Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ادريس راڄپوت جو لاڏاڻو:  سنڌ پاڻيءَ جي حقن واري تجربيڪار آواز کان محروم ٿي وئي

ادريس راڄپوت هڪ سينيئر پاڻي ماهر طور ڊيمز، ڪئنالن، دريائي وهڪرن ۽ بين الصوبائي پاڻي ورڇ جي معاملن تي جامع ڄاڻ رکندو هو. هو مسلسل لکتن، سيمينارن ۽ ميڊيا مباحثن وسيلي سنڌ جي پاڻيءَ بابت انگن اکرن تي ٻڌل موقف پيش ڪندو رهيو

مُشتاق ٽانوري

پاڻي، جيڪو زندگيءَ جو بنياد آهي، سنڌ لاءِ رڳو وسيلو نه پر ساهه جيان آهي. هن ساهه جي حفاظت لاءِ جن ماڻهن پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪئي، تن مان هڪ روشن نالو ادريس راڄپوت جو آهي. ادريس راڄپوت هڪ اهڙو پاڻي ماهر هو، جنهن پاڻيءَ بابت بحث کي اشرافيه يا فني حلقن مان ڪڍي عام ماڻهوءَ تائين پهچايو. هُن پاڻيءَ کي انگن اکرن يا فائيلن تائين محدود نه رکيو، پر ان کي ماڻهن جي زندگين، هارين جي اميدن ۽ سنڌ جي مستقبل سان ڳنڍي ڏٺو. هن دريائن، ڪئنالن، ڊيمز ۽ پاڻيءَ جي ورڇ بابت سائنسي ۽ سماجي سمجھه پيش ڪئي. سندس ڳالهائڻ ۾ دليل، لکڻ ۾ سچ ۽ جدوجهد ۾ بيباڪي هوندي هئي. سندس خدمتن جو سڀ کان وڏو پاسو اهو هو ته هو پاڻيءَ جي مسئلي کي صرف فني مسئلو نه، پر انساني حقن جو سوال سمجهندو هو. هن سنڌ جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريو. ادريس راڄپوت نه رڳو ماهر هو، پر استاد به هو. ڪيترائي نوجوان، سماجي ڪارڪن، صحافي ۽ شاگرد سندس لکڻين، ليڪچرن ۽ بحثن مان سکيا حاصل ڪندا رهيا. هن نئين نسل ۾ پاڻيءَ بابت شعور پيدا ڪيو ۽ کين سيکاريو ته سوال ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ سچ سان بيهڻ ڪيترو ضروري آهي.

سنڌ جو صالح پٽ محمد ادريس راجپوت 20 نومبر 1941ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر، ڀارت جي ضلعي ”گڙگائون“ جي هڪ ڳوٺ ”نُوهه“۾ پيدا ٿيو. هي اڃا اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ مس داخل ٿيو هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب، سندس خاندان نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، جنهنڪري سندس خاندان پهريائين ٽنڊي الهيار، پوءِ ٺارو شاهه ۽ آخر قمبر ۾ اچي ويٺو. هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ مين پرائمري اسڪول قمبر ۽ مئٽرڪ 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي. هن انٽر ۾ به 1961ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي هئي، پر پنهنجي شوق سبب هن 1965ع ۾ سول انجينئرنگ ۾ بِي اِي اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل ماڻي حاصل ڪئي. ادريس اڄپوت 1966ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو، 1970ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر طور ترقي حاصل ڪيائين. ۽ پوءِ ترقي ڪندي، صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو ۽ 19 نومبر 2001ع تي رٽائر ڪيائين. ان دؤران هي مختلف سرڪاري پراجيڪٽن جو انچارج به رهيو. ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ 2002ع کان وٺي مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڄاڻ ڀريا مضمون لکيا. پاڻيءَ جي وسيلن بابت سچ ڳالهائڻ ۽ سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ جو دفاع ڪرڻ واري جدوجهد ۾ ادريس راڄپوت جو نالو هڪ اهم حوالو رهيو آهي. محمد ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ، پنهنجي موضوع سان نڀائيندي، سنڌ جي نقطهءِ نظر کي ڌيان ۾ رکندي، مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ عوام کي آگاهي ڏني. هن مختلف موقعن تي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيو. سندس لکيل مضمونن کي مارچ 2003ع ۾ نوجوان اديب رياضت ٻرڙي، ترتيب ڏئي ڪتاب جي روپ ۾ ”گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ جي نالي سان، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر پاران پڌرو ڪيو.

ادريس راڄپوت هڪ سينيئر پاڻي ماهر طور ڊيمز، ڪئنالن، دريائي وهڪرن ۽ بين الصوبائي پاڻي ورڇ جي معاملن تي جامع ڄاڻ رکندو هو. هو مسلسل لکتن، سيمينارن ۽ ميڊيا مباحثن وسيلي سنڌ جي پاڻيءَ بابت انگن اکرن تي ٻڌل موقف پيش ڪندو رهيو. سندس خاصيت اها هئي ته هو سرڪاري دعوائن کي دستاويزي ثبوتن سان پرکيندو ۽ پاليسي ۾ موجود تضادن کي واضح ڪندو هو. پاڻيءَ بابت سندس ڪم رڳو فني دائري تائين محدود نه رهيو، پر ان جا سماجي ۽ معاشي اثر به سندس تجزين جو حصو هوندا هئا. هو بار بار نشاندهي ڪندو رهيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سڌي ريت زراعت، خوراڪ جي سلامتي ۽ ڳوٺاڻين معيشتن تي اثرانداز ٿئي ٿي. سندس تجزين ۾ هاري، آبادگار ۽ درياهه سان لاڳاپيل آبادين جو نقطه نظر نمايان هوندو هو. ادريس راڄپوت قومي ۽ صوبائي سطح تي پاڻيءَ بابت ٺاهيل منصوبن تي سوال اٿارڻ ۾ به اڳڀرو رهيو. هو واضح طور تي اهو موقف رکندو هو ته ڪنهن به نئين منصوبي کان اڳ شفاف ڊيٽا، اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح ۽ ماحولياتي اثرن جو جائزو ضروري آهي. ان حوالي سان سندس موقف ڪيترن ئي بحثن کي جنم ڏنو ۽ پاڻيءَ جي پاليسي تي نئين سر سوچڻ جو سبب بڻيو.

جڏهن سنڌ کي پاڻيءَ جي مسئلي تي وڌيڪ سمجهه، همت ۽ سچائي جي ضرورت هئي، تڏهن ادريس راڄپوت ڊگھي بيماري بعد 22 ڊسمبر 2025ع تي 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ادريس راڄپوت جهڙي شخصيت جو وڇوڙو دل کي وڌيڪ اداس ڪري ٿو. ادريس راڄپوت جي وڇوڙي سان سنڌ پاڻيءَ جي حقن جي جدوجهد ۾ هڪ تجربيڪار آواز کان محروم ٿي وئي آهي. ادريس راڄپوت پنهنجي خيالن، جدوجهد ۽ سنڌ سان محبت جي صورت ۾ هميشه زنده رهندو. جيستائين سنڌ جو ماڻهو پاڻيءَ جي حق لاءِ آواز اٿاريندو، تيستائين ادريس راڄپوت جو نالو به احترام سان ورتو ويندو. سندس لکڻيون ۽ تجزيا مستقبل ۾ به پاڻيءَ بابت تحقيق ۽ پاليسي لاءِ هڪ اهم حوالو رهندا.

________________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button