پاڪستان کي خوشحال بنائيندڙ ٿرپارڪر ضلعي اندر خودڪشين ۾ واڌارو
صرف 2025ع ۾ 116 خودڪشيون رڪارڊ ڪيون ويون. اھو انگ ٿر جي ماڻھن ۾ پکڙيل گھري مايوسيءَ جي لھر کي ظاهر ڪري ٿو.
حڪمرانن لاءِ ٿرپارڪر معاشي ترقي ۽ صنعتي واعدن جي علامت آهي، پر ترقيءَ جي هن داستان پويان هڪ تڪليف ڏيندڙ حقيقت لڪيل آهي ۽ اُھا آھي هتان جي ماڻهن ۾ خودڪشي ۽ ذهني دٻاءَ جو وڌندڙ لاڙو.
معاشي دٻاءُ، مسلسل ڏڪار، ننڍي عمر جون شاديون، گهريلو اڻبڻت، متڀيد وارو سلوڪ ۽ نااميديءَ جو احساس خودڪشين جا وڏا ڪارڻ آهن.

مهجبين چنه
سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ڪُنڊ تي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٻرندڙ سج هيٺ سونهري واريءَ جون ڀٽون پري پري تائين پکڙيل آهن. هي ضلعو پنهنجي وسيع معدني ذخيرن، خاص ڪري ڪوئلي جي دنيا جي وڏي ذخيرن جي ڪري مشهور آهي. پاليسي سازن ۽ سيڙپ ڪندڙن لاءِ ٿرپارڪر معاشي ترقي ۽ صنعتي واعدن جي علامت آهي، پر ترقيءَ جي هن داستان پويان هڪ تڪليف ڏيندڙ حقيقت لڪيل آهي ۽ اُھا آھي هتان جي ماڻهن ۾ خودڪشي ۽ ذهني دٻاءَ جو وڌندڙ لاڙو.
جيڪا سرزمين پنهنجي امن ۽ رواداريءَ جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي، اُتي اهڙا الميا وڌيڪ دل ڏاريندڙ آهن. ٿرپارڪر اهڙو خطو آهي جتي برسات کانپوءِ مور ناچ ڪندا آهن، هرڻ ڀٽن تي آزاديءَ سان ڊوڙندا آهن ۽ مختلف عقيدن جا ماڻهو پاڻ ۾ ميٺ محبت سان رهن ٿا. نسلن کان هتان جي ماڻهن سخت موسمن جو مقابلو پنهنجي مضبوط سماجي ٻڌي، گڏيل روايتن ۽ اميد ذريعي ڪيو آهي.
پر اھڙي علائقي ۾ ميڊيا جي رپورٽ ڪيل انگن اکرن موجب، رڳو 2025ع ۾ 116 خودڪشيون رڪارڊ ڪيون ويون. هي انگ رڳو انفرادي حادثا ناهن پر اها وڌندڙ مايوسيءَ جي هڪ اجتماعي صورتحال آهي. هڪ اهڙي خطي ۾ جيڪو تاريخي طور تي همت ۽ ثقافتي شاھوڪاريءَ لاءِ مشهور هجي، اتي اهڙا انگ اکر هڪ خطرناڪ سماجي ۽ ذهني صحت جي ھنگامي حالتن طرف اشارو ڪن ٿا، جيڪي ھڪدم ڌيان ڏيڻ جون گهرجائو آهن.
ٿرپارڪر جي معيشت جو گهڻو دارومدار زراعت ۽ چوپائي تي آهي. پر، هر ٽئين سال ايندڙ ڏڪار فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پاڻيءَ جا ذخيرا سڪي ويا آهن ۽ چوپايو مال، جيڪو ٻهراڙيءَ جي گهرن جو بنيادي اثاثو آهن، اهي ختم ٿي رهيا آهن. جڏهن مينهن نٿو وسي، ته روزگار جا وسيلا ختم ٿي وڃن ٿا. اڳي ئي گهٽ آمدني تي گذر سفر ڪندڙ خاندان وڌيڪ قرضن، بک ۽ بي يقينيءَ جي ور چڙهي وڃن ٿا.
ٿر ۾ غربت صرف هڪ انگ اکر ناهي، پر هڪ تلخ حقيقت آهي. ڪيترائي خاندان کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم تائين پهچ لاءِ روزانو جدوجهد ڪن ٿا. ڏڪار جهڙا معاشي جهٽڪا بيوسيءَ جي احساس کي وڌائي ڇڏين ٿا، خاص طور تي انهن گهر ڌڻين لاءِ جيڪي پنهنجي خاندان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ بقا جي جنگ ذهني طور تي انتھائي ٿڪائيندڙ بڻجي وڃي ٿي. ان بحران کي وڌيڪ سنگين بنائڻ ۾ تعليم جي گهٽ شرح به شامل آهي، جيڪا ماڻهن کي ذهني صحت جي مدد يا حڪومتي اسڪيمن بابت ڄاڻ تائين پهچڻ کان روڪي ٿي. اهڙي ماحول ۾، نااميدي خاموشيءَ سان پنهنجا پير پُختا ڪري وٺي ٿي.
هن بحران جو سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳو پاسو ذهني صحت جي سهولتن جي مڪمل اڻاٺ آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪوبه ڪواليفائيڊ نفسياتي ماهر (Psychiatrist) موجود ناهي. نفسياتي مشوري لاءِ ماڻهن کي مٺيءَ کان حيدرآباد تائين تقريباً 267 ڪلوميٽرن جو سفر ڪرڻو پوي ٿو. مالي طور تي پريشان خاندانن لاءِ سفر، رهائش ۽ علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.
تعلقه ۽ ضلعي اسپتالن جي سطح تي، ذهني صحت جون مخصوص سهولتون يا ته انتهائي گهٽ آهن يا بلڪل ناهن. ان جو مطلب اهو آهي ته ڊپريشن، ذهني دٻاءُ، صدمي يا خودڪشيءَ جي سوچن جهڙيون علامتون اڪثر لِڪل ۽ بغير علاج جي رهجي وڃن ٿيون. خودڪشي اڃا تائين ڪيترن ئي برادرين ۾ هڪ بدنامي سمجهي وڃي ٿي، جنهن ڪري ذهني صحت تي ڳالهائڻ مشڪل آهي ۽ ماڻهو خاموشيءَ سان تڪليف سهن ٿا.

پوليس جي جاچ ۽ مقامي رپورٽن موجب، معاشي دٻاءُ، مسلسل ڏڪار، ننڍي عمر جون شاديون، گهريلو اڻبڻت، متڀيد وارو سلوڪ ۽ نااميديءَ جو احساس خودڪشين جا وڏا ڪارڻ آهن. خودڪشي ڪڏهن به آسان رستو ناهي هوندو، پر هي اهو لمحو هوندو آهي جڏهن انسان پاڻ کي مايوسي ۽ خاموشيءَ جي وچ ۾ قيد محسوس ڪندو آهي.
جڏهن ڪو پنهنجي زندگي ختم ڪري ٿو، ته تڪليف اتي ختم نٿي ٿئي، پر اها والدين، ٻارن ۽ گهر وارن جي دلين ۾ خاموشيءَ سان پکڙجي وڃي ٿي. اڄ ٿر جي زندگيءَ جا رنگ تبديل ٿي رهيا آهن. هڪ طرف ڪوئلي جا وڏا منصوبا معاشي ترقيءَ جا واعدا ڪن ٿا، پر ٻئي طرف مقامي ماڻهو اڃا تائين بنيادي ضرورتن لاءِ واجهائي رهيا آهن.
اها ڳالهه يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته معاشي ترقي سماجي محروميءَ يا ذهني پريشانين جو سبب نه بڻجي. اصل ترقي اها آهي جنهن ۾ انسان جي ڀلائي انفراسٽرڪچر سان گڏ هجي. ماهر ۽ مقامي سماجي اڳواڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڀري رهيا آهن ته ٿرپارڪر ۾ خودڪشين جي سببن تي جامع تحقيقات ڪرائي وڃي. هر تعلقه اسپتال ۾ نفسياتي ماهرن جي ٽيم مقرر ڪرڻ ۽ زندگيون بچائڻ لاءِ ضروري آهي.
سرڪاري ۽ نجي شعبي کي گڏجي سماجي تحفظ جا پروگرام ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن. ذهني صحت بابت آگاهي مهم مقامي ٻولين ۾ هلائڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي مدد حاصل ڪري سگهن. سول سوسائٽي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ٿر جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ امن کي ٻيهر اجاگر ڪري اميد کي بحال ڪيو وڃي. ٿر، جيڪو امن جي ڌرتي آهي، اڄ هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي. جيڪڏهن وقت تي قدم نه کنيا ويا ته انساني جانين جو زيان وڌي سگهي ٿو. بک، بدحالي ۽ ذهني صحت جي مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻ صرف هڪ پاليسي نه پر هڪ اخلاقي ذميواري آهي.
_______________

مهجبين چنه مٺي، ٿرپارڪر ۾ هڪ سوشل ڊولپمينٽ پروفيشنل آهي. Sindh Courier جي ٿورن سان



