گڏ واڌ آڻڻ، انساني مفادن لاء نون هنڌن توڙي علائقن جي ڳولا ڪرڻ ۽ اتي سماجي جوڙجڪ ڪرڻ به، انساني سوڀن جو حصو رهيو آهي۔

هونئن ته سوڀن جا ڪيترا ئي قسم هوندا پر پاڻ هتي ٻن قسمن جو ذڪر ڪيون ٿا، هڪ پرامن سوڀ، ٻي پرتشدد۔ تاريخ مان شاهدي ملي ٿي، انسان آڳاٽي دئور ۾ سوڀ جي ابتدا پرامن طريقي سان ڪئي، ان جي پهرين وڏي سوڀ شايد ”باهه“ تي ضابطو آڻڻ واري هئي۔ جنهن سان هو کاڌو پچائڻ، راتين جو جهنگلي جانورن کان بچاءُ ڪرڻ ۽ باهه جي آسري ٿڌن علائقن ۾ رهڻ لائق ٿيو، جنهن سان انساني سماجن ترقيءَ ڏانهن پهرين وک وڌائي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان جي ٻي وڏي سوڀ اوزارن جي ايجاد هئي، اڳ ۾ ڪاٺ، پوء پٿر ۽ لوهه سميت ٻين ڌاتن جا اوزار ۽ هٿيار ٺاهڻ سکيا۔ جنهن سبب انسان لاء شڪار به آسان ٿيو ۽ زمين کوٽي ان مان اناج اپائڻ ۽ گهرن، واپاري هنڌن جي اڏاوتن ڪرڻ وارا ڪم ممڪن ٿيا ۽ پڻ، انسان ٻين جاندارن تي برتري به حاصل ڪئي۔ جڏهن انسان شڪار واري زندگيءَ مان نڪري پوک ۽ مالداري ڏانهن لاڙو رکيو، تڏهن انساني سماجن ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي۔ اهو هئو “زرعي انقلاب” جيڪو اڳتي هلي، انساني تهذيبن جو بنياد بڻيو۔ ان سان ڳوٺ وجود ۾ آيا، اناجن جا ذخيرا گڏ ٿيا، شين جا واپار شروع ٿيا، ڪمن ۽ پورهين ۾ نواڻ آئي، ڳوٺن مان شهر، شهرن مان رياستون ۽ رياستن مان سلطنتن جي شروعات ٿي۔

انسان جي ٽئين وڏي پرامن سوڀ، مختلف ٻولين جا بنياد ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي پهريان زباني طور تي استعال ٿيا ۽ پوء لکتون بڻيا۔ ٻولين جي ايجاد سان انسان کي هڪٻئي جي ڳالهين توڙي خيالن کي آسانيء سان سمجهڻ ۾ مدد ملي۔ جڏهن ته لکت جي فن حاصل ڪرڻ کانپوء تاريخون مرتب ۽ محفوظ ٿيڻ جي شروعات ٿي۔ علم جيڪو شروعاتي دئور ۾ انتهائي محدود هئو، اهو به نسل در نسل، منتقل ٿيندو ۽ ترقي ڪندو رهيو، جنهن تحت وقت گذرڻ سان قاعدا، قانون، ضابطا، نظريا، فڪر، فلسفا ۽ ادب سميت ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شيون پيدا ٿيون، جن انسانن کي وڌيڪ سمجهدار بڻايو ۽ ڄاڻ جو وڏو ذريعو ٿي پيو۔ اڄ جيڪا دنيا مختلف شعبن اندر بيپناهه ترقي ڪندي نظر اچي پئي، ان ۾ مختلف ٻولين ۽ ان جي لکتن جو وڏو حصو آهي۔

پر هتي افسوس سان اهو به لکڻو ٿو پوي ته، اتفاق سان انسان جي چوٿين وڏي سوڀ پرامن نه رهي، اها ننڍن ننڍن جهيڙن، ويڙهين کان اڳتي وڌندي، وڏين وڏين جنگين جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پئي، جيڪو عمل صديون گذرڻ باوجود اڃا تائين هلندڙ آهي، جنهن ۾ ايتريون ته انساني جانيون ضايع ٻڌايون وڃن ٿيون، جو ايترا ماڻهو شايد فطرت ۾ طبي طور تي به نه مئا هوندا جيترا انساني جهيڙن ۽ جنگين ۾ مارجي ويا آهن۔ اها حقيقت رهي آهي ته، انسان هر دئور ۾ پاڻ جهڙن سان گڏ رهيو به آهي، هڪ ٻئي جي مدد به ڪندو آيو آهي ته، وري ننڍن وڏن مامرن تي وڙهندو، مرندو ۽ ماريندو به رهيو آهي، انهيء وچ ۾ ڪيترا ئي پيغمبر، سنت، پوپ، فلسفي، مفڪر ۽ ڏاها، امن جا درس ڏيندا رهيا پر انهيء باوجود انسان بهانا گهڙي لڳاتار وڙهندو رهيو آهي۔ انهيء حوالي هتي ان جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي۔

جڏهن ڪٽنبن، قبيلن، نسلن، شهرن، رياستن ۽ سماجن جا وجود مضبوط ٿيا، تڏهن ڪجهه قبضا گير ۽ مفت جي مال تي زندگيون گذارڻ جا هيراڪ ٻين جي مال متاع، زمينن، قيمتي شين ۽ وسيلن تي قبظا ڪرڻ لاء جهيڙا توڙي جنگيون ڪرڻ لڳا۔ انهن جهيڙن ۽ جنگين ۾ جيڪي ذهني ۽ جسماني طور سگها نسل هئا، اهي فتحون حاصل ڪندا رهيا، جڏهن ته سست، ڪاهل، ڊڄڻن نسلن جي ماڻهن جي نصيبن ۾ شڪستون لکبيون رهيون۔ هتي اهو به لکندا هلون ته شڪست کاڌل سڀئي نسل ڊڄڻا ۽ سست نه هئا، انهن ۾ کوڙ اهڙا نسل به هئا، جيڪي حقيقي معني ۾ امن پسند هئا، انهن جي خمير ۾ جهيڙي جهڙي جي ڪا به گندي عادت نه هئي، بلڪل ايئن جيئن فطرت اندر جانورن ۾ رڳو شينهن، پکين مان رڳو باز، سڪي ۽ پاڻيء ۾ صرف واڳونء توڙي جيت جڻن ۾ نانگ ۽ وڇون کانسواء باقي ٻيا سڀئي ساهوارا امن پسند هجن ٿا۔

بهرحال، انسان جي پرتشدد وارين سوڀن سان بادشاهتن مان سلطنتون ته ٺهيون، سماجن به واڌ ڪئي ۽ واپار پڻ وڌيا، پر ساڳئي ئي وقت تي ظلمن، غلامين، تباهين، بربادين ۾ به واڌ آئي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٿورڙن ماڻهن ساڳي ئي سماج ۾ رهندي عوام جي اڪثريت مٿان ظلم ڪندي، ماڻهپو ڇڏي جهنگلي ۽ حيواني دئورن جا عمل دهرائڻ شروع ڪيا۔ جڏهن انسان جا ٻين مٿان ظلم وڌيا، تڏهن حساس دل انسانن جي ڪجهه تعداد محسوس ڪيو ته، سوڀ رڳو لٺ باٺن، تيرن، تلوارن، بندوقن ۽ بمن سان نه، پر پرامن طريقي سان به حاصل ڪري سگهجي ٿي۔ اهڙيء سوچ پيدا ٿيڻ کان پوء انسان جي انهيء پرامن تعداد سائنسي، طبي، بجلي، ڇپائي ۽ ٻين هنرن جي حوالي سان تحقيقون ڪندي ۽ ترقيون ڪري، جديد فني ۽ مهارتي فتحون حاصل ڪري ڄڻ ته ٻين کي سبق ڏنا، پر انساني رت پياڪ اڄ تائين ويڙهن ۽ جهيڙن ۾ ئي پنهنجون سوڀون ڳولهڻ ۾ ئي مصروف آهن۔

انساني فتحن جي تاريخ ۾، اخلاقي حوالي سان هڪ سوال، سدائين بحث جو موضوع رهيو آهي ته، ڇا ويڙهه جهيڙ واري سوڀ سان ماڻهو طاقتور ٿين ٿا يا امن واري عمل سان انسانيت واڌ ويجهه کائي ٿي؟ انهيء سلسلي ۾ امن پسند مفڪرن جو ته خيال رهيو آهي، جنگين ۽ جهيڙن ذريعي حاصل ڪيل سوڀون عارضي هونديون آهن، ان جي ڀيٽ ۾ علم، اخلاق، ڪردار ۽ انسانيت واري سوڀ دائمي ٿئي ٿي۔ جيتوڻيڪ اهڙو خيال عالمي امن واري سوچ سان سلهاڙيل رهيو آهي، جتي انسان جو اصل مقصد ٻين تي غلبو حاصل ڪري کين غلام ڪرڻ نه، پر انهن جي گڏيل ترقي ۽ امن ۾ هجي ٿو۔ سوڀون حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخ ۾ مختلف نسلن، قومن جي اڳواڻن پنهنجين پنهنجين حالتن مطابق ڪئي حڪمت عملين تي عمل ڪيو پر، سوڀ جو مفهوم ان حوالي سان مختلف ئي رهيو آهي۔

جن وٽ سوڀ جو مقصد صرف طاقت حاصل ڪرڻ رهيو، اتي حڪمت عملي صرف هڪ ئي هئي، اها هئي مرڻ ۽ مارڻ واري۔ پر جتي گڏيل انسانن، علمن، سماجن، اڏاوتن ۽ ڀلائي ۽ امن وارا مقصد هئا، اتي حڪمت عمليون ٻيء طرح جون رهيون۔ هونئن به تعميري ۽ انسان دوست سوڀن جون حڪمت عمليون، وسيلن جي هوند، علم، شعور جي بنياد تي جڙنديون آهن، جيڪو عمل وحشين لاء مشڪل هوندو آهي، ڏٺو وڃي ته، دنيا جون وڏيون تبديليون عقل ۽ علم جي طاقت سان ئي ممڪن ٿيون آهن۔ تعليم هجي، تحقيق هجي، تنقيدي ۽ تعريفي سوچ هجي يا سچ جي ڳولا وارا عمل وقت گهرندا آهن ۽ پڻ اهي ڪنهن به سماجي سوڀ جو بنياد پڻ هوندا آهن۔

اڪيلا ماڻهو، عام موقعن تي، کڻي اڀري سڀري حال سان گذارو ڪري ويندا آهن، پر اهي خاص موقتن تي لاچار ۽ مجبور هجڻ سان گڏ، ڪمن جو اڪلاء به محدود ڪري سگهندا آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ منظم ڪٽنب، نسل ۽ قومون وڏي طاقت بڻجي ناممڪن ڪم به ممڪن ڪري ڏيکاريندا آهن۔ هونئن به ڪنهن به جدوجهد ۾ واضح منشور، نظم ۽ ضبط ۽ گڏيل ڪوششون ڪاميابيء لاءِ ضروري عمل هوندا آهن۔ جڏهن ته ٻين سان انصاف ڪرڻ، ڪم کي ايمانداريء سان نڀائڻ، ننڍيون وڏيون مشڪلاتون هڪٻئي جي مدد سان برداشت ڪري، پاڻ ۾ انسانيت وارو جذبو قائم رکڻ، اهڙيون خوبيون آهن جيڪي هڪ ته دلين ۽ ذهنن ۾ جلد جاء ٺاهينديون آهن ٻيو ته ان جا اثر دير تائين جاري رهندا آهن۔

عدم تشدد يا امن واري حڪمت عملي غربت ۽ معاشي ڪمزورين کي پوئتي ڌڪي سگهي ٿي۔ پيداواري وسيلن جي ورڇ ۽ محنت جي عزت، سماجي سوڀ لاءِ اهم آهي۔ جڏهن ته ٽيڪنالاجي، آئيڊيالاجي، سائنسي، فڪري ۽ ثقافتي اثر، ادب، موسيقي، فلسفا ۽ ميڊيا به ماڻهن جي سوچ بدلائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيترين ئي سلطنتن ۽ بادشاهتن جنگين ذريعي فتحون ته حاصل ڪيون، پر اهي جلد زوال جو شڪار به ٿيون۔ پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ سميت ٻين سمورين جنگين انسانيت کي وڏي تباهيء جي ڪناري لڳايو۔ ان ڪري جديد فڪر موجب سڀ کان وڏي فتح اها آهي، جيڪا انسان کي انسان جي ويجهو آڻي۔ انهيء لحاظ سان فڪري بيداري، عالمي تعاون ۽ اخلاقي انقلاب اهي ئي سڀ کان پائيدار حڪمت عمليون آهن ۽ اهي ئي حقيقي سوڀن سان آشنائي ڪرائي سگهن ٿا۔

انساني تاريخ ۾ “فتح” سدائين وڏي اهميت رکندي آئي آهي، ان سان انسان کي روحاني سڪون ملندو آهي، پڻ ان سان خوداعتمادي به وڌندي آهي۔ پر هتي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته هر فتح سان فائدا به ٿيندا آهن ۽ نقصان به، جن جو ڪاٿو لڳائڻ ضروري هجي ٿو، سڀ کان اڳ فتحن جي فائدن تي ڪجهه جملا لکون ٿا۔ فتحون حاصل ڪرڻ سان تهذيبن ۽ علمن ۾ واڌ ٿي، ڪيترين ئي فتحن کان پوءِ مختلف قومن جا علم، ٻوليون، فن، فڪر ۽ هنر هڪٻئي تائين پهچن ٿا۔ مختلف علمن جي ڏي وٺ سان فڪرن ۽ فلسفن کي ترقيون ملن ٿيون، ڌنڌن، واپارن ۽ رابطن ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ مختلف نسل ۽ قومون هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وڃن ٿيون، گڏيل ڪمن، ڌنڌن ۽ واپارن جا بنياد پون ٿا۔ ڪي فتحون مضبوط رياستن ۽ قانوني نظامن جي قيام جو سبب بڻجن ٿيون۔ انتظام بهتر ٿين ٿا، شهر وڌن ٿا ۽ نوان ادارا قائم ٿين ٿا۔ جڏهن ته ڪٿي ڪٿي پراڻا ظالماڻا نظام ختم ٿي، نوان نظام به سامهون اچن ٿا۔

هاڻي پاڻ اچون ٿا پرتشدد فتحن جي نقصانن تي، جيڪي فتحون جنگين ذريعي حاصل ڪيون وڃن ٿيون، انهن سبب لکين ماڻهو بيگناهه ماريا وڃن ٿا، شهر تباهه ٿين ٿا، واپارن سميت ٻيون انساني محنتون تباهه ٿين ٿيون، هار کاڌل نسلن جون سٺيون ريتون، رسمون ۽ رواج ختم ٿين ٿا۔ ڪئي نسل ۽ رياستون فتح کان پوءِ غلاميء ۾ اچي وڃن ٿيون، وسيلن جي ڦرلٽ ٿئي ٿي، هار کاڌل مقامي ماڻهن جو استحصال ٿئي ٿو۔ جنگين سان مختلف ثقافتي تباهيون ٿين ٿيون، فاتح قومون مقامي ٻولين، روايتن ۽ تهذيبن کي ختم ڪرڻ سان گڏ بغاوتن، نفرتن ۽ ڊگهن تڪرارن جو به سبب بڻجڻ ٿيون۔ جڏهن ته اخلاقي زوال پڻ اچن ٿا۔ هونئن به جڏهن فتح صرف طاقت، دولت يا ڪنهن تي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ هجي ٿي ته، انصاف ڪمزور ٿي وڃي ٿو، انسانيت پوئتي ڌڪجي ٿي ۽ معاشرا اخلاقي بحرانن ۾ داخل ٿين ٿا۔

هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته، اصل ۽ درست فتح ڪهڙي ٿئي ٿي؟ ڪيترن مفڪرن ۽ ڏاهن جو خيال آهي ته، سڀ کان وڏي فتح انسان جي پنهنجي اندر يا نفس تي فتح آهي، يعني لالچ تي ضابطو، نفرتن بدران محبتون، جنگ بدران امن ۽ ظلم بدران انصاف۔ مطلب ته اهڙي فتح جيڪا انسانيت کي ورهائي اها عارضي ليکبي ۽ اها فتح جيڪا انسانن کي گڏ رکي، اها وڌيڪ پائيدار ۽ تاريخي هوندي آهي۔ جڏهن ته ڪنهن به فتح جو جٽاءُ، يعني انجي قائم رهڻ جو عرصو، هونئن ته ڪيترن ئي عنصرن تي دارومدار رکي ٿو۔ تاريخ ٻڌائي ٿي، ڪي سوڀون ڪجهه سالن تائين ڪامياب رهيون، پر اڳتي هلي ختم ٿي ويون، جڏهن ته ڪي فڪري يا اخلاقي فتحون صدين تائين معاشرن تي اثرانداز رهيون۔

جيڪڏهن فتح انصاف، عوامي رضا، علم ۽ اخلاقي اصولن تي ٻڌل هوندي، ته ان جو اثر ڊگهي عرصي تائين هوندو آهي۔ ماڻهو مطمئن هجن ته فتح مضبوط رهي ٿي، جيڪڏهن ماڻهو دٻاءُ هيٺ هجن ته بغاوت پيدا ٿيندي آهي۔ جڏهن ته فتح کي قائم رکڻ لاء صرف جنگي طاقت ڪافي ناهي۔ ان لاء معيشت، تعليم ۽ ادارا به فتح جي جٽاءَ لاءِ اهم هوندا آهن۔ پر ان ڳالهه کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته، ڏاڍ جي ڀنياد تي قائم ڪيل فتحون آخرڪار ڪمزور ٿي وڃن ٿيون۔ تاريخ ۾ ڪيترين وڏين سلطنتن جو زوال ناانصافين ۽ لالچن سبب ٿيو۔ ان جا ٻه مثال ڏجن ٿا هڪ ”منگول فتح“ تمام تيز ۽ وڏي فوجي فتح هئي، پر اڳتي هلي اها ايترو ئي جلدي ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي۔ ٻيو مثال ڊگهي اثر واري فتح ۾ ”انقلاب فرانس“ جنهن ۾ هڪ ياسي ڪيترائي لاها چاڙها آيا، پر اتي جمهوريت، انساني حق ۽ آزاديءَ جا خيال اڄ به زنده آهن۔

هاڻي اچون ٿا فڪري فتحن جي جٽاءُ ڏانهن، سقراط کي سندس دور ۾ سزا ملي، پر ان جو فڪر هزارين سالن کان اڄ به جيئرو آهي، ان مان ثابت ٿيو ته علم، فلسفو ۽ اخلاقي قدر ڊگهو جٽاءُ رکن ٿا۔ ڪيترن ڏاهن جو خيال آهي تلوار جي ڀيٽ ۾ شعور سان حاصل ڪيل فتح وڌيڪ دائمي هوندي آهي ۽ عام دلين تي حڪمراني، علم جي روشني ۽ انصاف تي ٻڌل نظام گهڻو وقت قائم رهي سگهن ٿا۔ ڪنهن به فتح ۾ جيڪڏهن نقصان گهٽ رکڻو هجي ته حڪمتِ عملي صرف طاقت تي نه، پر عقل، انسانيت ۽ ڊگهي نظر تي ٻڌل هجڻ گهرجي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته، جتي صرف زور استعمال ٿيو، اتي تباهي وڌي ۽ جتي تدبر، انصاف ۽ ڳالهه ٻولهه اختيار ڪئي وئي، اتي نقصان گهٽ ٿيو۔ جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ نقصانن لاءِ اهم تدبيرون هي هجڻ گهرجن۔ ڳالهين ٻولهين کي اوليت ڏيڻ گهرجي۔ ٽڪرائن ۽ تڪرارن کان اڳ ڳالهين توڙي معاهدن جا رستا اختيار ڪيا وڃن، ڇو ته ڪيترائي تڪرار ۽ اختلاف ڳالهين سان حل ٿي سگهن ٿا، جنهن سان انساني جانيون بچن ٿيون، معيشت تباهه نٿي ٿئي ۽ نفرت گهٽ پيدا ٿئي ٿي۔ باقي جتي فتح جو مقصد ڦرلٽ، بدلو يا برتري هجي ٿي ته، اتي نقصان وڌندو آهي۔ جيڪڏهن مقصد ظلم ختم ڪرڻ، حق ڏيڻ يا سماجي بهتري هجي ته عوامي مزاحمت گهٽ ٿيندي۔ اصل ۾ عام ماڻهن جي تحفظ کي ترجيح ڏجي، ڪنهن به تڪرار ۾ عورتن، ٻارن، پوڙهن ۽ ٻين عام شهرين کي محفوظ رکڻ اخلاقي ذميواري به آهي۔ ڇو ته اول ته انهن جو ڪو ڏوهه به ناهي هوندو، ٻيو ته جديد عالمي قانون به ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا۔

تاريخ کي غور سان پڙهبو ته گهڻيون فتحون بغير جنگ جي به آيون آهن، جنهن ۾ تعليم، فڪر، صحافت، مواصلات، سائبس، ادب ۽ عوامي شعور جيڪي سماج بدلائڻ جا طاقتور ذريعا رهيا آهن۔ عدم تشدد ذريعي وڏيون سياسي تبديليون آيون آهن۔ بدلي کي اهميت ڏيڻ سان فتح کان پوءِ ذلت يا جبر وڌيڪ نفرت پيدا ڪندو آهي۔ پر معافي، بحالي ۽ گڏيل تعمير ڊگهي امن لاءِ تمام گهڻا اهم عمل آهن۔ جنهن جو هڪ مثال تمام گهڻين تڪليفن ۽ ڊگهي عرصي تائين جيل ڪاٽڻ باوجود نيلسن منڊيلا، ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي نفرت گهٽائڻ لاءِ مصالحت جو رستو اختيار ڪيو۔

____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button