Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

تعليمي ادارن ۾ خوف، عدم اعتماد ۽ ذاتي مفادن واريون پاليسيون ختم ٿيڻ گھرجن

جيڪڏهن تعليمي ادارا خوف، عدم اعتماد ۽ ذاتي مفادن بدران سھڪار، شفافيت ۽ سکيا دوست پاليسين کي هٿي ڏيندا، تہ استاد ۽ شاگرد جو رشتو وڌيڪ سگهارو ٿيندو.

سڪندر گلاب سومرو

اسان سڀني کي خبر آھي تہ تعليم رڳو ڪتابن کي پڙھڻ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي. اھو  اسڪول ۾ پڙھندڙ ھر ٻار جي لاءِ سندس عمر آھر هڪ اهڙي تعليمي، سماجي ۽ جذباتي عمل جو نالو آهي جيڪو استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ بااعتماد لاڳاپي کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ھڪ بنيادي ڏانءُ جو درجو پڻ رکي ٿو. جديد تعليمي تحقيقن ان ڳالھ کي ثابت ۽ چٽو ڪري ڇڏيو آهي تہ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ سگھاري، ڀروسي ۽ عزت تي ٻڌل رشتو  شاگردن جي سکيا واري عمل، ذهني اوسر ۽ شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

فوٽو يونيسيف جي ٿورن سان

ھتي ھن ڳالھ کي بہ چٽو ڪندو ھلجي تہ اسان جا اڪثر استاد، اسڪولن جون انتظاميائون ۽ مالڪ ان قسم جي تحقيقن تي نہ ڪو ڌيان ڏين ٿا ۽ نہ وري ڪو ادراڪ ئي رکن ٿا. ممڪن آ تہ ان جا ڪي ذاتي سبب بہ ھجن جيئن مالڪن پاران پنھنجيون مرضيون ھلائڻ تان ھٿ نہ کڻڻ، انتظاميا ۾ شامل ڪجھ فردن کي اھو خوف تہ متان اسان مان ڪو اڳتي اچي ڪرسي والاري ۽ ساڳي طرح سان استادن کي اھو ڊپ تہ متان ڪو ھوشيار ۽ جديد طور طريقن سان پڙھائڻ وارو استاد سندن نوڪري وڃائڻ جو سبب نہ بڻجي.

بيان ڪيل ڊپ توڻي جو ڪنھن حد تائين حقيقت بہ آھي پر ساڳيون حقيقتون ادارن اندر بي اعتمادين، سازشن ۽ پسند ناپسند جھڙن رجحانن کي عام ڪرڻ ۾ بہ پنھنجو ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪنديون رھن ٿيون ۽ نتيجي طور ادارن ۽ عملي جي وچ ۾ ناچاڪين جو سبب بہ بڻجن ٿيون جنھن جو آخري انجام ادارن جي ناڪاميءَ جي شڪل ۾ نڪري ٿو.

تحقيقن مطابق جن جن ڪلاسن ۾ استاد شاگردن سان شفقت، همدردي ۽ انصاف سان پيش اچن ٿا، اتي شاگردن ۾ سکڻ جي خواهش، حاضري، ڌيان ۽ محنت ڪرڻ جو لاڙو وڌيڪ پيدا ٿئي ٿو. ھي رشتو استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ اعتماد جو وڏو سبب بڻجي ٿو. ھن رشتي جي ڪري ئي شاگردن جي ڪلاسن ۾ حاضري يقيني ۽ باقائدا بڻجي وڃي ٿي. شاگرد ھر سبجيڪٽ تي وڌيڪ ڌيان تہ ڏيڻ شروع ڪن ٿا پر جن سبجيڪٽن کان ڀڄندا رھن ٿا انھن تي بہ مناسب ڌيان ڏيڻ لڳن ٿا. جيڪي شاگرد پنھنجن استادن کي مددگار ۽ ھمٿائيندڙ سمجهن ٿا تہ نتيجي ۾ اھڙن شاگردن جي خوداعتماديءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. جڏھن ھڪ ٻار جي خوداعتمادي ۾ اضافو ٿئي ٿو تہ ان جي مجموعي تعليمي ڪارڪردگي بہ بھترين نظر اچڻ لڳي ٿي.

ٻارن کي خوداعتمادي جو فائدو ھيءُ ٿئي ٿو تھ اھڙن شاگردن جي مٿان استاد، اسڪول انتظاميا ۽ پيءُ ماءُ سان گڏ، گڏ پڙھندڙ شاگرد بہ اعتبار ڪرڻ لڳن ٿا. اھڙن شاگردن جا سوين مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. توھان اڪثر ڏٺو ھوندو تہ ڪن بہ معمول جي ٽيسٽن يا ڪچن پڪن امتحانن جا نتيجا جڏھن ظاھر ڪيا ويندا آھن تہ اسڪول ۽ ڪلاس جي اڪثر شاگردن کي پڪ ھوندي آھي تہ پھرين پوزيشن فلاڻي جي ھوندي. تازن مطالعن ھن قسم جي لاڳاپن واري ڏانءَ کي ٻار جي تعليمي اوسر جي لاءِ ھڪ تعليمي ترقياتي لاڳاپو چوندي ان کي اپنائڻ تي زور ڏنو آهي.

ھن لاڳاپي ۾ پنجن بنيادي عنصرن کي شامل ڪري انھن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ زور ڏنو ويو آھي. اھي پنج عنصر ھي آھن: خيال جو اظهار؛ اڳتي وڌڻ لاءِ ھمٿائڻ؛ مدد فراهم ڪرڻ؛ بااختيار بڻائڻ ۽ نون موقعن لاءِ رهنمائي فراھم ڪرڻ. ھنن سڀني مان خاص طور تي ”اڳتي وڌڻ لاءِ ھمٿائڻ“ واري عنصر کي انتهائي اهم قرار ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ⁠ جو اسان جا اڪثر استاد جڏهن  شاگردن کان بهتر ڪارڪردگيءَ جي اميد رکن ٿا ۽ ساڳئي وقت سندن رهنمائي بہ ڪن ٿا تہ يقيني طور تي اڪثر شاگرد پنھنجي تعليمي سفر دوران اھم ۽ نمايان ڪاميابين کي حاصل ڪندي اڳتي وڌندا رھن ٿا. استاد ۽ شاگرد جو بااعتماد رشتو هڪ طرفو عمل ناهي ھوندو. اھو ياد رکڻ گھرجي. جيڪڏهن شاگرد بھترين نتيجا ڏين ٿا تہ استاد بہ انهن سان وڌيڪ ھاڪاري ۽ شفقت ڀريو رويو اختيار ڪن ٿا. ھن عمل سان اھو رشتو اڃان وڌيڪ سگھارو ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪلاس اندر هڪ دوستاڻو ماحول جڙي ٿو ۽ ادارن جي ناماچاري ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. نہ صرف ايترو پر استاد پڻ نيڪ ناميون ڪمائين ٿا. ھي رشتو ھڪ ٻار جي سکيا ۽ ڪاميابيءَ کي هٿي تہ ڏئي ئي ٿو پر ان سان استاد، ادارا ۽ والدين پڻ مطمئن ٿين ٿا.

انھيءَ جي ابتڙ، جيڪڏهن استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ تڪرار، سختي يا بي اعتمادي ھوندي تہ اھڙو عمل ھڪ شاگرد جي دلچسپي، ذهني شموليت ۽ روين تي ناڪاري اثر وجهي ٿو. ڪووڊ – 19 کانپوءِ واري دور جي تحقيق ٻڌائي ٿي تہ شاگردن کي پنھنجي تعليمي حاصلات لاءِ وڌيڪ تڪرارن کي منھن ڏيڻو پيو ۽ اھي سڀ نفسياتي دٻائن ۾ پڻ رھيا. نتيجي طور استاد ۽ شاگردن جي وچ ۾ ٿورو ڪي گھڻو جيڪو بااعتماد رشتو قائم ھو ان کي ڪافي نقصان پھتو. انھيءَ ڪري زور ھن ڳالھ تي ڏنو ويو تہ استاد ۽ شاگرد جي لاڳاپي کي نئين سر سنڀالڻ جي ضرورت آهي.

ھن ڪم جي لاءِ ضروري آهي تھ اسان جا استاد ٻارن سان ھاڪاري رابطي وارين مهارتن تي وڌيڪ ڌيان ڏين. شاگردن جي ڳالھين کي ڌيان سان ٻڌن. ھنن کي اظهار جو پورو پورو موقعو ڏين ۽ ڪلاس رومز کي سماجي طور تي محفوظ ۽ نفسياتي طور تي ٻار دوستاڻو بڻائين. ھن جو فائدو صرف ھڪ شاگرد کي نہ ٿيندو پر مجموعي طور تي استاد جي ناموس ۽ اداري جي شھرت جي لاءِ پڻ سٺو سونئڻ ثابت ٿيندو. ياد رکڻ گھرجي تہ استاد ۽ شاگرد جو صحتمند لاڳاپو نہ رڳو تعليمي ڪاميابيءَ جو ذريعو آهي، پر اهو شاگردن کي سٺو انسان بڻائڻ، سندن جذباتي سوچ سمجھ وڌائڻ ۽ سماج لاءِ ڪارآمد شهري تيار ڪرڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪندو. تنهن ڪري تعليمي پاليسين ۾ ھن قسم جي رشتي ۽ استاد جي تربيتن وارن پروگرامن ۾ هن لاڳاپي کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آھي. ھن تي بيشمار تحقيقون ٿي چڪيون آھن ۽ ٿين پيون. اسان پنھنجي ٻارن سان ڪيترا سچا ۽ پنھنجي ملڪ سان ڪيترو پيارو ڪريون ٿا؛ ثابت ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ، پنھنجن ٻارن سان سچو رھڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبھ چارو ناھي. استاد ۽ شاگرد جو مضبوط، بااعتماد ۽ احترام تي ٻڌل رشتو ڪنهن بھ صحتمند تعليمي نظام جو بنياد هوندو آهي. هي رشتو رڳو ڪلاس رومن تائين محدود ناهي ھوندو پر اهو شاگرد جي شخصيت، سوچ ويچار، روين ۽ سماجي شعور کي بہ ٺوس شڪل ڏئي ٿو. جڏهن استاد شاگردن سان همدردي، انصاف ۽ ھاڪاري رويو اختيار ڪن ٿا تہ شاگردن ۾ سکڻ جو شوق، محنت ڪرڻ جي عادت ۽ خوداعتمادي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا آخرڪار تعليمي ڪاميابيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي. اهڙي ماحول ۾ شاگرد نہ صرف امتحانن ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا، پر زندگيءَ جي عملي ميدانن ۾ بہ ذميوار ۽ بااخلاق فرد بڻجن ٿا. ساڳيي وقت، هي ذميواري رڳو استادن تي بہ نٿي وجهي سگهجي. اسڪول انتظاميا، تعليمي پاليسين ۽ والدين جو ڪردار پڻ انتهائي اھم ھوندو آھي. جيڪڏهن ادارا خوف، عدم اعتماد ۽ ذاتي مفادن بدران سھڪار، شفافيت ۽ سکيا دوست پاليسين کي هٿي ڏيندا، تہ استاد ۽ شاگرد جو رشتو وڌيڪ سگهارو ٿيندو.

______________

سڪندر گلاب سومرو ھڪ فريلانس ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button