Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: خبر ناھي اڃان ڪيستائين!!! (مختصر ڪھاڻي)

هُو خالي هٿين گهر آيو. گهر اندر ٻار بُک ۾ ماٺ هئا. گھر ۾ خاموشي ڇانيل ھئي. اُها ماٺ ڪنهن قبرستان کان وڌيڪ خوفائتي هئي. ان گھڙيءَ در کڙڪيو. پاڙي جي ھڪ گھر مان خيرات جا چانور آيا. نصيرہ چڻن ۾ رڌل چانورن جي پليٽ قدير اڳيان رکي ، پر ھُن اھا پليٽ ٽنھي ٻارن کي کائڻ لاءِ ڏني ۽ پاڻ پاڻيءَ جو گلاس پي ھڪ کٽ تي سمھي رھيو. قدير جي اندر ۾ طوفان متل ھو. اهو طوفان جيڪو بک، مهانگائي ۽ ناانصافيءَ مان جنم وٺندو آهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميرا نور

ھن ملڪ کي ڏسي اندر سڙي ويو آھي. نه نه ملڪ کي نه ھنن حڪمرانن کي ڏسي ۽ روز روز ساڳي بڪواس ساڳيا بھانا ساڳيا ڪوڙَ ٻُڌي ٻُڌي ٿڪجي پيا آهيون. سدائين اھيو ئي جملو ته عوام ڪو قرباني ديني پڙيگي، عوام قرباني ڪي ليئي تيار رھي.  

اڙي ابا ڪھڙي قرباني؟ ڇا جي قرباني؟ ڪيتري قرباني؟

بس عوام قرباني ڏي…..!!!!؟

ھي حڪمران صرف کائڻ لاءِ آھن ؟ لٽڻ لاءِ آھن؟ عوام جو رت چوسڻ لاءِ آھن؟

رت به ته چوسي چڪا آھن، بچيو ڇا آهي عوام وٽ!!!!؟

پگھارون ھنن جون وڏيون، پيٽرول، گئس ۽ بجلي ھنن کي مفت، وڏيون وڏيون شاندار گاڏيون، ھيلي ڪاپٽر ۽ جھاز به ھنن کي مليل، ٺھيل ٺڪيل بنگلا ھنن لاءِ آھن، بورچي، چوڪيدار، ڊرائيور، مالھي سڀ سرڪاري پگھار تي ڪم ھنن جا ڪن، سڄي دنيا ۾ گھمڻ ڦرڻ ايتري تائين جو حج عمرو به سرڪاري خرچ تي، سو به آڪھ سوڌو ڪن، دارو درمل به سرڪار ڪرائي ۽ وڏي ڳالھ اھا ته لکين ڪروڙين روپيا قرض کڻڻ ۽ معاف ڪرائڻ جو سُک/سھولت به کين مليل آھي.

 ڇا ڳڻائي ڇا ڳڻاياڻ ھنن جون عياشيون. پوءِ به اھا بڪواس ٻڌڻي ٿي پوي ته قربانيءَ لاءِ تيار رھو.

مان ته چوان ٿو آئين ۾ ترميم ڪري نئين شق آڻيو جنھن ۾ ھرسال غريب ماڻھوءَ جي قربانيءَ کي حلال/جائز قرار ڏنو وڃي ۽ اھڙي طرح لکين غريب ھڪ ڏينهن ۾ فنا ٿي ويندا ۽ حيوانن کي کائڻ لاءِ ججھو گوشت به ملي پوندو…….

ان آخري جملي تي سندس زال نصيرہ روڪيندي چيس ته قدير ڇا ٿو ڳالهائين!؟

قدير جون اکيون ڳاڙهيون هيون. ڪاوڙ ۾ اکيون ڇت ڏانهن ڪري چيائين ته ڏس ڏس پکي مان گرم هوا نڪري رهي آهي. لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن ٻرندڙ تنور ۾ ويٺا آهيون،،،،،،، اوھو،،،، ڏس بجلي وري هلي وئي………..گئس آهي ڪو نه، يو پي ايس بجلي جي جهٽڪن ۾ سڙي ويو، جنريٽر جيترا پئسن ڪونھن، سولر تي به ٽيڪس ھڻي ويٺا آهن بس جيئڻ حرام آ، حرام آ.

دل ته چوي ٿي رڻ ٻاري ڇڏيان ھر شئي سڙي رک ٿي وڃي، نه شيون ھونديون نه حڪمران  طبقو سکَ وٺندو…..

نصيرہ ڪاوڙ ۾: ھا ھا وڃ وڃ ڏي باھِ، تون ملڪ کي باهيون ڏيندين ۽ اسان کي سکَ ملندا!!!!

قدير ، ھا ھا ھڪ ڏينھن ويندس اھو ڪم ڪري ڏيکاريندس. بس مون کي پويان فون نه ڪجانءِ ته ٻار روئن ٿا گھر ۾ اٽو گيھ ڪونھي،

نصيرہ ھا اھو ڪم ته ڪندس………… بلڪه پريس ڪلب ويندي سانءِ ٽئي ٻار وٺي………..

قدير، ٻن آڱرين جو بجو ڏيندي چيس ته شرم نه ايندئي……!؟

مان ته ملڪ لاءِ سوچان ٿو ۽ تون بڪ بڪ پئي ڪرين.

نصيرہ،  مان جيڪو ڪجھ ڪندس پنھنجي ٻچن لاءِ ڪنديس ۽ پنھنجي لاءِ به………..

قدير، اھو ئي ته الميو آهي اسان جي قوم جو. ھر ڪو پنھنجي ۽ پنھنجي پيٽ جي سوچي ٿو .ڪنھن کي به ڌرتيءَ جي وسيلن جي ڪا ڳڻتي ئي ڪانھي، اسان لکين ڪروڙين ماڻهو حڪومت کي روزانو اربين رپيا ٽيڪس ڏيون ٿا بدلي ۾ اسان کي ڇا ٿو ملي؟

مھانگائي، لوڊشيڊنگ ، ٽينشن، بيماريون، بيروزگاري، بک، قتل و غارت، اغوا ، چوريون ، ڪوڙ، ٺڳي ۽ ناانصافي …….ظلم آ سراسر ظلم آ ھن ملڪ ۾ ،،،،،،،

 نصيرہ: قدير تنھنجون سڀ ڳالهيون صحيح، واقعي ظلم آھي، رڳو ناحق، پر ھن مھل ڇا ڪيان؟ رميز ته سمھي ئي نه ٿو. منجھند کان ڪجھ ڪو نه کاڌو اٿس!

چئن سالن جو رميز: امان ھاڻي ماني ڪونھي!؟ سڀاڻي ماني ھوندي!؟

نصيرہ قدير ڏانھن ڏٺو ۽ قدير ٽنھي ٻارن ڏانهن ڏٺو پر خاموش رھيو

نصيرہ: ها پٽ….. تنهنجو بابا آهي نه ……..!

 ان وقت قدير جي کيسي ۾ فقط پنج روپين وارا ٻه سڪا هئا ۽ اکين ۾ پاڻي………..

قدير هڪ نجي ڪمپنيءَ ۾ چوڪيدار هو مهيني جي پگهار ايتري جو مهيني جي ڏهين ٻارھين تاريخ کانپوءِ ساھ به قسط تي کڻڻو ٿو پويس، پر هاڻي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون هيون. جڏھن کان ھن حڪومت پيٽرول مهانگو، گئس مهانگي ڪري اٽو، کنڊ، گيھ، چانور، دال مطلب هر شيءِ غريب جي پهچ کان پري ڪري ڇڏي آهي تڏھن کان جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي!!!

صبح جو جڏهن هُو موٽر سائيڪل کي ڌڪو ڏئي ڏئي پيٽرول پمپ تائين پهتو ته اتي وري نوان اگھ ڏسي دل ويهي رهيس. پمپ وارو ڄاڻ سُڃاڻ وارو ھيس. چيائينس: ڀاءُ سئو رپين جو وجهي ڏي پگھار تي پئسا ڏيندومانءِ،

پمپ واري کلي چيس ته ادا سئو رپين ۾ هاڻي هوا به نه ٿي ملي، پئٽرول ڪٿان ملندو؟

قدير  پمپ واري کي ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته اڄ قرب ڪر سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.

هو آفيس پهتو ته مالڪ پهرين ئي ڪاوڙ ۾ هو.

قدير َدير ڇو ڪيئي؟

قدير ڪنڌ جهڪائي چيو سائين… پيٽرول…….

اهي بھانا مون کي نه ٻڌاءِ ڪم ڪرڻو اٿئي ته ڪر نه ته ٻيا سوين بي روزگار ويٺا آهن. مون کي توکان بھتر ماڻھو ملي ويندو، ھي آخري وارننگ اٿئي. اڳتي مون کي ميار نه ڏجان. ھل پنهنجي ڊيوٽي ڪر……..

قدير پنھنجي رات واري تقرير تي سوچيو ته واقعي هي ملڪ هاڻي انسانن  جي رھڻ جو ناھي رهيو. هتي رڳو ڪرسيون زندھ آهن ۽ مفاد…!

سج لٿي مھل گهر موٽندي هن رستي تي دڪان تان اٽو، گيھ ۽ دال وٺڻ لاءِ دڪاندار کي منٿ ڪئي پر دڪاندار کيس اھو چئي اوڌر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اڳي ئي نو هزارن جو قرضي آهين. گھٽ ۾ گھٽ اڌ رقم ڏي پوءِ ڀلي ڪجھ سامان کڻي وڃ.

دڪاندار: يار قدير اسان به مارڪيٽ مان روڪ سامان وٺون ٿا. تون پاڻ ٻڌاءِ اسان آخر ڪيتري اوڌر ڏيون. مٿان مهانگائيءَ اسان جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. ايترا ڏوڪڙ ڪونهن جو ملڪ ڇڏي ھليا وڃون. معاف ڪجانءِ يار قديرَ اسان پاڻ پريشان آھيون.

هو خالي هٿين گهر آيو. گهر اندر ٻار بک ۾ ماٺ هئا. اُها ماٺ ڪنهن قبرستان کان وڌيڪ خوفائتي هئي.

نصيرہ چپ، قدير چپ. گھر ۾ مڪمل خاموشي ھئي. ان گھڙيءَ در کڙڪيو پاڙي جي ھڪ گھر مان خيرات جا چانور آيا. نصيرہ چڻن ۾ رڌل چانورن جي پليٽ قدير اڳيان رکي  پر قدير اھا پليٽ ٽنھي ٻارن کي کائڻ لاءِ ڏني ۽ پاڻ پاڻيءَ جو گلاس پي ھڪ کٽ تي سمھي رھيو. نصيرہ ٻارن کي ڏسندي دل ۾ دعائون گھرڻ لڳي ته الله ڪري ان ھڪ پليٽ مان ٽنھي ٻارن جو پيٽ ڀرجي.

قدير اکيون بند ڪري سوچيندو رهيو ته هن ملڪ ۾ هاڻي اسان غريبن جي قسمت ۾ صرف اعلان بچيا آهن. جيڪو اچي ٿو بس اعلان ڪري آسرا ڏئي ووٽ وٺي اسان کي عمر ڀر لاءِ تڪليفن ۾ وجھي ھليو ٿو وڃي ۽ اسان غريبي کان ڇتي غربت ۾  گھلبا پيا وڃون ………..!!!!

آسمان تي صُبح کان ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن پر مينهن ھن مھل تائين ناھي وسيو. لڳي ٿو ھي به حڪومت جي انهن اعلانن وانگر آ. عوام جي زندگيءَ ۾،  رُڳو اچڻو آهي ڪرڻو ڪجھ به ناھي!

نصيرہ ۽ قدير سڄي رات بک جي ڪري ننڊ به نه ڪري سگهيا جنھن مھل بک لڳي ان گھڙيءَ پاڻي پيئن پر ڪيترو!!!!!؟

ٻئي خاموش، گھر خاموش، پاڙو خاموش، شهر خاموش پر قدير جي اندر ۾ هڪ طوفان جاڳي رهيو هو.

اهو طوفان جيڪو بک، مهانگائي ۽ ناانصافيءَ مان جنم وٺندو آهي، جيڪو حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري پيدا ٿيندو آهي ۽ جيڪو پنھنجن کي ورسائڻ جي ڪري وڌي وڻ ٿي ويندو آهي پر مان اڪيلي سر ڇا ٿو ڪري سگھان؟ جيستائين قوم نه ٿي گڏجي!!  ھلو جيستائين قوم گڏ ٿئي تيسيتائين ڇا ڪجي؟ بک جي جھان کي ڪيئن منھن ڏجي؟ قرض مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟

سڄي رات ان ڪشمڪش ۾ گذري ته وئي پر وري صبح ساجھر ساڳيا ٽڪر ساڳ سان وارو نظارو برداشت کان ٻاهر ھيو. ٻارن اُٿندي ئي بک بک جي رڙ لائي. ڏني نصيرہ ٻارن کي سمجهائيندي چيو: اڄ جو ڏينهن صبر ڪريو. بابا آهي نه. شام جو سڀ ڪجھ اچي ويندو……….

نصيرہ جي ان جملي تي قدير وڏي رڙ ڪئي ۽ چيائين ته ڇو ٿي ٻارن کي گمراھ ڪرين ؟ سڌو سنئون ٻڌاءِ ته اسان غريبن وٽ ھڪڙو ئي ڏينھن ھوندو آھي. ڪلھ به اھو ئي ڏينهن ھو، اڄ به اھو ئي آھي ۽ سڀاڻي به اھو ئي ھوندو……….ڇو ته بابا قرض ۾ ورتل آهي ۽ ڪو به اوڌر نه ٿو ڏيس…….!!!!!!

ننڍڙي لاڪون اھو ئي ڏينهن پيو ھلي نصيرہ

ڏاڏا کان خرچي گھرندو ھيس ته چوندو ھيو اڄوڪو ڏينهن ڇڏ سڀاڻي ڏيندو سانءِ ،،،،،،،

بابا کي چيم ته عيد تي ڪپڙا وٺي ڏي ته بابا چيو ھن عيد ڏهاڙي تي پراڻو سُراڻو جوڙو پائي گذارو ڪر، مٿين عيد تي شھر مان تو لئه ڀلو وڳو وٺي ايندس،،،،،،،،،

ڇھين درجي ۾ اٺن ڏينهن کان ڇڳل جُتي پائي ھلندو ھيس. نيٺ ھڪ ڏينھن ھجت ڪري چاچا کان پنج روپيا گھريم ته چاچا ھڪ عدد ڪچي گار سميت جوتو وھائي ڪڍيو،،،،،،،

نصيرہ

 منهنجي زندگيءَ مان اھو ڏينهن ناھي نڪتو. مان اڃان به ان ڏينهن ۾ ڦاٿل آھيان خبر ناهي اڃان ڪيستائين………!؟اڃان ڪيترو…….!؟

ڳوڙھا ڳوڙها سڄو گھر ڳوڙها.

_________________

Humaira Noor-TheAsiaN

حميرا نور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار،  ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندن چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button