گند سنڀالڻ جو بہ ھڪ ڏانءُ ھوندو آھي
اولهه جي ملڪن ۾ گهر هجن يا آفيسون، هوٽلون هجن يا ريسٽورنٽس، گهٽيون هجن يا باغ هر هنڌ ڪچري جا دٻا موجود هجن ٿا.
هر گند هڪ جهڙو ناهي جنهن جي ڪري ان کي مختلف ۽ مخصوص دٻن ۾ وڌو وڃي ٿو. جيئن شيشو الڳ ته لوهه الڳ، پلاسٽڪ الڳ ته پاٺا ۽ پنا الڳ، ڌاتو الڳ ته بيٽريون الڳ، اها لسٽ وڏي ٿي سگهي ٿي.
گند ڪِچري کي الڳ ڪرڻ جي اهميت ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سنجيدگي سان عمل ۽ اسان جي معاشري ۾ پوئتي رهڻ جا سبب
عبدالله عثمان مورائي
ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي پاڙي ۾ هڪ عورت کي سندس ٽن چئن سالن جي پٽ کي ٻاهر رکيل گند يا فضلي جي مختلف دٻن ۾ شين کي پنهنجي پنهنجي مخصوص دٻن ۾ وجهندي ڏٺو. ٻار تمام گهڻي دلچسپي سان هر هڪ شئي کي الڳ الڳ ڪري مختلف دٻن ۾ وجهي رهيو هو. ٻار وڏن مان سکن ٿا ۽ انهن کي جيڪو سيکاريو ويندو اهي اهو ئي ڪندا.
هتي اولهه جي ملڪن ۾ گهر هجن يا آفيسون، هوٽلون هجن يا ريسٽورنٽس، گهٽيون هجن يا باغ هر هنڌ ڪچري جا دٻا موجود هجن ٿا. هر فضلو يا گند هڪ جهڙو ناهي جنهن جي ڪري ان کي مختلف ۽ مخصوص دٻن ۾ وڌو وڃي ٿو. جيئن شيشو الڳ ته لوهه الڳ، پلاسٽڪ الڳ ته پاٺا ۽ پنا الڳ، ڌاتو الڳ ته بيٽريون الڳ، اها لسٽ وڏي ٿي سگهي ٿي.

اڄ جي دنيا ۾ ماحولياتي تحفظ رڳو هڪ نظرياتي ڳالهه نه، پر انساني بقا لاءِ هڪ لازمي عمل بڻجي ويو آهي. فضلي جو وڌندڙ ڍير، پاڻي ۽ زمين جي آلودگي ۽ قدرتي وسيلن جي گهٽتائي اسان کي مجبور ڪري چڪا آهن ته اسين پنهنجون عادتون بدلائيون. انهن عادتن ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڳالهه فضلي کي الڳ ڪرڻ (waste sorting) آهي، جنهن جو مطلب آهي ته گهرن، آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ پيدا ٿيندڙ فضلي کي شروعاتي مرحلي ۾ ئي ڌار ڌار ڪرڻ ته جيئن ري سائيڪل ٿيندڙ شيون، کاڌي جو فضلو يا خطرناڪ فضلو پنهنجي مناسب طريقي سان ٻيهر استعمال يا تلف ٿي سگهي.
ترقي يافته ملڪن ۾ فضلي کي الڳ ڪرڻ کي تمام سنجيدگي سان ورتو وڃي ٿو. ترقي يافته ملڪن جهڙوڪ سويڊن، جرمني، جاپان، ۽ ڪينيڊا فضلي کي الڳ ڪرڻ کي سماجي ذميواري، قانوني تقاضو ۽ ثقافتي عادت جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. گهڻن ملڪن ۾ سخت قانون آهن جن جي تحت فضلو الڳ نه ڪرڻ تي ڏنڊ يا سزا ٿي سگهي ٿي. مثال طور، جرمني ۾ گهرن ۽ ڪارخانن کي لازمي طور تي مخصوص رنگن وارا ڊٻا استعمال ڪرڻا پون ٿا.اسان وٽ سئيڊن ۾ به ائين ئي آهي، هر فضلي جا مخصوص دٻا آهن. يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ ري سائيڪلنگ هڪ منظم ۽ مضبوط صنعت بڻجي چڪي آهي، جتي الڳ ٿيل فضلو فوري طور ڪارخانن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو ته جيئن نيون شيون ٺهي سگهن.

ماحولياتي شعور جي ڳالهه ڪجي ته ترقي ڪيل ملڪن جي گهرن يا اسڪولن ۾ ٻارن کي ننڍپڻ کان سيکاريو ويندو آهي ته فضلو ڌار ڪرڻ سان ڌرتيءَ کي نقصان گهٽ ٿيندو ۽ وسيلن جو بچاءُ ٿيندو.
وسيلن جي بچت ۽ اقتصادي فائدي جي لاء ري سائيڪلنگ ذريعي لوهه، پلاسٽڪ، ڪاغذ ۽ شيشو ٻيهر استعمال ڪري پيداوار جا خرچ گهٽائجن ٿا ۽ قدرتي وسيلن تي دٻاءُ گهٽجي ٿو. ان سڄي عمل کي ٽيڪنالاجي ۽ ڍانچي يا سسٽم جي هجڻ ۽ سهولتن جي هئڻ ڪري جديد فضلي کي پروسيسنگ پلانٽ مان گذارڻ ۽ ڪليڪشن سسٽم کي مؤثر ۽ آسان بڻائين ٿا.
ترقي پذير ملڪن ۾ پوئتي رهڻ جي سببن کي ڏسجي ته معلوم ٿئي ٿو ته بدقسمتي سان، پاڪستان، ڀارت، ۽ بنگلاديش جهڙن ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ فضلو الڳ ڪرڻ جي عادت اڃا عام نه ٿي آهي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا مثال طور شعور جي کوٽ جنهن ۾ گهڻا ماڻهو ڄاڻ ئي نٿا رکن ته فضلي کي الڳ ڪرڻ ماحول ۽ معيشت ٻنهي لاءِ ڪيترو ضروري آهي. ٻيو وري قانوني نظام جي کوٽ ، جتي قانون موجود هوندي به، ان تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب ماڻهو ان سڄي انتهائي اهم معاملي کي سنجيدگي سان نٿا وٺن.

ٻيو يا ته وري شروع کان ئي اهڙي انفراسٽڪچر جي گهٽتائي جتي شهرن ۾ به فضلو گڏ ڪرڻ جو منظم نظام نٿو هجي، ان جي ابتڙ ڳوٺن ۾ ته اڃا به ڊمپنگ يا ساڙڻ ئي عام طريقا آهن. غربت ۽ معاشي ترجيحون پڻ ان سڄي عمل ۾ رنڊڪ وجهن ٿيون جتي ماڻهن جي ترجيح روزگار، خوراڪ ۽ رھائش جي ضرورت پوري ڪرڻ هجي، تڏهن اتي ماحولياتي ذميواريون پوئتي رهجي وڃن ٿيون.
ڪٿي ڪو ٿورو گهڻو نظام آهي به ته اهو غير منظم طريقو آهي جيئن ردي يا پاٺا وٺڻ يا گڏ ڪرڻ يا ٽين دٻي وارا پر اهو هڪ غير رسمي ۽ غير مؤثر عمل آهي. سماجي حوالي سان ڏسجي ته اسان جا رويا ۽ عادتون فضلي کي گڏ ئي ڦٽو ڪرڻ جا عادي آهن ۽ نون طريقن کي سکن سمجهڻ ۽ اپنائڻ ۾ مزاحمت ڪندا آهن.

فضلي کي الڳ ڪرڻ ۽ ان جي اهميت ۽ فائدا ڏسجن ته معلوم ٿئي ٿو ته ماحولياتي نقصان گهٽجي ٿو مثال طور زمين، پاڻي ۽ هوا جي آلودگي گهٽ ٿئي ٿي. ان سان گڏوگڏ وسيلن جو مثال طور قدرتي معدنيات، وڻ، پاڻي وغيره جو بچاءُ ٿئي ٿو. ٻيو وري توانائي بچي ٿي ڇاڪاڻ ته ري سائيڪلنگ لاءِ توانائي نئين پيداوار کان گهٽ لڳي ٿي. صحت جي حوالي سان ڏسجي ته زهرائتو فضلو مناسب طريقي سان ختم ٿيڻ سبب بيمارين ۾ گهٽتائي اچي ٿي. مزي واري ڳالهه ته ري سائيڪلنگ جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا.

جيڪڏهن اسان ڏکڻ ايشيائي سماجن ۾ فضلي جي الڳ ڪرڻ کي عام ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوء ان لاء تعليم ۽ آگاهي مهمون مثال طور اسڪولن، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي شعور وڌايو وڃي. مقامي سطح تي سهولتون مثال طور هر پاڙي ۾ الڳ ڊٻا ۽ گڏ ڪرڻ وارو منظم نظام قائم ڪيو وڃي. قانون ۽ ان تي عملدرآمد مثال طور فضلي کي الڳ نه ڪرڻ تي جرمانا ۽ پابنديون لڳايون وڃن. خانگي شعبي جي شموليت مسئلن ري سائيڪلنگ ڪمپنين کي مقامي ڪائونسلن سان شراڪت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو وڃي. ماڻهو جيڪڏهن اهو ڏسن ته پاڙيسري، اسڪول يا آفيس وارا فضلو الڳ ڪري رهيا آهن، ته هو پاڻ به ان عمل جو حصو ٿي وڃي.

حاصل مقصد ته فضلي جو الڳ ڪرڻ ڪو مغربي فئشن نه، پر انساني ۽ ماحولياتي ضرورت آهي. دنيا جي ڪيترن ملڪن پنهنجي شعور، قانون ۽ سائنسي حڪمت عملين سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فضلي کي صحيح طريقي سان ڌار ڪرڻ سان نه رڳو ماحول بچائي سگهجي ٿو، پر معيشت کي به فائدو پهچائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان پاڪستان، ڀارت، ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ هن عمل کي سنجيدگي سان اپنائيون، ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ هڪ صاف، صحتمند ۽ وسيلن سان ڀرپور مستقبل ڇڏي سگهون ٿا ـ پر اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن شعور، قانون، ۽ عملي سهولتن کي گڏجي اڳتي وڌايو وڃي.
_________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر۽ ليکڪ آھي