Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جڏھن سنڌ جي ھڪ پوليس آفيسر ڏوھارين کي پناھ ڏيندڙ سياستدانن کي وائکو ڪيو

ڊاڪٽر ثناء اللہ عباسي جڏھن شڪارپور جو ايس ايس پي ھو تہ ھُن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي هڪ خط ۾ ٻڌايو هو ته ان وقت ڪهڙا با اثر سياسي ماڻهو ڏوھارين کي پناهه ڏين ٿا ۽ جيڪي سندن آشيرواد سان ڏوھ ڪندا هئا ۽ انهن سياستدانن جي ڇانوَ ۾ رهندا هئا۔ ان خط جو بنيادي مقصد اهو هو ته ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سيشن  جج کان انهن نامزد سياستدانن جي گرفتاريءَ جي اجازت گهري هئي۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل ڪيريڪيچر

نسيم بخاري

زندگيءَ جو اصل حُسن عهدن، پروٽوڪول ۽ ڏيکاءَ ۾ نه، پر عاجزي ۽ سادگيءَ ۾ آهي۔ خيبر پختونخوا ۾ مقرري دوران هڪ عام هوٽل تي بنا ڪنهن پوليس پروٽوڪول جي ڊاڪٽر ثناءُالله عباسيءَ جو چانهه پيئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وڏا عهدا انسان کي وڏو ناهن بڻائيندا، پر سندس ڪردار ۽ اخلاق ئي کيس عظمت بخشيندو آهي۔ هوٽل جي مالڪ کي به خبر نه ھوندي هئي ته چانهه پيئندڙ شخص صوبي جو آءِ جي آهي۔ زندگي هميشه سادگي، خلوص ۽ انسانيت سان گذارڻ گهرجي.

ايئن ناهي ته هُو رڳو هڪ ئي هوٽل تي ويندو ۽ ويھندو ھو، پر ٻين هنڌن تي به ويندو رهندو هو. سندس مقصد اهو هوندو هو ته هُو ڳجهي نموني ماڻهن جا احساس ۽ رايا معلوم ڪري سگهي ته ماڻهو پوليس بابت ڇا سوچين ٿا ۽ انهن جا تجربا ڪهڙا آهن.؟

ماڻهن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ روپ بدلائي يا عام شهري بڻجي عوام ۾ وڃڻ جو اهو انداز صرف ثناءُ الله عباسيءَ تائين محدود نه رهيو آهي، پر مختلف دورن ۾ مختلف کاتن جا ڪيترائي ايماندار، فرض شناس ۽ عوام دوست آفيسر به اهڙو طريقو اختيار ڪندا رهيا آهن، ته جيئن هو زميني حقيقتن کان واقف ٿي پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهن.

پوسٽنگ دوران  عباسي نه ڪڏهن ڪنهن وڏيري جي بنگلي تي ويو، نه ڪنهن بااثر شخص جي در تي حاضري ڀريائين. حالتون اهڙيون ٿيون جو وڏيرا به کيس فون ڪرڻ جي جرئت نه ڪندا هئا۔ جنهن انسان جي دل وڏي هجي، جيڪو بهادر هجي ۽ پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ پوسٽنگ يا بدلين جي پرواهه نه ڪري، تاريخ اهڙن ڪردارن کي هميشه ياد رکندي آهي۔

فخر ۽ واکاڻ جوڳي ڳآلھ آهي ته ڊاڪٽر ثناءُالله عباسي سچ ۽ اصولن جو ساٿ ڏنو، ڪنهن جي آڏو جهڪيو نه، ۽ عزت، وقار توڙي خودداري سان زندگي گذاري۔

ھن  جيڪڏھن ڪنڌ جهڪايو ته رڳو الله تعاليٰ جي آڏو، باقي هر ميدان ۾ سر بلند ڪري هلندو رهيو۔

گذريل ڪجهہ ڏينهن کان  ڳچ سال اڳ شايع ٿيل هڪ خبر جو سوشل ميڊيا تي گهڻو چوٻول آهي، جنهن ۾ شڪارپور جي ايس ايس پي ڊاڪٽر ثناء اللہ عباسي طرفان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي لکيل هڪ خط جو حوالو ۽ ان جي تفصيل ڏني وئي آهي۔ ان خط ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان وقت ڪهڙا سياسي بااثر ماڻهو ڏوھارين کي پناهه ڏيندا هئا يا انهن جي آشيرواد سان ڏوھ ڪندا هئا يا اهي ڏوهاري انهن سياستدانن جي ڇانوَ ۾ رهندا هئا۔ ان خط جو بنيادي مقصد اهو هو ته ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سيشن  جج کان انهن نامزد سياستدانن جي گرفتاري جي اجازت گهري هئي۔

جڏهن اهو خط ذريعن وسيلي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سياستدانن جي تصويرن سان گڏ  شايع ٿيو ھو ته ان وقت وڏي ڌُم مچي وئي هئي۔ اسان کي اهو ته پتو ناهي ته ان وقت ايس ايس پي ثناءُ الله عباسيءَ جو اهو قدم ڪيترو درست ۽ قانوني  هو، پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته سندس اها ڪوشش سندس جذبي ۽ احساس جي جھلڪ ضرور هئي، جنهن ذريعي سماج ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي۔ هن جيڪو پنهنجي ضمير موجب صحيح سمجهيو، اهو ڪري ڏيکاريو ھو۔

اهو عمل رڳو خط لکڻ تائين محدود نه هو، پر عملي طور به هن اهڙا قدم کنيا جو شڪارپور ۾ قبيلائي جرڳن تي مڪمل پابندي لڳي وئي ۽ بااثر ماڻهو شهر کان ٻاهر وڃي جرڳا ڪندا هئا۔ ڪيترائي سياستدان، جن تي ڪيس داخل هئا يا جيڪي ماضي ۾ گهربل هئا، سي سندس دور ۾ پنهنجي علائقن ۾ اچڻ کان به ڪيٻائيندا هئا۔ ان وقت جي اخبارن جو جائزو وٺجي ته فرنٽ پيج تي وڏي هيڊ لائن اڪثر ڊاڪٽر  ثناء اللہ عباسي ۽ سياستدانن جي ٽڪراءَ بابت هوندي هئي۔

ثناءُ اللہ عباسي

ڊاڪٽر ثناء اللہ عباسي شڪارپور ۾ ٻه ڀيرا ايس ايس پي رهيو ۽ هن عوام جي دلين تي راڄ ڪيو، هڪ عوامي ايس ايس پي طور پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي۔ هو بنيادي طور انسان آھي، تنهنڪري هن ۾ خاميون به ٿي سگهن ٿيون ۽ خوبيون به، پر سندس نالو انهن آفيسرن ۾ ڳڻجي ٿو جن ماضيءَ ۾ ڪميونٽي پوليسنگ کي ھٿي وٺرائي آھي۔ هُو عام ماڻهن، پڙهيل لکيل ماڻهن، صحافين ۽ اديبن کي عزت ڏني ۽ محبت سان پيش آيو۔

ان دور ۾ پي ٽي سي ايل جا ٽيليفون به محدود هئا۔ هڪ شهريءَ جي زور ڀرڻ تي جڏهن مان ساڻس ملڻ ويس ته  ڪم ٿيو يا نه، اهو ياد ناهي، پر اهو ياد آهي ته هن  گاڏي موڪلي مون کي آفيس ۾ گهرايو ۽ بعد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ٽي ڪلاڪ ويهاري ڪچھري ڪئي ھئي۔ جڏهن کيس منهنجي باري ۾ ٻڌايو ويو ته هن چيو ته اڳ ۾ ڇو نه ٻڌايئي ته تون شاعر ۽ ڪالم نگار آهين۔ مون کيس چيو ته مان هڪ شهري طور اوھان وٽ آيو هئس، صحافيءَ طور نه، ڇو ته سماج ۾ صحافين بابت جيڪو تاثر آهي، اهو گھڻو مثبت  ناهي، ۽ زرد صحافت به وڏي پيماني تي موجود آهي۔

اسان جي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻه ڀيرا چانهه گهرائي وئي ۽ وڏو موضوع شيخ اياز، سندس شاعري، شخصيت ۽ سماج تي ان جو اثر هو۔  ثناء اللہ عباسي ڪاروڪاري جهڙي حساس مسئلي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال شڪارپور ۾ سيمينار به ڪرايو ۽ جگن ناٿ لائبريري (جنهن کي بيدل پبلڪ لائبريري به چيو وڃي ٿو) ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ پروگرام ۾ پڻ آيو۔ سندس ليڪچر جو عنوان “ڏوھ ۽ سزا” هو، جنهن ۾ ڏوھن جي سببن ۽ نتيجن تي تفصيلي ڳالهايو ويو۔

هڪ دور هيو ايس ايس پي ثناءُالله کان چڱا ڀلا ڪنڌ هڻندا ها….

هن وقت جا ڪامورا ويچارا ڀوتارن جا ڊرائيور ٿيڻ تي به فخر پيا  محسوس ڪن…

ان وقت جي صحافت به مضبوط هئي بنگلن جي واٺا گيري کان ڪوه پري هوندي هئي. قلم جي طاقت آڏو ڪامورا توڙي ڀوتار مک جيتري اوقات رکندا هئا…

ھاڻ قلم ۽ ڪردار گھڻي حد تائين مزاحمت وساري ويٺا آھن.

بااثر ماڻهن وٽ  حڪومتي طاقت سان گڏ ناجائز پئسن جو غرور ۽ بي شمار وسيلن جو نشو ھو ، هنن ثناءُ الله عباسيءَ کي اڪيلو ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي هئي۔

ثناءُ الله عباسيءَ جي مقابلي ۾ سڀ سياستدان، بااثر ماڻهو ۽ ڏوهاري گڏ ٿي ويا هئا، ايتري حد تائين جو ڏوهارين سندس قتل لاءِ وڏي رقم جو اعلان به ڪيو هو۔

جڏهن  ايف ،آءِ اي ۾ کيس  ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ جبري موڪليو ڪيو ويو، تڏهن  اختيارين کان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پڇيو ھو ته هن کي ڇو بدلي ڪيو ويو، جڏهن ته هو ايماندار هو ۽ اختيارين جي ناجائز ڳالهين کي نه مڃيندو هو.

عزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيسن ۾ نواز شريف خلاف وڏي تعداد ۾ ثبوت گڏ ڪندڙ ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي خلاف نون ليگ جي حامين طرفان باقاعده مهم هلائي وئي، جنهن جو مقصد سندس ڪردارڪشي ڪرڻ ۽ ذھني طور پريشان ڪرڻ هو.

شهباز شريف جي حڪومت قائم ٿيندي ئي، ثناءُ الله عباسي انهن پهرين آفيسرن مان هڪ ھو، جيڪو نشانو بڻيو. چيو وڃي ٿو ته مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته نواز شريف خلاف موجود ثبوتن ۽ جاچن کان پوئتي هٽي وڃي يا انهن کي ختم ڪري، پر هن اھو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

ان کان پوءِ 22 اپريل 2022ع تي کين پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ساڳئي وقت، نون ليگ جي سوشل ميڊيا ونگ سان لاڳاپيل ڪارڪنن کي به سرگرم ڪيو ويو ته جيئن ثناءُ الله عباسي خلاف منفي پروپيگنڊا هلائي  نه رڳو سندس دلشڪني ڪجي، پر ٻين ڪامورن لاءِ به هڪ پيغام ڏيڻ هو ته هو به هر نئين حڪمران ۽ طاقتور ڌر جي خواهشن آڏو سر جهڪائڻ تي مجبور ٿين.

رٽائرمينٽ کان پوءِ، هن ڪاروبار يا ٺيڪيداري ۽ نوڪري  ڪرڻ بدران سماج کي پنھنجا تجربا ۽ مشاھدا  ڏيڻ لاءِ علمي شعبي (اڪيڊيميا) سان لاڳاپو قائم ڪيو آھي۔

افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ثناءُ الله عباسي کي پنهنجي ئي کاتي طرفان همٿ افزائي بدران انتهائي ڏکوئيندڙ تجربن مان گذرڻو پيو۔

 ثناء اللہ عباسي جڏهن وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن خلاف قدم کنيا ته ان جو تلخ نتيجو به ڀوڳڻو پيس۔ هو بدعنوان نه هو، تنهنڪري عدالتي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مسئلا به ڀوڳيائين، ڇو ته بااثر ماڻهن سندس خلاف مختلف هنڌن تي ڪيس داخل ڪرايا۔

ھڪ الزام  آهي ته آخر ۾ هن ڪنهن حد تائين مصلحت اختيار ڪئي، پر جيڪڏهن اهو درست به هجي ته اهو صرف هڪ فرد جي ڪمزوري نه هئي، پر سماج جي مجموعي ڪمزوري هئي، جيڪو ظالم جي مخالفت ڪرڻ کان گهٻرائيندو آهي۔ اسان جو سماج اڪثر طاقتور سان گڏ بيهي ٿو، ڀلي اندروني طور ان کي غلط سمجهي، پر کلي مخالفت ڪرڻ کان ڊڄي ٿو۔

اسان صديون غلامي واري سماج ۾ رهيا آهيون، تنهنڪري غلامي اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي۔ اسان اصولي ماڻهن کي عزت نه ڏيندا آهيون، جڏهن ته طاقتور ۽ دولت مند ماڻهن کي عزت ڏيندا آهيون، ڀلي اهي ڪردار ۾ ڪمزور ڇو نه هجن۔

اها باڪس نيوز جنهن به ٻيهر شيئر ڪئي، ان سٺو ڪم ڪيو، ڇو ته ان سان اڄ جي آفيسرن کي به پيغام ملي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي عهدي، ڊگري ۽ ورديءَ جي عزت کي بچائن۔ اها رپورٽ اسان جي دوست مرحوم  امير بخش بروھيءَ تيار ڪئي هئي، جنهن جي تعليم گهڻي نه هئي، پر سندس بهادري ۽ جرئت قابلِ تعريف هئي۔ هن خبر تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو۔

اڄ جي صحافت ۾ گهڻا ماڻهو بااثر ماڻهن جي خوشامد ۾ لڳل آهن ۽ مفادن لاءِ چاپلوسي ڪن ٿا، جنهن سان شايد کين فائدو ته ملي ٿو، پر تاريخ  داغدار  ٿئي ٿي۔

 اها باڪس نيوز اڄ جي سياستدانن ۽ بااثر ماڻهن لاءِ به هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ اهي پنهنجي ماضيءَ کي ڏسي پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي طئہ ڪري سگهن ٿا۔

____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button