وچ اوڀر جي جنگ: سنڌ وارن کي جنگ جي اثرن کان بچڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻا پوندا
ھن وقت جنگ وچ اوڀر تائين محدود آھي، پر انھيءَ جا اثر سنڌ سميت پاڪستان تي بہ پوندا، بلڪ پَوڻ شروع ٿي ويا آھن. انھيءَ ڪري عام ماڻهن لاءِ اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري آهن.
جيڪڏهن ايران ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته بلوچستان جي رستي سنڌ ڏانهن ماڻهن جي لڏپلاڻ جو امڪان آهي. اها لڏپلاڻ سنڌ جي وسيلن، امن امان ۽ مقامي آباديءَ جي توازن تي اضافي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي.
نصير اعجاز

ھن وقت وچ اوڀر ۾ ھلندڙ جنگ جي ڪري تمام حساس ۽ ڳڻتيءَ واري صورتحال پيدا ٿي چُڪي آهي، جنهن تي سڄي دنيا جون نظرون آهن. ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ جنگ يقينن عالمي امن لاءِ هڪ وڏي للڪار آهي. ھن مرحلي تي ان کي ٽين عالمي جنگ تہ نٿو چئي سگھجي، ڇاڪاڻ ته سفارتي ڪوششون اڃا تائين جاري آهن، پر جيڪڏھن آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگي جنون جاري رھڻ سان ايران جون حامي ٻيون وڏيون قوتون بہ جنگ ۾ ٽپي پيون تہ وڏي تباھي ايندي.
هن صورتحال جا سياسي ۽ سفارتي پهلو انتهائي پيچيده آهن، ڇاڪاڻ ته هي رڳو ٻن ملڪن جي جنگ ناهي پر ان ۾ عالمي طاقتن جا مفاد ۽ علائقائي طاقت جو توازن شامل آهي. آمريڪا جو موقف ظاھر ۾ تہ اسرائيل جي دفاع تائين محدود رهڻ جي ڪوشش آهي، پر اھو مڪمل طور انھيءَ جنگ ۾ شامل آھي. روس ۽ چين جا ايران سان گهرا لاڳاپا آهن. اهي چاهيندا ته آمريڪا هن خطي ۾ ڦاسي، پر اهي پاڻ سڌيءَ ريت جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان في الحال پاسوڪري رھيا آھن.
پاڪستان لاءِ هيءَ صورتحال تمام گهڻي ڏکي آهي. ھڪ پاسي اھو انڊيا سان وڙھيو ويٺو آھي تہ ٻئي پاسي افغانستان سان لاڳيتو ويڙھ ھلي رھي اٿس. پاڪستان کي هڪ طرف آمريڪا ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا برقرار رکڻا آهن ته ٻئي طرف ايران سان ڏيکاءَ واري دوستي.
دنيا ۾ شروع کان وٺي جنگبندي ڪرائي امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو ادارو سدائين ناڪام رھيو آھي ۽ ھن وقت بہ انھيءَ جو ڪو ڪردار نظر نٿو اچي. ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جي پاڻ ۾ اختلافن سبب ڪا به گڏيل قرارداد اثرائتي ثابت نه پئي ٿئي، جنهن ڪري ملڪ هاڻي قانون بدران طاقت جي بنياد تي فيصلا ڪري رهيا آهن.
جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جنگ دوران جيڪڏهن ڪنهن به هڪ ڌر کان غلطي ٿي وئي يا ڪنهن وڏي شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو ويو ته پوءِ سفارتڪاريءَ جا دروازا بند ٿي ويندا. اميد ته عالمي طاقتون معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪنديون ته جيئن انسانيت کي ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي سگهجي.
مان ڪو جنگي معاملن جو ماھر تہ ناھيان، پر پنھنجي زندگيءَ ڀر جي مشاھدي جي آڌار چوان ٿو تہ اسان جي لاءِ اھميت انھيءَ ڳالھ جي آھي تہ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ جا هن خطي، خاص ڪري پاڪستان ۽ ان جي آس پاس جي معيشت تي گهرا ۽ فوري اثر پئجي سگهن ٿا. ايران ۽ ان جي آس پاس جو علائقو (ايراني نار ۽ هرمز جي پٽي) دنيا جي تيل جي فراھميءَ جو هڪ اهم رستو آهي. موجودہ جنگي صورتحال جا اثر ظاھر ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ پيٽرول جا اگھ نہ رڳو عالمي مارڪيٽ پر پاڪستان ۾ بہ وڌڻ شروع ٿي ويا آھن. ممڪن آھي تہ جلد ئي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي.
پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌڻ سان مال برداري مهانگي ٿي ويندي، جنهن جو سڌو اثر روزمره جي کائڻ پيئڻ جي شين تي پوندو. جڏهن تيل مهانگو ٿيندو آهي ته زراعت کان وٺي فيڪٽرين تائين پيداواري خرچ وڌي ويندا آهن. ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ضرورت جي شين جي رسد متاثر ٿي سگهي ٿي. مقامي سطح تي ذخيرا اندوزي جو خطرو وڌي ويندو آهي، جنهن سان عام ماڻهو جي قوت خريد متاثر ٿيندي. جنگ جي صورت ۾ سيڙپڪار پنهنجو پئسو ڪڍي محفوظ ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت گهٽجي سگهي ٿي. درآمدات مهانگيون ٿيڻ سبب ملڪي مالي خسارو وڌي سگهي ٿو. جنگ جي صورت ۾ ٻاھران ايندڙ سستي توانائي ۽ ٻيون شيون بند ٿي سگهن ٿيون. انھيءَ جو مطلب تہ پاڪستان ۽ ھتان جي عوام جي معيشت ھر لحاظ کان متاثر ٿيندي.
پر ھڪ ٻيو گنڀير مسئلو بہ آھي، جيڪو پاڪستان تي وڏو اثر وجھندو. اھو مسئلو آھي پناھگيرن جو. بلڪل ايئن جيئن 1979 کان افغانين جون لوڌون ھتي آيون، تيئن ھاڻي بہ پناھگيرن جون لوڌون اچي سگھن ٿيون. ايران ۾ اندروني بدامني پيدا ٿي ته اتان وڏي تعداد ۾ ماڻهو سرحد پار ڪري پاڪستان اچي سگهن ٿا. اهو عمل پاڪستان جي معيشت ۽ وسيلن تي هڪ اضافي بوجھ بڻجي سگهي ٿو.
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو تہ باوجود انھيءَ جي تہ ھلندڙ جنگ وچ اوڀر تائين محدود آھي، پر انھيءَ جا اثر سنڌ تي بہ پوندا، بلڪ پَوڻ شروع ٿي ويا آھن. انھيءَ ڪري عام ماڻهن لاءِ اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري آهن.
پناھگيرن جي اچڻ جي امڪانن تي سنڌ وارن کي اک پٽڻ گھرجي ڇو تہ سنڌ، خاص ڪري ڪراچي، هميشه کان پناهگيرن لاءِ پهريون ترجيحي شهر رهيو آهي. جيڪڏهن ايران ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته بلوچستان جي رستي سنڌ ڏانهن ماڻهن جي لڏپلاڻ جو امڪان آهي. اها لڏپلاڻ سنڌ جي وسيلن، امن امان ۽ مقامي آباديءَ جي توازن تي اضافي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي. سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت، معاشي اهميت ۽ ايران سان ويجهڙائيءَ سبب، اهڙي ڪنهن به عالمي بحران جا اثر هتي تمام گهرا ۽ سڌا پئجي سگهن ٿا.
اسان وڏي ھام ھڻندا آھيون تہ سنڌ ۾ مذهبي ۽ فرقيوار هم آهنگي هميشه مثالي رهي آهي. پر عملي طور انھيءَ جي اُبتڙ ٿيندو رھيو آھي. ھاڻي بہ خطرو آھي تہ خطي ۾ ھلندڙ جنگ جا اثر مقامي مذهبي جذبن تي به پئجي سگهن ٿا. پرڏيھي قوتون اهڙي موقعي تي فرقيوار ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿيون. سنڌ جي ماڻهن کي اهڙي وقت ۾ وڌيڪ رواداري ۽ اتحاد جي ضرورت پوندي ته جيئن ڪو به دشمن امن خراب نه ڪري سگهي. سنڌ تي ان جا اثر رڳو معاشي نه پر سماجي پڻ هوندا. سنڌ جي شعوري حلقن، اديبن ۽ عام ماڻهن کي گهرجي ته اهڙي صورتحال ۾ هوشياريءَ کان ڪم وٺن ۽ افواهن کان بچن.
خُدا نہ ڪري تہ حالتون وڌيڪ خراب ٿين، پر آخر ۾ مان گذارش ڪندس تہ جنگ جي ماحول ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪُوڙيون خبرون پکڙبيون آھن، جيڪي پروپيگنڊا جو حصو ھونديون آھن جديد دور ۾ انھيءَ کي مُکيہ ھٿيار طور استعمال ڪيو ويندو آھي. انھيءَ ڪري عام ماڻهن کي گهرجي ته هر خبر تي يقين نه ڪن ۽ رڳو ڀروسي جوڳن ذريعن تان معلومات حاصل ڪن. سوشل ميڊيا تي خوف پکيڙيندڙ وڊيوز يا افواهن کي اڳتي شيئر نه ڪن.
ٻيو تہ جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو هجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن کان چئن هفتن لاءِ کاڌ خوراڪ جون شيون گڏ ڪري رکڻ گهرجن. جيڪڏهن گهر ۾ ڪو مريض آهي ته ان جي ضروري دوائن جو اسٽاڪ بہ رکجي. بحران جي صورت ۾ مهانگائي وڌڻ ۽ ڪرنسي جي قيمت ڪرڻ جو خطرو هوندو آهي. انھيءَ ڪري غير ضروري خرچن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ مناسب روڪ رقم گهر ۾ موجود هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته بئنڪنگ سسٽم يا اي ٽي ايمن۾ ڪڏهن به مشڪلات اچي سگهن ٿيون.
جنگ جو خوف انسان کي ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو. انھيءَ ڪري پنهنجي خاندان ۽ پاڙيسرين سان رابطي ۾ رهو. هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو رکو، ڇاڪاڻ ته بحران ۾ سماجي يڪجهتي ئي بچاءُ جو بهترين طريقو آهي.
_____________
نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي، اديب،محقق، سنڌيڪار ۽ شاعر آھي. سندس يارھن ڪتاب ڇپيل آھن



