Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڪراچي: ورھاڱي کان اڳ سنڌي مارڪيٽ ۽ آفيسن جي ٻولي ھُئي

ڪراچيءَ جي قديم علائقن ڪيماڙي، بابا ڀٽ ۽ ٻين ٻيٽن، گارڊن ڪوارٽرز ۽ لياري ڪوارٽرز وغيرہ ۾ 1947ع کان اڳ گهرن ۾ چاهي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، پر سندن اڪثريت سنڌي اسڪولن ۾ پڙهندي ۽ سنڌي ڳالهائيندي هئي. اُردوءَ جو فقط ھڪ اسڪول ھوندو ھو.

اڳ جا آباد ماڻهو، جيڪي ڪراچيءَ جا مستقل شهري آهن، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا ۽ جن جو رت ۽ پگهر ڪراچيءَ کي اڏڻ ۾ لڳو آهي، اهي ڪراچيءَ ۾ بعد ۾ ايندڙ ٻين سنڌي ڳالهائيندڙن کان گهٽ سنڌي نه آهن.

جتي اڳي انسانن توڙي پکي پکڻ ۽ جانورن لاءِ روڊ رستن تي پاڻيءَ جو بندوبست ھوندو ھو، اُتي اڄ ٻار ٻچا پاڻيءَ ڦُڙي لاءِ واجھائي رھيا آھن ۽ بجليءَ جا بل ڀرڻ جي باوجود 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رھي ٿي.  ڪراچيءَ جي قديم رهواسين، شھر جي وساريل تاريخ، رستن ۽ عمارتن جي تبديل ٿيل سڃاڻپ، سياسي ۽ سماجي حالتن بابت ساروڻين تي مشتمل ھڪ اھم ليک

ليکڪ: ابراھيم صالح محمد

ڪراچيءَ ۾ 1947ع کان اڳ جا آباد ماڻهو، جيڪي ڪراچيءَ جا مستقل شهري آهن، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا ۽ جن جو رت ۽ پگهر ڪراچيءَ کي اڏڻ ۾ لڳو آهي، اهي ڪراچيءَ ۾ بعد ۾ ايندڙ ٻين سنڌي ڳالهائيندڙن کان گهٽ سنڌي نه آهن، اها ڳالهه کين سمجهڻي پوندي.

جي ايم سيد

ڪراچيءَ جي قديم علائقن ڪيماڙي، بابا ڀٽ ۽ ٻيا ٻيٽ، گارڊن ڪوارٽرز ۽ لياري ڪوارٽرز علائقن ۾ 1947ع کان اڳ رهندڙ گهرن ۾ چاهي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، پر سندن اڪثريت سنڌي اسڪولن ۾ پڙهندي ۽ سنڌي ڳالهائيندي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌي مارڪيٽ ۽ آفيسن جي ٻولي هئي.

اسان جي قديم علائقن موسا لين، کڏا، نوآباد، صدر، رامسوامي، ڪنڀارواڙا ۽ چاڪيواڙا جي افغان، سيد، ميانوالي، پٺاڻ، بلوچ ۽ ڪڇي سنڌين جون پاڻ ۾ مٽي مائٽيون هيون جيڪي اڄ تائين هلنديون اچن ٿيون، جنهن جو سڀ کان اهم مثال ھيءُ آھي تہ مشهور سنڌي شاعر عبدالحڪيم ارشد جي شادي موسا لين جي پٺاڻن ۾ (استاد نٿُو جي صاحبزادي سان) منهنجي والد ڪرائي هئي ۽ سائينءَ جا سمورا ٻار ان ئي معزز خاتون مان ئي آهن.

ڪراچيءَ جو اڳوڻو ميئر عبدالستار افغاني صاحب منهنجي والد ماسٽر صالح محمد کي پنهنجو سياسي استاد چوندو هو. اها ڳالهه هن 1979ع ۾ منهنجي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ گهر اچڻ وقت عبدالرحمان ملڪ جي موجودگيءَ ۾ چئي هئي. جڏهن محترم جي ايم سيد جا مسلم ليگ سان اختلاف ٿيا هئا، ان وقت موسا لين جو عبدالستار افغاني، جيڪو هڪ ڊگهو ۽ جانٺو نوجوان هو(جيڪو بعد ۾ جماعت اسلامي جي طرفان ٻه ڀيرا ڪراچيءَ جو ميئر بڻيو) سائين جي ايم سيد جو رضاڪاراڻي طور باڊي گارڊ بڻيو هو ۽ حيدر منزل تي ڊيوٽي ڏيندو هو. (ان وقت اسان جا ماڻهو جيڪي هندستان جي ورهاڱي کي مسلمانن جي ورهاڱي سمجهندا هئا، اهي گهڻو ڪري ڪانگريسي هئا).

ميئر عبدالستار افغاني

ڪراچيءَ جو پهريون اردو ميڊيم اسڪول (خالصا هاءِ اسڪول) ۽ سِکن جا ٻيا ادارا

منهنجي مرحوم ڏاڏي حاجي بچل هنگورو جا ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. وڏو پٽ محمد بي هنگورو گجراتي ٻوليءَ جو ماهر تعليم ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائٽر هو، جڏهن ته ٻيو پٽ حسين بچل هنگورو پنهنجي تعليم سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي هئي ۽ برٽش پوليس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل (جمعدار) ڀرتي ٿيو هو، پر بعد ۾ انگريز آفيسر سان جهڙي سبب کيس پوليس سروس مان ڪڍيو ويو هو، پر هُو سڄي علائقي ۾ حسين جمعدار جي لقب سان آخري وقت تائين سڃاتو ويندو هو. ٽئين پٽ يعني منهنجي والد ماسٽر صالح محمد پنهنجي تعليم گجراتي ۽ سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ان وقت ڪراچي شهر ۾ گجراتي ۽ سنڌي اسڪول ته وڏي تعداد ۾ موجود هئا پر اردو ميڊيم جو هڪ ئي اسڪول هو جيڪو ڪراچيءَ جي خالصا برادري هلائيندي هئي، جنهن جو نالو “Guru Nanak Dev Jee Khalsa Darmik School Karachi” عرف عام خالصا هاءِ اسڪول هو. پٿرن جي هيءَ شاندار عمارت ھئي جنهن کي بعد ۾ “عظمت علي خان اسڪول” جو نالو ڏئي ۽ نئين ليپا پوتي ڪري ان جو حليو ئي بگاڙي ڇڏيو ويو آهي. هي اسڪول سٽي ڪورٽ ڪراچيءَ جي پٺيان واقع هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت لائيٽ هائوس ۽ رتن تلاءُ وٽ پنجابي سک وڏي تعداد ۾ رهائش پذير هئا. منهنجي والد ان ئي اسڪول مان بمبئي يونيورسٽي مان ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو (جنهن جو سرٽيفڪيٽ اسان جي بچيل پراڻي رڪارڊ ۾ شايد ملي وڃي). هن اسڪول جي تعمير جو پٿر شايد اڃا تائين اتي موجود هجي جنهن تي گُرمُکي ۾ لکيل تحرير جو ترجمو ڪجهه هن ريت هو:

“This stone was laid by Seth Ishwardas Ramchand, former president of Sri Guru Singh Sabha, Karachi, on Sri Guru Nanak’s birthday: November 16, 1930. The school was the property of Sri Guru Singh Sabha functioning under the SGPC.” 

ڪراچيءَ ۾ سک ڪميونٽي ٻن حصن ۾ ورهايل هئي: پنجابي خالصا ۽ سنڌي خالصا. سنڌي خالصا ٻين عامل ۽ ڀائي بند سنڌي هندن جو ئي حصو هئا جيڪي پنهنجن گهرن ۾ ڪنهن مخصوص جاءِ تي مندر بدران گُردوارو ٺاهيندا هئا.

اسان جي علائقي موسا لين ۽ کارادر جي وچ ۾ واقع بي ايف ڪيبرال اسڪول کان وٺي موجوده رونق اسلام گرلز ڪاليج کارادر تائين خالصن جا ريڪريئيشن پارڪ (موجوده ڪڪري گرائونڊ)، خالصا لائبريري (موجوده حسينيہ ايرانيا هال)، خالصا گرلز اسڪول (موجوده رونق اسلام ڪاليج) ۽ ڪسٽم هائوس وٽ پنجابي ڪلب هوندا هئا. خالصا لائبريريءَ ۾ اسان جي هنگورا برادري جا نوجوان اڪثر مطالعو ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ڇاڪاڻ ته اها اسان جي رهائش جي بلڪل ويجهو هئي. پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ وڃڻ وقت انهن لائبريري اسان جي برادري جي هڪ هوشيار شاگرد عمر نور محمد واجه (جيڪو بعد ۾ مرچنٽ نيوي ۾ چيف انجنيئر بڻجي ويو هو) جي حوالي ڪري ويا هئا، جنهن کي بعد ۾ پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي ڪمشنر هاشم رضا زبردستي پوليس جي مدد سان خالي ڪرائي قبضو کارادر جي وڏي امام بارگاهه جي ڪڇي شيعا اثنا عشري خوجن جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح ماضيءَ جي خالصا لائبريري اڄ ڪراچيءَ جي شيعن جو وڏو مرڪز “حسينيہ ايرانيا” بڻجي وئي، جتي سڄي ڪراچيءَ جا شيعا مذهبي جلوس اچي ختم ٿيندا آهن.

آتمارام پريتم داس روڊ کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي روڊ تائين: ڇا وڃايو، ڇا مليو؟

منهنجو مرحوم ڏاڏو حاجي بچل هنگورو هندو سيٺين جي بلڊنگن مان مسواڙ وصول ڪرڻ (رينٽ ڪليڪٽر) جون خدمتون سرانجام ڏيندو هو. ان سلسلي ۾ هُو ڪراچيءَ جي سمورن رستن تي تيز رفتاري سان پيادل هلندو هو ۽ کيس هڪ هڪ بلڊنگ، ان جي مالڪ ۽ مسواڙين جي واقفيت ھوندي هئي (سندن اها عادت اسان پوٽن ۽ ڏوهٽن ۾ اڄ تائين موجود آهي). سيٺ آتمارام پريتم داس به هڪ سنڌي هندو سيٺ هو، جن جي ٻين وڏن ڪاروبارن کانسواءِ مسواڙ تي ڏنل بلڊنگون به هيون. انهن جي ھيڊ آفيس ان وقت ڪراچيءَ جي وال اسٽريٽ، نيپيئر روڊ جي هڪ خوبصورت بلڊنگ ۾ هئي. نيپيئر روڊ جيڪو لي مارڪيٽ کان ڊينسو هال تائين هوندو هو ۽ ان وقت جي سمورن ڪاروباري ادارن جون مرڪزي آفيسون هتي هونديون هيون، گڏوگڏ ان سان لڳ لي مارڪيٽ کان بندر روڊ تائين سمورين جنسن جون هول سيل ۽ ريٽيل مارڪيٽون هيون جيڪي اڄ تائين هلنديون اچن ٿيون. مسلم ليگ جي پهرين آفيس به ان ئي روڊ تي قائم ڪئي وئي هئي جنهن جو صدر عبدالله هارون ۽ سيڪريٽري پير علي محمد راشدي صاحب هئا، جن پنهنجي سنڌي ۾ لکيل سوانح عمري تي ٻڌل ڪتاب “اھي ڏينھن اھي شينھن” ۾ هن علائقي بابت ڪافي يادگيريون شيئر ڪيون آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ هن سڙڪ کي ريڊ لائيٽ ايريا بڻايو ويو ۽ نيپيئر روڊ جو نالو ئي چڪلو پئجي ويو!

سيٺ آتمارام جي اها عادت هئي ته هو صبح جو سوير اٿي پنهنجي مذهبي عبادتن کان فارغ ٿي جيڪو پهريون ڪم ڪندا هئا، اهو هيءُ هو ته هو ڪراچيءَ جي سبزي ۽ فروٽ منڊي، جيڪا ان دور ۾ سولجر بازار ۾ قائم هئي، اتي پنهنجي گهوڙا گاڏي ۾ ويهي نوڪر سان گڏ ويندو هو ۽ منڊيءَ ۾ موجود موسم جي سمورن اي گريڊ ڇانٽي وارن ميون مان پنهنجي پسند جا ميوا خريد ڪندو هو ۽ انهن کي هڪ جاءِ تي رکائي ڇڏيندو هو. شام جو جڏهن سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ملاقات جو وقت هوندو هو ته سيٺ آتمارام پريتم داس اهي ميوا گهرائيندو هو ۽ پاڻ سان گڏ سول اسپتال کڻي ويندو هو ۽ پنهنجي هٿن سان هر مريض کي بغير مذهبي فرق جي اهي ميوا ورهائيندو ھو.

ڪراچيءَ جي هندن جا ٻه شمشان گهاٽ هئا. هڪ ننڍو ڪياماڙيءَ ۾ سمنڊ ڪناري ۽ ٻيو وڏو لياري نديءَ جي ڪناري موجوده آگره تاج نالي علائقي ۾، ان جاءِ تي جتي بعد ۾ غازي محمد بن قاسم اسڪول بنايو ويو ۽ باقي مساڻ تي اڄ وڏيون وڏيون بلڊنگون بيٺيون آهن. موسا لين کڏا کان پوءِ لياري ندي تائين جو هي علائقو سمنڊ جي وِير جو شڪار رهندو هو. ان وقت اولڊ ڪلري ۾ اسان جا جيڪي گهر آهن، انھن تائين سامونڊي وير جو پاڻي چڙهي ايندو هو. جڏهن پاڻي “آلر” (وير جو لهڻ) ۾ لهندو هو ته پوءِ ئي اچ وڃ ٿيندي هئي.

سيٺ آتمارام بلديہ جي اجازت سان پاڻ پنهنجي کيسي مان کارادر جي موجوده باب لياري کان لياري ندي تائين جو هي روڊ تعمير ڪرايو ۽ پاڻ پنهنجي ۽ پنهنجي دوستن مٽن مائٽن جي ذريعي هر فرلانگ تي انسانن ۽ جانورن جي پيئڻ جي پاڻيءَ جون الڳ الڳ سبيلون لڳايون. روزانو انهن سبيلن ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ سڙڪ تي ڇڻڪار ٿيندو هو. هي سڙڪ سمنڊ جي سطح کان نو فوٽ بلند هئي، اهڙي طرح اڳتي هلي ڪافي زمينون ريڪليم (ٻيهر آباد) ٿيون پر سڙڪ جي ٻئي پاسي سمنڊ جو پاڻي ايندو رهندو هو، جيڪو ايوب دور ۾ ماڙيپور روڊ اوچو ڪرڻ ۽ بعد ۾ سرڪيولر ريلوي، جيڪا سطح کان 12 فوٽ بلند هئي، بڻجڻ کان پوءِ زمينون آباد ٿيون. انهن مان ڪافي سبيلون مون پاڻ پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڏٺيون هيون ۽ منهنجي نسل جي ڪيترن ئي دوستن به ڏٺيون هونديون. آخري سبيل جيڪا موجود هئي، اها رونق اسلام جي ڪنڊ ۽ شاهه ڀٽائي هال (جيڪو پهرين گئو شالا هو، ان جو ذڪر وري ڪڏهن) جي ڪنڊ تي هئي. افسوس ته اهي سڀ مسمار ڪيون ويون ۽ انهن تي قبضا ٿيندا ويا. هتر انهن سبيلن کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ باقي بچيل ڪجهه سبيلون، جن جون تصويرون اسان جي دوست صحافي مرحوم اختر بلوچ ڊان ۾ پنهنجي بلاگ لاءِ ڪڍيون هيون، اهي حوالي لاءِ شامل آهن.

ڀٽو صاحب جي شروعاتي دور ۾ آتمارام پريتم داس روڊ کي کوٽي نئون روڊ وجهڻ جي اسڪيم بڻي ۽ گڏوگڏ لياري جي علائقي کي ليز ڏيڻ جو عمل. هاڻي ٿيو ايئن ته کارادر کان بغدادي تائين هي سڙڪ سڌي آهي، جڏهن ته بغدادي ۾ هالا جي هڪ شخص جمعہ هالو پنهنجي مرشد پير طالب المولي کان سفارش ڪرائي پنهنجي بلڊنگ، جيڪا سڙڪ جي وچ ۾ اچي رهي هئي، اها ليز ڪرائي ورتي. اهڙي طرح جڏهن سڙڪ بڻي ته ان کي سياسي زور تي سڌو رکڻ بدران هڪ وڏو موڙ ڏنو ويو ۽ اڄ تائين ان جاءِ تي هميشه ٽريفڪ جام رهندي آهي.

ميئر عبدالستار افغاني جي دور ۾ ڀائي سڳورن کي آتمارام پريتم داس جي نالي کان چڙ ٿيڻ لڳي ۽ اها قرارداد پيش ڪئي وئي ته هن روڊ جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي روڊ رکيو وڃي. جڏهن اخبار ۾ ان تي اعتراض گهريا ويا ته مون هڪ لکت ۾ اعتراض جمع ڪرايو ته هن سڙڪ جو نالو آتمارام پريتم داس صاحب جي هن علائقي جي ماڻهن جي خدمتن سبب تبديل نه ڪيو وڃي، بلڪه ان کان به وڏي روڊ ماڙيپور جو نالو شاهه عبداللطيف رکيو وڃي، پر نقار خاني ۾ طوطي جو آواز دٻايو ويو ۽ آتمارام پريتم داس روڊ شاهه عبداللطيف ڀٽائي روڊ بڻجي ويو. هاڻي ان جو هيءُ حال آهي ته جنهن روڊ تي انسان ته انسان پر پکي پکڻ ۽ جانور بہ پيئڻ جي پاڻي سان سيراب ٿيندا هئا، اڄ اسان جا ٻار پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سِڪن ٿا ۽ سوچين ٿا ته اسان ڇا وڃايو آهي ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي؟

_______________

ابراھيم صالح محمف ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button