
ليکڪ: نصير اعجاز (Nasir Aijaz)
چيف ايڊيٽر، THE AsiaN – سنڌي ايڊيشن
پڙھندڙن لاءِ پيغام
مان وڏي فخر ۽ دل جي گھراين سان توهان سان هڪ تاريخي خبر شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان. ايشيا اين
The AsiaN، جيڪو ڏکڻ ڪوريا ۾ قائم ايشيا جرنلسٽن ائسوسيشن جي ھڪ اھم ميڊيا ونگ آهي ۽
ايشين نيوز نيٽورڪ جو اهم حصو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي ويب سائيٽ جو مھورت ڪري رھيو
آھي.
اهو ڪم صرف هڪ پليٽ فارم کي توسيع ڏيڻ ناهي، پر اسان جي ٻولي، اسان جي ثقافت ۽ قوم لاءِ
هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. پھريون دفعو ڊجيٽل دنيا ۾، اسان جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ خاص جاءِ
هوندي جتي سنڌ، پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هڪ بين الاقوامي پليٽ فارم
تي پنھنجي ٻوليءَ ۾ خبرن، ثقافت، ورثي ۽ عوامي راءِ سميت مختلف موضوعن جي مواد تائين رسائي
حاصل ٿيندي. اها هڪ نئين دور جي شروعات آهي.
ڪوريا ۾ ويب سائيٽ جي سنڌي ورزن جو شروع ٿيڻ اسانجي ٻوليءَ جي اهميت ۽ ان جي ثقافتي
سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ جي علامت آهي، ۽ اهو قدم تڪڙي تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَکي زنده،
جاندار ۽ لاڳاپيل رکڻ لاءِ اسانجي گڏيل ڪوششن کي مضبوط بڻائي ٿو. هاڻي اسان وڌيڪ بھتر نموني
سان سنڌ جي ڪهاڻين، ڪاميابين، مسئلن، زندگي جي هر طبقي جا قصا ۽ نظريا عالمي سامعين تائين
ڏئي سگھون ٿا.
مان، سنڌي ورزن جي ايڊيٽر اِن چيف طور، توهان سڀني سنڌي ڳالھائيندڙن کي دل جي گھرائين سان
مبارڪون ڏيان ٿو. اھا ڪاميابي اوهان سڀني جي آهي— ليکڪن، صحافين، فنڪارن، شاگردن ۽ تعاون
ڪندڙن جي، جن اسانجي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ انتھائي محنت ڪئي. مان ٻين علائقن جي
پاڪستاني ليکڪن کي پڻ دعوت ڏيان ٿو ته هو انگريزيءَ ۾ مضمون لکن، جن ۾ اسانجي ثقافت ۽ ورثي
جا مختلف پاسا ظاهر ٿين، ۽ انهن جا ترجما سنڌي ۽ ڪورين زبان ۾ ٿين.
مان سڀني جي ھمت افزائي ڪريان ٿو ته هو هن ڪوشش ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ اسان جي تاريخي قدم
کي ڪامياب ڪن، توهانجي ڀائيواري، راءِ ۽ مواد ونڊڻ سان اسان ھن پليٽ فارم کي سنڌ جي زندگي ۽
قدرن جي اصل تصوير بڻائي سگھون ٿا. اچو ته هن موقعي کي استعمال ڪريون ۽ پنهنجي ورثي ۽
اميدن کي عالمي اسڪرين تي ڏيکاريون.
اسين گڏجي هن ڪاميابي جو جشن ملھائينداسين ۽ مستقبل ۾ سنڌ جي آواز کي سرحدن پار ٻڌڻ جو جذبو
پيدا ڪنداسين. اهو هڪ تاريخي قدم آهي، ۽ منھنجو يقين آهي ته اهو نسل در نسل ثقافتي تحريڪ کي
وڌيڪ سگھارو ڪندو.
نصير اعجاز