Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين جو پبلڪ ٽرانسپورٽ سِرشتو ۽ حيدرآباد جون ڳاڙھيون بسون 

چين ۾ اها ٽرانسپورٽ سستي ۽ عوام جي سھوليت خاطر آهي ۽ خاص ڪري پوڙهن شھرين لاءِ. جيڪي انهن بسين ۾ چڙهندا آهن، حڪومت انهن جو گهڻو خيال رکندي آهي. حيدرآباد ۾ پيپلز بسون ھر ھنڌ پيون بيھنديون پر ھتي سندن اسٽاپ مقرر آھن

ڪنھن غني خان جو هڪ خوبصورت نظم هڪ گلوڪارا جي آواز ۾ موڪليو، جنھن ۾ پشتو شعر جي هيٺان سنڌي ۽ اردو ترجمو به ڏنل هو ۽ نظم هن ريت آهي: ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي، زندگي سوال آهي يا جواب؟

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

حيدرآباد ۾ جڏهن پيپلز بسيون شروع ٿيون هيون ته ڏاڍا خوش ٿياسين، جو گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي عوام جي ڀلائيءَ جو ڪوته ڪم ياد پيو. اها سروس گهڻي سستي ۽ سُٺي آهي، اها شروع ٿي ته مون جھڙن به ان ۾ سفر شروع ڪيو. نھايت سستي ۽ آرامده ۽ گاڏي کاتي کان نسيم نگر چوڪ تائين ويندڙ سوزوڪين جي آزار مان جند ڇُٽي، جن جا موالا ڊرائيور حد کان وڌيڪ بدتميز هوندا هئا. اهي اليڪٽرڪ بسيون جيڪي چين کان ورتيون ويون، انهن کي ماڻهن ڳاڙهي بس چوڻ شروع ڪيو. نئننگ ۾ آيس ته هتي به اهي بسون هلندي ڏٺم، جن جا اسٽاپ مقرر آهن، اتي ئي بيھن، ماڻهو چڙهن ۽ لھن. پاڻ واريون حيدرآبادي ڳاڙهيون بسون ته وک وک تي بيٺيون هونديون آهن. هنن بسين جو ڀاڙو، ٻه يوان آهي، پوءِ جتي به لھو. پر مون هِتي اهو ڏٺو آهي ته اهي بسيون اڪثر خالي پيون وينديون آهن. هڪ ٻه مسافر ئي هوندو اٿن، هونئن ته هتي چين جا ماڻهو ايترا سکيا ستابا ٿي ويا آهن، جو پنھنجي ڪارن ۽ موٽرن جا ڌڻي آهن، جي اهي نه ته موٽرسائيڪل ۽ سائيڪل ته هر ڪنھن وٽ آهي. هڪ ڏينھن دوستن سان ويٺي انهن بسين جو ذڪر نڪتو ۽ چيم ته انهن ۾ ماڻهو ته چڙهن صفا گهٽ ٿا،پوءِ به حڪومت هلائي ٿي. بند ڇو نه ٿي ڪري، جنھن تي چيائون ته اها ٽرانسپورٽ سستي ۽ عوام جي سھوليت خاطر آهي ۽ خاص ڪري پوڙهن شھرين لاءِ. جيڪي انهن بسين ۾ چڙهندا آهن، حڪومت انهن جو گهڻو خيال رکندي آهي. سب وي وانگر هيءَ بس سروس جنھن سڄي نالي جو مخفف بي. آر. ٽي آهي. ان جون پڻ خوبصورت اسٽيشن ۽ روٽ آهن، چيني زبان ۾ ان ٽرانسپورٽ سسٽم کي Gong Jiro che چيو وڃي ٿو. سب وي ته ڪمال جي سروس آهي، سڄي شھر ۾ مٿان ٽريفڪ جا روڊ ۽ هيٺان سب وي جا روٽ. جيڪي هيٺ ٽي ٽي چار چار ماڙ به آهن، زمين دوز اهو نظام سچ ته حيرت انگيز آهي. چين جي نئين اڏيل شھر ’پوڊونگ‘ ۾ ڪنھن ٻڌايو ته 21 ماڙ به سب وي آهن، اندازو لڳايو ته اهو ڪيترو هيٺ هوندو ۽ ان جي اڏاوت ۾ انجنيئرنگ جو ڪيڏو نه ڪمال چئبو، ٽيون ڏينھن جڏهن عمر سان ان سب وي جي ڪمال ڪاريگري جو ذڪر نڪتو ۽ چيم ’خدا نه ڪري، جيڪڏهن زلزلو يا ڪا ٻي قدرتي آفت اچي ته تباهي مچي ويندي، جنھن تي عمر چيو ته هي اهي ڏاڍيون مضبوط ٿا ٺاهين، جن جي ڊهڻ يا نقصان ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي. دل ۾ چيم ”انسان ڀلي ڪيترو به سگهارو هجي،پر قدرت جي طاقت اڳيان ڪابه حيثيت نه ٿو رکي.“

*

جمع جو ڏينھن هئڻ سبب نماز پڙهڻ وياسين. هر ڀيري جمع تي ڪافي دوست ملندا هئا، پر اڄ ڪنھن سان به ملاقات نه ٿي. ٻاهر نڪتس ته وشال مون کي ’نو وال حراري‘ جو ڪتاب 21 lessons for the 21st century ڏنو، چيائين ته علي زين جيھجو ڏيئي ويو آهي، گذريل هفتي علي مليو هو ته چيائين مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي، اوهان لاءِ کڻي ايندس. مون سمجهيو ته ڪو چيني ادب بابت هوندو. بھرحال ’نوال حراري‘ جو هي ڪتاب زبردست آهي، جيڪو جلد پڙهبو.

غني خان پشتوءَ جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري جو منظوم اردو ترجمو ’مشتاق علي شان‘ ڪيو آهي، جيڪو فڪشن هائوس پاران ڇپرايو ويو آهي، اڄ ڪنھن غني خان جو هڪ خوبصورت نظم هڪ گلوڪارا جي آواز ۾ موڪليو، جنھن ۾ پشتو شعر جي هيٺان سنڌي ۽ اردو ترجمو به ڏنل هو ۽ نظم هن ريت آهي.

وايه وايه مُلا جانان؟

(ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي)

زندگي سوال آهي يا جواب

زندگي وصال آهي يا جنون

سڪون آهي يا بي قراري

زندگي امام آهي يا گلفام

منبر آهي يا محراب

زندگي خواب آهي يا سراب

ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي

زندگي فرعون آهي يا ان جو غرور

جنون آهي يا سرور

نمرود جو سونو تخت آهي

يا منصور جو رنگين موت

حُسين جي مسڪراهٽ آهي

يا يزيد جي مستيءَ ڀري مغروري

بھار آهي يا گلاب

ڳُجهو آهي يا نروار

ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي

زندگي سوال آهي يا جواب؟

مسجد مان نڪري ٻاهر بيٺاسين ته سليمان مليو، جيڪو تنزانيا جو آهي. ڪجهه ڏينھن اڳ هوٽل بند ٿيڻ مھل وشال، رضوان، عمران ۽ آءٌ ويٺا ڪچھري ڪري رهيا هئاسين ته هو اندر گهڙي آيو هو، ۽ چارجر جي پُڇا ڪيائين ته جيئن هو موبائيل چارج ڪري سگهي. وشال کيس ڏني ۽ هن موبائيل چارج تي لڳائي. ان مھل اسان جي اڳيان پيپسي جو هڪ ٽن رکيو هو، جيڪو عمران کي کڻي فرج ۾ رکڻون هو، پر ڪچھري جي ڪري رکي نه سگهيو. سليمان اهو ڏٺو ته چيائين، ”پي سگهان ٿو.“ وشال چيس، ”ڀلي.“ ته هو پيئڻ لڳو. جنھن تي سڀني کي سندس منھنجي پڪائيءَ تي حيرت ٿي. اڄ مليو ته هيلو هاءِ ٿي. وشال مون کي ٻڌايو ته ”سليمان وڏو استاد آهي، اگهه ڦٽائڻ ۽ ٻين جي روزي تي لت ڏيڻ وارو.“ پُڇيم، ”ڪيئن؟“ چيائين، ”اسان پاڪستانين طئي ڪيو هو ته ٻه سؤ يوان کان گهٽ في ڪلاڪ ٽيوشن نه پڙهائينداسين، پر هي اسان جي جاءِ تي وڃي سٺ يوانن ۾ پڙهائڻ لڳو.“ جنھن تي کلندي وشال کي چيم، ”بس هي امير آفريقي ملڪن جا غريب باشندا آهن، سو مٿن ميار نه ڪندو ڪر.“

_________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ آھي. ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button