Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سنڌ مان ھندو نياڻين جي اغوا، زوريءَ مذھب مٽائڻ ۽ گُم ڪرڻ جا واقعا جاري

عمرڪوٽ شهر مان ڏهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل هندو نياڻي نالي صنم ڌيءَ ٽلو ميگهواڙ اڄ تائين ھٿ نہ اچي سگھي آھي  

ھڪ سماجي اداري جي نالي ۾ اھي واقعا ٿي رھيا آھن. صنم جي ڀاءُ کي شفيع آرفنيج مان واٽس ايپ تي ميسيج آيا تہ توھان جي نياڻي رضا خوشيءَ سان مذھب مٽائي اسان وٽ پھتي آھي   

سوشل ميڊيا مانيٽرنگ

عمرڪوٽ، سنڌ

عمرڪوٽ شهر مان ڏهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل هندو نياڻي نالي صنم ڌيءَ ٽلو ميگهواڙ اڄ تائين ھٿ نہ اچي سگھي آھي.

Sanam-Meghwar-Forced Conversion-TheAsiaN

ميگھواڙ اتحاد جي حوالي سان فيس بُڪ تي رکيل ھڪ پوسٽ موجب صنم ميگھواڙ صبح جي پهر عمرڪوٽ گرلس ڪاليج وڃڻ کانپوءِ اغوا  ٿي ۽ پيءُ جي فرياد تي 11 نومبر 2025 تي وومين پوليس اسٽيشن عمرڪوٽ تي ايف آئي آر پڻ داخل ٿي، پر اڄ تائين مغوي بازياب نه ٿي سگهي ۽ سنڌ پوليس پاران ڪا به پيش رفت سامهون نه اچي سگهي آهي.

پوسٽ ۾ الزام ھنيو ويو آھي تہ اغوا ڪندڙ گروهه نالي شفيع آرفنيج ۽ ويلفيئر، جنهن جي اڳواڻ ۽ هلائيندڙ هڪ عورت نالي امينه شفيع آهي، اُھا هڪ منظم طريقي سان هندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪري، پنهنجي اداري ۾ پناهه ڏئي ٿي. ۽ انھي کان پوءِ نياڻي جو ڪو به ڏس پتو نه ٿو ملي.

هن اداري جا ننڍا گروهه ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ منظم طريقي سان هندو نياڻين جي اغوا ۽ جبري مذهب تبديلي واري ڪم ۾ سرگرم آهن. هن اداري جا فرد، نياڻين جي تعليمي ادارن جي ملي ڀڳت سان رسائي حاصل ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪاليج جي انتظاميا ۽ عملو مڪمل طور تي شامل ۽ سهولت ڪار بڻيل آهي،

هن اداري جي مرڪزي آفيس ڪوئٽا ۾ قائم آهي، ۽ سندن اھي سرگرميون قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ رياست کان ڳجهيون ناهن، پر ڪير هن ڪڌي عمل جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن هن اداري جا ايجنٽ ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر توڙي ڳوٺن ۾ موجود آهن جيڪي خاص ڪري هندو نياڻين کي اغوا ڪرڻ ۽ جبري مذهب تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا، ۽ متاثر ڌر کي ڌمڪائڻ ۽ ميڊيا تي اچڻ، دانهن ۽ فرياد نه ڪرڻ ۾ اڪثر ڪامياب ٿي وڃن ٿا.

پوسٽ ۾ چيو ويو تہ هن اداري جو سوشل ميڊيا تي سرگرم هجڻ رياست لاءِ هڪ سواليه نشان آهي. هن ڪيس ۾ هندو نياڻي اغوا ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي اداري جي عملي مغويءَ جي ڀاءُ کي واٽس ايپ تي ميسيجز ڪيا ته توهان جي نياڻي محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ هُوءَ پنهنجي رضا خوشي سان پنهنجو مذهب تبديل ڪري اسان تائين پهتي آهي. انهي مان ثابت ٿي ٿو ته هتي جا مقامي سهولت ڪار شامل آهن جيڪي هن نياڻي جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هئا، جيڪي هن اداري جي سهولت ڪاري ۾ گهڻي وقت کان شامل رهيا آهن. ايترو وقت گذرڻ جي باوجود مغوي نياڻيءَ کي ڪٿي به ظاهر ناهي ڪيو ويو ۽ مائٽن کي ايترو ته خوفزده  ڪيو ۽ هيسايو ويو ويو آهي جو ڪنهن قسم جو احتجاج ڪرڻ ۽ ميڊيا تي پنهنجو موقف ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.

گھنشام نارواڻيءَ ھيءَ پوسٽ نرمل ڪمار جي وال تان شيئر ڪئي جنھن ۾ چيپ ويو ھو تہ پاڪستان دراوڙ اتحاد  جي پليٽفارم تان هن ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ رياست کي گهر ڪريون ٿا ته مغوي نياڻي کي جلد از جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ ملوث سڀني ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، ملوث اداري شفيع آرفنيج ۽ ويلفيئر اداري جي باري ۾ مڪمل جاچ  ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي ادارو نياڻين جي اغوا، جبري مذهب تبديلي ۽ انهن معصوم نياڻين جي ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ ۾ شامل آهي.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button