Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياميڊيا

ڇا درياھي ٻوڏ ٽَري وئي؟ ھاڻ وري برساتي ٻوڏ جو خطرو!  

درياهن ۾ پاڻي جي سطح آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي. 8 سيپٽمبر تي گڊو بئراج تي پاڻيءَ جي سطح انتهائي بلند هوندي۔

مڌيا پرديش مٿان موجود لو پريشر سسٽم 6 سيپٽمبر تائين راجسٿان ۽ سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ داخل ٿيندو ۽ زوردار برساتي هوائون آڻيندو۔ زوردار برساتون ھيٺانھن علائقن کي ٻوڙي سگهن ٿيون

موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ مطابق 7 کان 9 سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي جنهن سان شهرن ۾ ٻوڏ ۽ فليش فلڊز جو خطرو آهي

ڪراچي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ جمعي ڏينهن وزیراعلي هائوس ۾ هڪ اعلي سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ دريائي ۽ برساتي ٻوڏ جي صورتحال، تيارين ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو۔

اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، محمد علي ملڪاڻي، جام اڪرام الله ڌاريجو، مخدوم محبوب زمان، وڏي وزير جو سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري ماحوليات زبير چنا، سيڪريٽري بحالي اختر بگٽي، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه ۽ ٻين اعلي عملدارن شرڪت ڪئي۔ وڊيو لنڪ ذريعي وزير آبپاشي جام خان شورو، وزير زراعت محمد بخش مهر، وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، وزير زڪوات و عشر رياض شاهه شيرازي، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جيز به شامل ٿيا۔

وڏي وزير چيو ته جيتوڻيڪ درياهن ۾ پاڻي جي سطح آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي پر صوبي کي 7 کان 9 لک ڪيوسڪ تائين ممڪن ٻوڏ واري صورتحال لاءِ مڪمل طور تي تيار رهڻو پوندو۔ هن خبردار ڪيو ته 8 سيپٽمبر تي گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح انتهائي بلند هوندي۔

وزير آبپاشي ۽ سيڪريٽري آبپاشي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 183000 ڪيوسڪ ۽ اخراج 155500 ڪيوسڪ آهي۔ منگلا ڊيم ۾ آمد 115341 ڪيوسڪ ۽ اخراج 133341 ڪيوسڪ آهي۔ گڊو بئراج تي آمد 359570 ڪيوسڪ ۽ اخراج 377481 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو جڏهن ته سکر بئراج تي آمد 331155 ڪيوسڪ ۽ اخراج 277355 ڪيوسڪ آهي جنهن سان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي وڌڻ جو لاڙو ظاهر ٿيو۔

موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق 7 کان 9 سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي جنهن سان شهرن ۾ ٻوڏ ۽ فليش فلڊز جو خطرو آهي۔ مڌيا پرديش مٿان موجود لو پريشر سسٽم 6 سيپٽمبر تائين راجسٿان ۽ سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ داخل ٿيندو ۽ زوردار برساتي هوائون آڻيندو۔ متاثر ضلعن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور شامل آهن۔

اجلاس ۾ خبردار ڪيو ويو ته زوردار برساتون ھيٺانھن علائقن کي ٻوڙي سگهن ٿيون، ڊيرا غازي خان ۽ بلوچستان جي پهاڙي نالن ۾ فليش فلڊ اچي سگهن ٿا ۽ اتر پاڪستان ۾ لئنڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي۔ ڪمزور اڏاوتون، بجلي جا ٿنڀا ۽ بل بورڊ به متاثر ٿي سگهن ٿا۔ عوام ۽ مسافرن کي احتياط ڪرڻ، غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ سرڪاري هدايتن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي جڏهن ته سڀني لاڳاپيل کاتن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي۔

صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب زمان ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه امدادي قدمن بابت آگاهي ڏني۔ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 528 ريليف ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن پر ڪيترائي بي گهر خاندان انهن ۾ منتقل نه ٿيا آهن۔ اڃا تائين 109320 ماڻهن کي دريائي علائقن مان محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو ويو آهي۔ 169 هيلٿ ڪيمپس ۾ ڪم ڪندڙ ميڊيڪل ٽيمون 27801 مريضن جو علاج ڪري چڪيون آهن۔

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪشمور-ڪنڌڪوٽ (ڪي ڪي) بند ۽ قادرپور شينڪ بند تي ڪمزور حصن کي بچائڻ لاءِ مضبوطيءَ جو ڪم جاري آهي۔

وزير فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي ۽ سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ٻڌايو ته سنڌ ۾ چوپائي مال جي ڪل آبادي 4 ڪروڙ 99 لک 52 هزار آهي (لائيو اسٽاڪ مردم شماري 2024 مطابق)۔ سخت ٻوڏ جي صورت ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو يعني 1 ڪروڙ 99 لک 80 هزار چوپايو مال متاثر ٿي سگهن ٿا۔ انهن مان لڳ ڀڳ 51 لک 25 هزار ڍور درياءَ سنڌ جي انتهائي خطري وارن ڪچن علائقن ۾ آهن۔ اڃا تائين 6 لک 52 هزار ڍور محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيا ويا آهن۔ چوپائي مال جي صحت جي حفاظت لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي 10 جولاءِ 2025 تي برساتن کان اڳ ويڪسين مهم شروع ڪئي ته جيئن ڪنهن به آفت کان اڳ قوت مدافعت وڌائي سگهجي۔ صوبي جي سطح تي 300 ويٽرنري ڪيمپس قائم ڪيا ويا جن ۾ 999 عملي جا ميمبر مقرر ڪيا ويا جن ۾ 352 ٽيڪنيڪل ۽ 647 پيرا ٽيڪنيڪل ورڪرز شامل آهن۔ انهن مان 129 ڪيمپس کي 27 آگسٽ تي درياءَ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن جي ڪچن رستن تي منتقل ڪيو ويو۔ لائيو اسٽاڪ کاتي 110 لائيو اسٽاڪ ڪيمپس به قائم ڪيا آهن جتي اڃا تائين 754527 چوپائي مال کي ويڪسين ۽ علاج مهيا ڪيو ويو آهي۔ (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button