Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

بلوچستان جو 25 سيڪڙو نيڪال وارو پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو

بلوچستان جي ڪل نيڪال واري پاڻيءَ جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو حصو چُکي وسيلي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو حمل ڍنڍ مان گذري آر بي او ڊي ذريعي منڇر ڍنڍ تائين پهچي ٿو

ٽنڊوڄام

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ بلوچستان ايگريڪلچر ڪاليج ڪوئيٽا وچ ۾ زرعي ۽ ماحولياتي شعبي ۾ صوبائي سطح تي گڏيل تدريسي ۽ تحقيقي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنھن جو مقصد موسمي تبديلين سان ٺھڪندڙ، پائيدار زراعت، ڊراءِ لينڊ ۽ رينج لينڊ مينيجمينٽ، فارسٽرِي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ برساتي توڙي نيڪال جي پاڻي جي سائنسي بنياد تي اثرائتي استعمال جهڙن اهم چيلينجز تي گڏيل تحقيق کي ھٿي ڏيڻ آهي.

منڇر ڍنڍ، جنھن جو پاڻي زھريلي ٿي چڦڪو آھي

ان سلسلي ۾ جمعي ڏينھن معاھدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ٿي، جتي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ۽ پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق ريڪي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنھن تحت خاص طور تي بلوچستان جي ناڙي بيسن ۽ ان سان سلھاڙيل علائقن مان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ نيڪاسي واري پاڻي، قدرتي ۽ ھٿرادو نالن ۽ نئين ذريعي ايندڙ برساتي پاڻي جي ذخيرن ۽ نيڪاسي جي پاڻي کي سائنسي بنيادن تي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ جي امڪانن بابت تحقيق ڪئي ويندي. ان سان گڏ سنڌ ۾ فارسٽرِي جي واڌ ۽ بلوچستان جي سوڪھڙي واري زمين ۽ رينج لينڊ مينيجمينٽ تي گڏيل تحقيقي سرگرميون پڻ هن معاهدي جو اهم ھونديون.

تقريب کي خطاب ڪندي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته بلوچستان جي ڪل نيڪال جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو حصو چُکي وسيلي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو حمل ڍنڍ مان گذري آر بي او ڊي ذريعي منڇر ڍنڍ تائين پهچي ٿو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته نئي گاج ۽ حب ڊيم وسيلي پڻ بلوچستان مان پاڻي سنڌ ۾ اچي ٿو، جيڪو ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته ٻنهي صوبن وچ ۾ پاڻي، زراعت ۽ ماحولياتي مسئلن تي گڏيل تحقيق ۽ تعليمي سهڪار لازم بڻجي ويو آهي، هن چيو ته گذريل چند سالن اندر موسمي شدت سبب سنڌ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو پاڻي هيٺ رهيو، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ 1600 ملي ميٽر تائين برسات رڪارڊ ٿي، جيڪو موسمي تبديلي جي وڌندڙ اثرن جو چٽو مثال آهي.

وائيس چانسلر چيو ته برساتي ۽ نيڪال جي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ، محفوظ ذخيرو ڪرڻ، نيڪاسي جا بهتر نظام قائم ڪرڻ ۽ ان پاڻي کي زراعت ۾ ڪارآمد نموني استعمال ڪرڻ لاءِ گڏيل سائنسي تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي. ڊاڪٽر الطاف علي سيال وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ بلوچستان ايگريڪلچر ڪاليج جا ماهر بلوچستان ۾ ڊراءِ لينڊ ۽ رينج لينڊ مينيجمينٽ تي گڏيل تحقيق ڪندا، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجي نئين متعارف ڪرايل فارسٽرِي ڊگري پروگرام تحت سنڌ ۾ ٻيلن جي ترقي لاءِ فني ۽ تحقيقي مهارت فراهم ڪندي. معاهدي تحت فئڪلٽي ۽ گريجوئيٽس جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تحقيقي منصوبن تي پڻ عمل ڪيو ويندو.

ان موقعي تي بلوچستان ايگريڪلچر ڪاليج ڪوئيٽا جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق ريڪي چيو ته هو پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو گريجوئيٽ آهي ۽ کيس خوشي آهي ته هو پنهنجي مادرِ علمي سان قومي اهميت جي گڏيل تحقيقي منصوبي جو حصو بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ بڻائڻ ضروري آهي، خاص طور تي معاشي چيلينجز، موسمياتي تبديلي ۽ تيزي سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي جي تناظر ۾ نوجوانن کي مستقبل سان هم آهنگ تعليم ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجي جي رفتار سان گڏ مارڪيٽ جون گهرجون به تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن.

 تقريب ۾ موجود ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا گڏيل آبي ۽ ماحولياتي مسئلا سائنسي تحقيق ۽ ادارن جي گڏيل سهڪار کانسواءِ حل ٿي نٿا سگهن. هن چيو ته هي مفاهمتي يادداشت نه رڳو زرعي تحقيق کي هٿي ڏيندي، پر فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي موافقت لاءِ عملي ۽ اثرائتا حل سامهون آڻڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي. مفاهمتي يادداشت تحت ٻنهي ادارن وچ ۾ گڏيل تحقيقي منصوبن، فئڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، ليبارٽري وسيلن ۽ سهولتن جي گڏيل استعمال، ۽ گڏيل ورڪشاپس، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن جي انعقاد ۾ سهڪار ڪيو ويندو. معاهدي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ بلوچستان ايگريڪلچر ڪاليج پنهنجون مهارتون، انفراسٽرڪچر ۽ وسيلا گڏيل تعليمي ۽ تحقيقي پروگرامن لاءِ مهيا ڪندا. (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button